شاعري

پنھنجا پاڇا

ھن مجموعي ۾ روُمانوي عنصر گهٽ مِلي ٿو پر زندگيءَ جي تلخ حقيقتن سان وابستگي ۽ طنز ڪلاميءَ جا جهَجها مثال مِلن ٿا. طنز جو فنڪارانہ استعمال ئي کيس اَھميت بخشي ٿو. طنز جو استعمال اڪثر ساھتيہ جي مُختلف وِڌائُن –شاعري، ڪھاڻي، اُپنياس، ناٽڪ نويسيءَ کان سواءِ چِترڪاري، اَداڪاري، نقل بازي (Mimicry) ۾ بہ ملي ٿو. طنز تِکي ۽ چُڀندڙ بہ ٿي سَگهي ٿي ۽ نامعلوم اَلبت اَڻلکي بہ. ڀڳوان ٻاٻاڻي صرف عشق و محبت جا ترانا گنگنائڻ جي بجاءِ زندگيءَ جي تلخ حقيقتن جا عڪس پيش ڪرڻ جي پَھل ڪري ٿو.

Title Cover of book پنھنجا پاڇا

ڏَئيِ ڪا خوشي پو کَسيِندو نَہ ڪَر

ڏَئيِ ڪا خوشي پو کَسيِندو نَہ ڪَر
مُـحبّت جو مُنھَنـڙو مَٽيِندو نَہ ڪَر

هڻي دِل تي ڪاتيِ، پُڇيِن حالُ ٿو !
اِئين لوُڻُ ڦَٽَ تي ڇَٽيِندو نَہ ڪَر

ڏِسيِن پيارَ سان ٿو تَہ خوش ٿا ٿِيوُن
رَچي سـانگ اَهِڙا ڦُريِندو نَہ ڪَر

اَگر دِلِ ۾ ويٺين اَچي پـيارَ سان
تہ ٻاهِر وَڃَڻ جي سَٽيِندو نَہ ڪَر

چِٽيِ اِئَن رَقيِبَن سـان ياري رَکيِ
جهُريَل دِل کي ويتَر ڦَٽيِندو نَہ ڪَر

رَکيِن ٿو جي ناتو تہ هِڪَ ساڻُ رکُ
ڇِنيِ هِڪُ، ٻِئي سان ڳَنڍيِندو نَہ ڪَر

ڪَريِن راندِ ٿو جي، تَہ قائِـدا بِہ مَڃُ
هَلي چالبازي، کَٽيِندو نَہ ڪَر

مَـڃن لوڪَ جيڪا، هَلَتِ اَهِڙي ھَلُ
اَلڳ پَنھِنجي کِچڻي رَڌيِندو نَہ ڪَر

چَوي ڪو تَہ ڪَرِ غورُ اُن تي اَوَل
بِنا سوچي سَـمـجهـي مَڃيِندو نَہ ڪَر

مَچي ڪوئي ڀَنڀَٽُ تُنھِنجي ڳالھِہ مان
تَہ پو ڏوھُہ ٻئي تي مَڙھيندو نَہ ڪَرِ

مَتان ڳالھِہ مان ڳالھَڙو ٿي پَوي
’بندا‘رازَ سَـڀَ سان سَـليِندو نَہ ڪَر