سڀ جي وچ ۾ تون ئي سُھين ٿو، ھَلُ ڙي ڪوُڙا !
ٻَٽاڪَ ڪيڏي وَڏي ھَڻين ٿو، ھَلُ ڙي ڪوُڙا !
ڇڏي ھيرَ کي رِڻَ پَٽَ ۾ تون ڀَڄي وِئين، پَر
رانجهوخود کي پو بہ چَوين ٿو، ھَلُ ڙي ڪوُڙا !
حيات ساري ماءُ جو کاڌَءِ، اُھا ڀُلايَئہ
اَھڙو دَڳُ پِڻ جَڳ کي ڏَسيِن ٿو، ھَلُ ڙي ڪوُڙا !
تخليق ٻئي جي، نالي پنھنجي سان ٿو ٻُڌائين
وَڏي اَدَب ۾ چوري ڪَريِن ٿو، ھَلُ ڙي ڪوُڙا !
ڪوڙي واہ واہ تي ٿو خوش ٿيِن، وِڦلين سَچَ تي
ڪڏھن بہ سَچَ جو ساٿُ نہ ڏيِن ٿو، ھَلُ ڙي ڪوُڙا !
ٽَڪو ڏئي، اوڳاڙيِن آنو، ٽَل سان ڇَل سان
ڪُپتِ ڪوڙَ جي وِچ ۾ پَليِن ٿو، ھَلُ ڙي ڪوُڙا !
ٿو غَريب غُربي جي نالي تي دانُ وَٺيِن
گهوٻي اُن ۾ گهَڻي ھَڻيِن ٿو، ھَل ڙي ڪوُڙا !
ڪيو ڀلو تو آھِہ لکن جو، اِھو چَوڻ ۾
ڪُل آبادي ڀُلي وَڃيِن ٿو، ھَلُ ڙي ڪوُڙا !
ڪُڌن ڪَمن تي پَردو چاڙھڻ خاطر، ’بندا‘
ڪَھِڙَن ڪَھِڙَن ساڻُ مِلين ٿو، ھَلُ ڙي ڪوُڙا !