شاعري

پنھنجا پاڇا

ھن مجموعي ۾ روُمانوي عنصر گهٽ مِلي ٿو پر زندگيءَ جي تلخ حقيقتن سان وابستگي ۽ طنز ڪلاميءَ جا جهَجها مثال مِلن ٿا. طنز جو فنڪارانہ استعمال ئي کيس اَھميت بخشي ٿو. طنز جو استعمال اڪثر ساھتيہ جي مُختلف وِڌائُن –شاعري، ڪھاڻي، اُپنياس، ناٽڪ نويسيءَ کان سواءِ چِترڪاري، اَداڪاري، نقل بازي (Mimicry) ۾ بہ ملي ٿو. طنز تِکي ۽ چُڀندڙ بہ ٿي سَگهي ٿي ۽ نامعلوم اَلبت اَڻلکي بہ. ڀڳوان ٻاٻاڻي صرف عشق و محبت جا ترانا گنگنائڻ جي بجاءِ زندگيءَ جي تلخ حقيقتن جا عڪس پيش ڪرڻ جي پَھل ڪري ٿو.

Title Cover of book پنھنجا پاڇا

ڪنھنجو ٿي ويو ٿاڻُ اَکيُن ۾

ڪنھنجو ٿي ويو ٿاڻُ اَکيُن ۾
اَچي وَسيو اَڻ ڄاڻُ اَکيُن ۾

ٿاھُہ سَگهيو آ ڪو بِہ نَہ پائي
اوُنھو آ مَھراڻُ اَکيُن ۾

ڀولوپَن، معصوم نَظر ۽
تيِرُ، ڇُري، ڪِرپاڻُ اکيُن ۾

ڪين پَوينِ نَظر ٿي ڪَنھن تي
ڪيڏو پالِن ماڻُ اَکيُن ۾

بي فِڪريءَ سان ساڻُ اَٿَنِ پِڻ
بيتابي ڇاڪاڻ اَکيُن ۾

سوچَ حَقيقي ھُجي ڀَلي تَہ بِہ
سُپنا ڀي رَکُ ساڻُ اَکيُن ۾

ٻولِ نَہ ڪنھنکي اَوگُڻَ ڪنھنجا
سَڀُ ڪُجهُہ ڄاڻُ سُڃاڻُ اَکيُن ۾

ڪڏھن تہ ٺوٺُ ويرانو ’بَندا‘
ڪَڏھن پَسي آلاڻَ اَکيُن ۾