اَسان سَمجهوُن جيڪي شَرافَتَ جوُن ڳالھيوُن
چَوي دُنيا تِن کي چَريائِپَ جوُن ڳالھيوُن
سَمائِڻُ سِرشتي ۾ ڪوئي نَہ چاھي
لُڀائِن سَڀِن کي بَغاوتَ جوُن ڳالھيوُن
اَسان کين ڪيڏو بِہ پَنھِنجو چئوُن، پَر
ھُنَن وَٽِ رُڳو اوپرائِپَ جوُن ڳالھيون
محبّت بہ پيدا ڇو ٿيِندي اُنھَن لءِ
سَدا جِن چَپَن تي حِقارَت جوُن ڳالھيوُن
وَڏو فاصِلو دِل ۾ سانڍي رَکن ٿا
مَٿئين ليکي ڪَنِ ويجهِڙائِپَ جوُن ڳالھيوُن
ڪيو ڳالھہ وَھِنوار دَستوُرَ جيِ ڪا
گهڻيوُن ئي ٻُڌيوُنسيِن ڪَرامَت جوُن ڳالھيون
پَرائيِ پَچَر مان نہ وَرِڻو آ ڪُجهُہ ڀي
اِھي صِرف ڪُلفَتَ وَڌائِڻَ جوُن ڳالھيوُن
سِفارِشَ ۽ رِشوَتَ جو جِتِ بول بالا
اُتي ’بَندا‘ ڪھڙيوُن لِياقَت جوُن ڳالھيوُن !