شاعري

پنھنجا پاڇا

ھن مجموعي ۾ روُمانوي عنصر گهٽ مِلي ٿو پر زندگيءَ جي تلخ حقيقتن سان وابستگي ۽ طنز ڪلاميءَ جا جهَجها مثال مِلن ٿا. طنز جو فنڪارانہ استعمال ئي کيس اَھميت بخشي ٿو. طنز جو استعمال اڪثر ساھتيہ جي مُختلف وِڌائُن –شاعري، ڪھاڻي، اُپنياس، ناٽڪ نويسيءَ کان سواءِ چِترڪاري، اَداڪاري، نقل بازي (Mimicry) ۾ بہ ملي ٿو. طنز تِکي ۽ چُڀندڙ بہ ٿي سَگهي ٿي ۽ نامعلوم اَلبت اَڻلکي بہ. ڀڳوان ٻاٻاڻي صرف عشق و محبت جا ترانا گنگنائڻ جي بجاءِ زندگيءَ جي تلخ حقيقتن جا عڪس پيش ڪرڻ جي پَھل ڪري ٿو.

Title Cover of book پنھنجا پاڇا

دائِرو جِئن سوچَ جو وَڌَندو وِيو

دائِرو جِئن سوچَ جو وَڌَندو وِيو
خود بِہ خود مُنھنجو اَهَم سُسَندو وِيو

هرڪو چاهي پَنھِنجي ليکي ٿو رَهَڻُ
گهَر جي اَندر گهَرُ ٻِيو ٺَھَندو وِيو

نوڪريءَ لءِ سڀ وڃڻ ٻاهر لڳا
شاخ جو هر پَنُ اِئين ڇِڄندو وِيو

”توُن مَتان ڪنھن کي ٻُڌائين ڳالھِہ ھيءَ “
هرڪو ٻئي کي بس اِئين چَوَندو وِيو !

آ سِياست ٿي وَئيِ اَهِڙي تَہ اَڄُ
ڪاري سان بس ڪارو ئيِ جُڙندو وِيو

هَٿُ گَرم ڪَنھِنجو ڪري يا ٻيءَ طَرح
هوُ سَڀِن کي آڳَہ ڏئي ڊُڪندو وِيو

آهِہ رِشوَتَ ۾ ڪَرامَتَ، ڇا تَہ يارَ
هر ڏکيو ڪم سؤلو آ بَڻندو وِيو

دَٻدَٻو اَسٿان جو اَهڙو مَتَل
ھرڪو لانگهائوُ اُتان ڏَڪَندو وِيو

سَچُ ٻُڌڻ تي، باهِہ لڳندي ٿَسِ گهَڻيِ
ناتا سَڀَ سان آهِہ اِئن ڇِنَندو وِيو

ٿو خوشامد ۾ ئي بس ماڻي مَزو
ڪوُڙَ سان ئي آ اِئين جُڙَندو وِيو

مالُ جَنھن وٽ آهِہ ، يا هَٿَ ۾ ڏَنڊو
اُن جي سامھوُن هر ڪوئي، جهُڪندو وِيو

ڊَپُ سُڃاڻَپ جو اَٿس شايَد گهڻو
ڪِئن گهِٽيءَ مان ’بندو‘ ڏس لِڪندو وِيو