عرش ۾ تارا کِڙيا ڏِسُ ڪيتِرا
چنڊَ جي مَٽُ پَر ٿِيا ڏِسُ ڪيتِرا
شيرُ ٿوري ديرِ لءِ بَس ھو سُمھيو
پو گِدَڙَ ھِڪدَم اُٿيا ڏِسُ ڪيتِرا
لاڪ ڊائون ۾ بہ ٻاھِر پيا گهُمن
مُلڪَ ۾ ماڻھوُ چَرِيا ڏِسُ ڪيتِرا
گهر وَڃڻ جي آ تَڪَڙ سَڀَ کي لَڳي
ھِڪَ مَٿان آھِن سَٿيا ڏِسُ ڪيتِرا
وقتَ سِر ظاھر نَہ سَچَ کي جو ڪَيُنِ
ھُلَ اَجايا پو اُڏيا ڏِسُ ڪيتِرا
ھرڪا شَئِہ قُدرت جي آ ڪارائِتي،
ڍوئي پَٿَر گهَرِ، چَڙھيا ڏِسُ ڪيتِرا
آ سِياسَتَ اَڄُ وَئيِ ڌَنڌو بَڻي
جَنھِن مان اَڄُ پَلجن پيا ڏِسُ ڪيتِرا
شعرَ منھنجي سان مُتاثر ٿيا جو سَڀُ
ڳالھہ اِن تي پَر سَڙيا ڏِسُ ڪيترا
يوجنائوُن جي غريِبن لءِ ٺَھيون
تِن مان ليِڊَر خود اَڏيا ڏِسُ ڪيتِرا
چوٽَ تي ھر شَخصَ پَھچڻُ ٿو گهُري
پَر رَسيِ ’بَندا‘ سَگهيا ڏِسُ ڪيتِرا