شاعري

پنھنجا پاڇا

ھن مجموعي ۾ روُمانوي عنصر گهٽ مِلي ٿو پر زندگيءَ جي تلخ حقيقتن سان وابستگي ۽ طنز ڪلاميءَ جا جهَجها مثال مِلن ٿا. طنز جو فنڪارانہ استعمال ئي کيس اَھميت بخشي ٿو. طنز جو استعمال اڪثر ساھتيہ جي مُختلف وِڌائُن –شاعري، ڪھاڻي، اُپنياس، ناٽڪ نويسيءَ کان سواءِ چِترڪاري، اَداڪاري، نقل بازي (Mimicry) ۾ بہ ملي ٿو. طنز تِکي ۽ چُڀندڙ بہ ٿي سَگهي ٿي ۽ نامعلوم اَلبت اَڻلکي بہ. ڀڳوان ٻاٻاڻي صرف عشق و محبت جا ترانا گنگنائڻ جي بجاءِ زندگيءَ جي تلخ حقيقتن جا عڪس پيش ڪرڻ جي پَھل ڪري ٿو.

Title Cover of book پنھنجا پاڇا

مُنھنجي حَياتِ يارو کُلِيَلُ ڪِتابُ آ

مُنھنجي حَياتِ يارو کُلِيَلُ ڪِتابُ آ
ڪَنھِن قِسمَ جو نَہ ڪوئي ويڙھيَلُ نَقابُ آ

ٻوڙي ٿو پيءُ جو نالو، پُـٽُ ڪيڏي شانَ سان
ساري جَھانَ جو اَڄُ خانو خَرابُ آ

”ناڻو تَہ تُـنَھنجو آهِہ، مگر خَرچُ ڪيِنَ ڪَـرِ“
ھَر ڪنھن مَٿان ڇو اَھِڙو ڪو اِحتسابُ آ ؟

جيڪَرِ ڪَمائي ٿو ڪو، ڇو نَہ خَرچي شانَ سان
سَرڪار جو ڇا اِن سان ڪو اِنتِسابُ آ !

ساراهہ ٿو ڪري ڪو ۽ ڪو گِلا گهڻي
هرڪنَھِن جو يار پنَھِنجو پنَھِنجو حِـسابُ آ

مَحفِل ۾ ويٺو آهين، ساقيءَ جو مانُ رَکُ
هِڪُ پيگُ ٻيو پِئَڻَ ۾ ڪَھِڙو حِـجابُ آ؟

ڪَنھن ۾ بِہ ڪيِنَ ڪو اَڄُ وِشواسُ آ بَـچيو
رِشتَن مان ’بندا‘ اَهِـڙو پَھُتو عَذابُ آ


اِحتِسابُ = نظرداري، چوڪسي، جاچ،
اِنتِسابُ = لاڳاپو، نسبت، واسطو، تعلق
عَذابُ = پيڙا، درد