شاعري

پنھنجا پاڇا

ھن مجموعي ۾ روُمانوي عنصر گهٽ مِلي ٿو پر زندگيءَ جي تلخ حقيقتن سان وابستگي ۽ طنز ڪلاميءَ جا جهَجها مثال مِلن ٿا. طنز جو فنڪارانہ استعمال ئي کيس اَھميت بخشي ٿو. طنز جو استعمال اڪثر ساھتيہ جي مُختلف وِڌائُن –شاعري، ڪھاڻي، اُپنياس، ناٽڪ نويسيءَ کان سواءِ چِترڪاري، اَداڪاري، نقل بازي (Mimicry) ۾ بہ ملي ٿو. طنز تِکي ۽ چُڀندڙ بہ ٿي سَگهي ٿي ۽ نامعلوم اَلبت اَڻلکي بہ. ڀڳوان ٻاٻاڻي صرف عشق و محبت جا ترانا گنگنائڻ جي بجاءِ زندگيءَ جي تلخ حقيقتن جا عڪس پيش ڪرڻ جي پَھل ڪري ٿو.

Title Cover of book پنھنجا پاڇا

ڪَرمَ سان ئي ليکجي ڪو اَميِرُ ٿو

ڪَرمَ سان ئي ليکجي ڪو اَميِرُ ٿو
شِڪل سان ڀل سو لڳي ڪو فَقيِرُ ٿو

ھِڪ نظر سان سَڀَ کي گهائي ٿو وِجهي
اَکِ اِشاري سان ھَڻي ڄَڻُ تيرُ ٿو

نيڻَ رَھندا ڇو سَدا ٽِمٽار ٿَس
ڳالھہ ٿوريءَ تي وَھائي نيِرُ ٿو

ڪا شَناخَتَ ڪانَ ٿَس ماحولَ جيِ
پَر لَکائي پاڻَ کي گنڀيِرُ ٿو

مانَ عزّت جي نہ پَرواہ ڪا ڪَري
ٿي وَڃي ھر جاءِ ڏِسُ کَنڊُ کيِرُ ٿو

مِٺَ مُحبّت خوُب ورِسائي کڻي
پَر تِکو اُن جو لڳي تاثيرُ ٿو

سَڀُ تہ ڳِرڪائي وَڃي ٿو پاڻَ ۾
ڄڻ لڳي اوُنھو نديءَ جو سيِرُ ٿو

ساڻُ جيڪو ڀي اَچي، نِکري پَوي
ھُن جي اَندَر ڪو لڳي اَڪسيِرُ ٿو

ڪَمَ ڪُڌا دُنيا جا سَڀ ئي جنھن ڪَيا
پاڻَ کي سو اَڄُ سَڏائي پيِرُ ٿو

راھَہ ۾ رنڊَڪَ بڻيو آھي اِئين
پيرَ ۾ ڀاسي چُڀيل ڪو ڪيِرُ ٿو

پوُرُ ھُن جو بخشي راحت ڪا گهَڙي
کِنَ ٻِئي ۾ ئي ڪري دِل چيِرُ ٿو