شاعري

پنھنجا پاڇا

ھن مجموعي ۾ روُمانوي عنصر گهٽ مِلي ٿو پر زندگيءَ جي تلخ حقيقتن سان وابستگي ۽ طنز ڪلاميءَ جا جهَجها مثال مِلن ٿا. طنز جو فنڪارانہ استعمال ئي کيس اَھميت بخشي ٿو. طنز جو استعمال اڪثر ساھتيہ جي مُختلف وِڌائُن –شاعري، ڪھاڻي، اُپنياس، ناٽڪ نويسيءَ کان سواءِ چِترڪاري، اَداڪاري، نقل بازي (Mimicry) ۾ بہ ملي ٿو. طنز تِکي ۽ چُڀندڙ بہ ٿي سَگهي ٿي ۽ نامعلوم اَلبت اَڻلکي بہ. ڀڳوان ٻاٻاڻي صرف عشق و محبت جا ترانا گنگنائڻ جي بجاءِ زندگيءَ جي تلخ حقيقتن جا عڪس پيش ڪرڻ جي پَھل ڪري ٿو.

Title Cover of book پنھنجا پاڇا

اُلجهائي دُنيا ساريِ غَلطيوُن ڍَڪَڻَ لڳو آ

اُلجهائي دُنيا ساريِ غَلطيوُن ڍَڪَڻَ لڳو آ
اَڳتي وَڌَڻ جي خاطِر ڇا ڇا ڪَرَڻ لڳو آ !

جيڪيِ بِہ پئي ڪَيائين چُپ چاپ ۽ لِڪائي
سي ماجرائون اَڄُ ھو ڪُجهہ ڪُجهہ سَلَڻَ لڳو آ

’مان‘ ’مان‘ اَٿاھُہ آھي فِطرَتَ ۾ ھُن جي ڀَريَلَ
ٻِئي جيِ ٻُڌَڻ بِنا ئي ڪَڪِ ٿيِ ھَلَڻَ لڳو آ

باقي نہَ اَڄُ بچيو آ لاڳاپو ڪوبہ گَھِرو
ھرڪو ئي رِشتو ناتو پَلَ ۾ ڇِڄَڻَ لڳو آ

ڪارَن ڪَمَن کي مِلَندڙَ عِزّتَ ۽ مانُ ڏِسندي
ھرڪوئي سِياھَہ رنگَ ۾ خود کي رَڱڻ لَڳو آ

وعدا ڪيا ھئائيِن جيڪي ڀَريِ سَڀا ۾
پوُرا ڪرڻَ جي بَدران ماڳھين اَلَڻَ لڳوآ

مجبوُر آھِہ ڪيڏو اِنسانُ اَڄُ جو ’بَندا‘ !
ماڻَڻَ وَڏي عُمر لءِ پَل پَل مَرَڻَ لڳو آ