وقت جي مارَ کي سَھوُن ويٺا
جئن ھَلائي اُئين ھَلوُن ويٺا
ذِڪرُ ئي جِن ڪَمَن جو ھو مُشڪل
ماٺِ ۾ سي ڏِسوُن ٻُڌوُن ويٺا
ھو کڻي گوڏي تان ھلڻُ بہ گُناہ
ھاڻ ڄَنگهوُن کُليل ڏِسون ويٺا
پنھنجي ٻولي تہ ماءُ مِثل آھي
کيس گهر مان مَگر ڪڍون ويٺا
جيڪا منزل اَسانجو مقصد ھو
واٽَ تنھن تي بہ ڇا وَڃوُن ويٺا !
ڪيِن اَحسانُ ٿا کَڻوُن ڪنھنجو
ڪُجهُہ وَٺَڻَ کان بِہ وَڌِ ڏِيوُن ويٺا
جا رِوايَتَ ھلي پئي راڄَن کان
ڪجهہ نہ تنھن کان نئون ڪَيوُن ويٺا
فائدو ڪُجهُہ ڏِسي ذرا بہ ڪِٿي
ڳالھہ تان تُرت ڪئن ڦِروُن ويٺا !
ڇو نہ بيمار پو بِہ پَونداسيِن
شَئِہ جو ھر ڪا گهڻي ڏَروُن ويٺا
ڪئن وَبا سان مُقابلو بِہ ڪيوُن
کولي ھر جاءِ مُنھن گهُمون ويٺا
جي بِگاڙنِ ٿيون کيس سي ئي سَڀُ
عادتوُن ٻارَ ۾ وِجهوُن ويٺا
جيڪو تخليق ۾ چئون ٿا، ڇا
تنھنتي ڪُجهُہ خود ’بندا‘ھلوُن ويٺا ؟