وَڃيِ دوُر، مونکي اُچائي ٿيِ ڪيڏو
وري پاڻِ ئي ڏِس مَڃائي ٿيِ ڪيڏو
مِلي روبرو جي، وَڃي مُنھن ڦِرائي
اَچيِ خوابَ ۾ پَر سَتائي ٿيِ ڪيڏو
چَوي،’ٻيا بہ شائق گهڻا مُنھنجا آھن‘
چَئيِ، پاڻ کي ڏِسُ پَڏائي ٿي ڪيڏو !
گهَڙي وَصلَ جي يادِ آيَسِ ڪا شايَد
تصوّر ڪَري مُسڪرائي ٿيِ ڪيڏو
رُسي ٿي وَڃي ڳالھہ ئيِ ڳالھہ ۾، پوءِ
مگر پاڻَ ڀي ڇَٽپَٽائي ٿيِ ڪيڏو
ھَلي شوخ ھَرڻيءَ مِثل ٿيِ سَدائين
ڪري يادِ پر ڪُجهہ، لَڄائي ٿيِ ڪيڏو
وَڃي صُبح گهَر مان، اَچي راتِ جو ٿيِ
ڏِسو پيٽَ جي بُک رُلائي ٿيِ ڪيڏو
وِسامَڻَ تي آھي شَمع ھاڻِ شايَد
’بندا‘ جَرڪَ سان ڦَڙڦَڙائي ٿيِ ڪيڏو