شاعري

پنھنجا پاڇا

ھن مجموعي ۾ روُمانوي عنصر گهٽ مِلي ٿو پر زندگيءَ جي تلخ حقيقتن سان وابستگي ۽ طنز ڪلاميءَ جا جهَجها مثال مِلن ٿا. طنز جو فنڪارانہ استعمال ئي کيس اَھميت بخشي ٿو. طنز جو استعمال اڪثر ساھتيہ جي مُختلف وِڌائُن –شاعري، ڪھاڻي، اُپنياس، ناٽڪ نويسيءَ کان سواءِ چِترڪاري، اَداڪاري، نقل بازي (Mimicry) ۾ بہ ملي ٿو. طنز تِکي ۽ چُڀندڙ بہ ٿي سَگهي ٿي ۽ نامعلوم اَلبت اَڻلکي بہ. ڀڳوان ٻاٻاڻي صرف عشق و محبت جا ترانا گنگنائڻ جي بجاءِ زندگيءَ جي تلخ حقيقتن جا عڪس پيش ڪرڻ جي پَھل ڪري ٿو.

Title Cover of book پنھنجا پاڇا

فائِلون ڪي دَٻائِڻُ ضَروريِ ھُئو

فائِلون ڪي دَٻائِڻُ ضَروريِ ھُئو
پاپَ ڪِن جا لِڪائِڻُ ضَروريِ هُئو

ڪو تہ اَوَگُڻ ٻُڌائِڻُ ضَروري هُئو
ڇو تہ ’هُن‘ کي هَٽائِڻُ ضَروريِ ھُئو

بي قَصوُرَن کي اُلجهائي وَنگ ۾ وِجهيِ
پيرَ پَنھِنجا ڇَڏائِڻُ ضَروريِ هُئو

موُنجهِہ دِل جي نہ سَمجهيِ وَڃي ڪو مَتان
بي سبب مُسڪرائِڻُ ضَروريِ هُئو

ھُئن تہ ويڇو پِيَلُ هو گهَڻي وَقتَ کان
پو بِہ ناتو نِڀائِڻُ ضَروريِ ھئو

چُپِ رَهَڻ جا تہ پَنھِنجا ئي مَطلب گهَڻا
تَنھِن ڪَري ڳالِھائِڻُ ضروريِ هُئو

خوش ڪَرڻَ لاءِ هِڪڙي کي، ناحَقُ سَھين
مانُ ٻئي جو گهَٽائِڻُ ضَروريِ هُئو

روُبَروُ ھَـرَ ڪُڌائيِ ’بندي‘ جي هُئي !
پو بِہ ڇا آزمائِڻُ ضروريِ ھئو ؟