شاعري

پنھنجا پاڇا

ھن مجموعي ۾ روُمانوي عنصر گهٽ مِلي ٿو پر زندگيءَ جي تلخ حقيقتن سان وابستگي ۽ طنز ڪلاميءَ جا جهَجها مثال مِلن ٿا. طنز جو فنڪارانہ استعمال ئي کيس اَھميت بخشي ٿو. طنز جو استعمال اڪثر ساھتيہ جي مُختلف وِڌائُن –شاعري، ڪھاڻي، اُپنياس، ناٽڪ نويسيءَ کان سواءِ چِترڪاري، اَداڪاري، نقل بازي (Mimicry) ۾ بہ ملي ٿو. طنز تِکي ۽ چُڀندڙ بہ ٿي سَگهي ٿي ۽ نامعلوم اَلبت اَڻلکي بہ. ڀڳوان ٻاٻاڻي صرف عشق و محبت جا ترانا گنگنائڻ جي بجاءِ زندگيءَ جي تلخ حقيقتن جا عڪس پيش ڪرڻ جي پَھل ڪري ٿو.

Title Cover of book پنھنجا پاڇا

ھَلن صِرف پَنھِنجيِ، نہ ٻئي جيِ ٻُڌَن ٿا

ھَلن صِرف پَنھِنجيِ، نہ ٻئي جيِ ٻُڌَن ٿا
چَوي سَچُ ٿو جيڪو نہ تِن سان ٺَھَن ٿا

رَکن ڪيِنَ ناتو نَہ ياري نِڀائِن
اَسانجي خَبر پو بِہ ھرڪا رَکن ٿا

ڏِسي سامھوُن، ڪَن ٿا اَسانجي ھوُ نيڪيِ
اِرادا اَندر ۾ تہ ٻيا ڪُجهُہ ھُجن ٿا

ٽُٽَل ناتا جوڙَڻَ جي ڪوشِش ڪَري، ھوُ
ڏُڌو کيِرُ واپَس ٿَڻَن ڄَڻُ وِجهَن ٿا

سَڀئي عيِبَ پالِن، ھَلن چالبازيوُن
سُٺايون رُڳو، پر، اَسان مان گهُرن ٿا

اَسان فَڪرُ پرپُٺِ بِہ جِن جو ڪَيوُن ٿا
اَسانجو تَڏو پَر اُھي ئي کڻن ٿا

خَبر ڪانہ ٿَن ڇا وَھي واپِري پيو
اَلائي ھوُ ڪَھِڙي دُنيا ۾ رَھن ٿا

رَکن آسَ ’بَندا‘ ’ ٿِئي ڪا نہ خواري‘
ڪُڌا پو بِہ ڪَرتوُتَ ڇا لاءِ ڪن ٿا ؟