شاعري

پنھنجا پاڇا

ھن مجموعي ۾ روُمانوي عنصر گهٽ مِلي ٿو پر زندگيءَ جي تلخ حقيقتن سان وابستگي ۽ طنز ڪلاميءَ جا جهَجها مثال مِلن ٿا. طنز جو فنڪارانہ استعمال ئي کيس اَھميت بخشي ٿو. طنز جو استعمال اڪثر ساھتيہ جي مُختلف وِڌائُن –شاعري، ڪھاڻي، اُپنياس، ناٽڪ نويسيءَ کان سواءِ چِترڪاري، اَداڪاري، نقل بازي (Mimicry) ۾ بہ ملي ٿو. طنز تِکي ۽ چُڀندڙ بہ ٿي سَگهي ٿي ۽ نامعلوم اَلبت اَڻلکي بہ. ڀڳوان ٻاٻاڻي صرف عشق و محبت جا ترانا گنگنائڻ جي بجاءِ زندگيءَ جي تلخ حقيقتن جا عڪس پيش ڪرڻ جي پَھل ڪري ٿو.

Title Cover of book پنھنجا پاڇا

ڏِسو زِندَگي آزمائي ٿي ڪيڏو !

ڏِسو زِندَگي آزمائي ٿي ڪيڏو !
ڏَئيِ مؤتُ جو ڊَپُ ڏَڪائي ٿي ڪيڏو !

اِھا پيٽَ جي بُک بِہ ڏاڍي ڇِتيِ آ
ماڻھپائي مَنُشَ جي وِڃائي ٿي ڪيڏو !

چڙھيلَ چوٽَ تي اَگهہ، مٿان بَندِ ڌَنڌو
غريِبن سان قُدرتَ بِہ پائي ٿي ڪيڏو !

رُئي لالُ بُک ۾ پِيوڇَٽپَٽائي
مُئي ماءُ ڏِسُ ليِلڙائي ٿي ڪيڏو !

ڇَڏي ڳوٺُ پنھنجو وِيا شَھَر ڏي ھا
غريِبن کي قِسمَتَ گهُمائي ٿي ڪيڏو !

ٿِيا دَربَدر سڀُ جِياپي جي خاطر
’بندا‘ پيٽ جي بک رُلائي ٿي ڪيڏو !