شاعري

پنھنجا پاڇا

ھن مجموعي ۾ روُمانوي عنصر گهٽ مِلي ٿو پر زندگيءَ جي تلخ حقيقتن سان وابستگي ۽ طنز ڪلاميءَ جا جهَجها مثال مِلن ٿا. طنز جو فنڪارانہ استعمال ئي کيس اَھميت بخشي ٿو. طنز جو استعمال اڪثر ساھتيہ جي مُختلف وِڌائُن –شاعري، ڪھاڻي، اُپنياس، ناٽڪ نويسيءَ کان سواءِ چِترڪاري، اَداڪاري، نقل بازي (Mimicry) ۾ بہ ملي ٿو. طنز تِکي ۽ چُڀندڙ بہ ٿي سَگهي ٿي ۽ نامعلوم اَلبت اَڻلکي بہ. ڀڳوان ٻاٻاڻي صرف عشق و محبت جا ترانا گنگنائڻ جي بجاءِ زندگيءَ جي تلخ حقيقتن جا عڪس پيش ڪرڻ جي پَھل ڪري ٿو.

Title Cover of book پنھنجا پاڇا

تو ڏِسي ڀي نہ ڏِٺو، ڏُکُ آھي

تو ڏِسي ڀي نہ ڏِٺو، ڏُکُ آھي
تُنھِنجو اھڙوڀَلا ڇو رُخُ آھي

ڪوئي ڪنھنجو نہ پُڇي حالُ ٿو اَڄُ
سَڀَ کي پنھنجو مِٺو ئي سُکُ آھي

اِئَن تہ آڪڙ ۾ رَھنَدو آھِہ سَدا
پاڻَ ئي ڳوٺَ جو ڪو مُکُ1 آھي

ڇو اَلائي چِرَن ٿا سَڀُ ھُن کان
ڇا سَٻاجهو تہ سندس مُکُ2 آھي !

ڀل تہ سمجهن گهڻا ٿا کيس وَڏو
سمجهَہ کان پَر وَڏو ھو مُکُ3 آھي

نِجُ لَٻاڙون ھڻي ٿو ھنڌ ئي
ڇا وَڏو ھُن تہ پاتو مُکُ4 آھي !

ڪين ٿو ڪو بہ ٻئي جو حالُ پُڇي
صِرفُ خود لاءِ ھرڪو وِکُ5 آھي


1. مکيہ، مُکي، اَھم
2. چھرو، صورت
3. موڳو، موُرک
4. مُنھن، واتُ
5. قدم، چال، رفتار، ٻرانگهہ