ھر ڪَنھِن کي ڏِسُ تَہ جَلدي پَھُچڻ ۾ ئي لَڳو آ
پَھُچي مَگر ڪِٿي ٿو، ڪَنھِن کي نَہ ڪَنھِن ڏِٺو آ
هَر ڪِرتِ ڪارِ تي ٿي ساراهَہ جَنھِن ڪَئيِ، پئي
سوئي خِلافُ مُنھِنجي ايڏو ڇو اَڄُ ٿِيو آ
منزل جي ڄاڻَ ناھي ۽ پَنڌُ ڀي اَڻانگو
نِڪتو ھو پُڃُ ڪمائڻ، ۽ پاپ تي پُڳو آ
توقيِرَ ۽ اَدَب سان، هوُ روزُ آهي پيِئندو
داروُ بِہ ڄڻ تَہ ھُن لءِ سيسا يا ڪو سُکو آ
چَقمَقُ لَڳل آ ھُن جيِ شَخصِيَت ۾ ڪو تَہ اَهڙو
جيڪو بِہ ڀَرسان آيو، چَنبِڙي ئي بَس پِيو آ
جادوُ اَلائي ڪَھِڙو آهي اُتي سَمايَل
وَر وَر ٿو وَڃَڻُ چاھي، ھڪ بارِ جو وِيو آ
ويندا ڇَڏي خَبر آ، وِچَ واھَہ ۾ اَسانکي
پو ڀي پَلاندُ سَندَن ڇا لءِ اَسان جهَليو آ
دوُريِ رَکي هَليو آ، مون سان تَہ ھوُ سَدائين
اَڄو، هُن جي بي رُخيءَ تي من ايڏو ڇو ڀِڳو آ؟
رَفتار آ وڌي وَئي، مَذهَب مَٽڻ جي بيحَد
تعليِمَ جو ھي ’بندا‘ اُبتڙ اَثر ٿِيو آ !