شاعري

پنھنجا پاڇا

ھن مجموعي ۾ روُمانوي عنصر گهٽ مِلي ٿو پر زندگيءَ جي تلخ حقيقتن سان وابستگي ۽ طنز ڪلاميءَ جا جهَجها مثال مِلن ٿا. طنز جو فنڪارانہ استعمال ئي کيس اَھميت بخشي ٿو. طنز جو استعمال اڪثر ساھتيہ جي مُختلف وِڌائُن –شاعري، ڪھاڻي، اُپنياس، ناٽڪ نويسيءَ کان سواءِ چِترڪاري، اَداڪاري، نقل بازي (Mimicry) ۾ بہ ملي ٿو. طنز تِکي ۽ چُڀندڙ بہ ٿي سَگهي ٿي ۽ نامعلوم اَلبت اَڻلکي بہ. ڀڳوان ٻاٻاڻي صرف عشق و محبت جا ترانا گنگنائڻ جي بجاءِ زندگيءَ جي تلخ حقيقتن جا عڪس پيش ڪرڻ جي پَھل ڪري ٿو.

Title Cover of book پنھنجا پاڇا

شاعِري آھِہ سونو پَرُ ساٿي

شاعِري آھِہ سونو پَرُ ساٿي
ڪو بَرابَر نَہ اِنَ جي زَرُ ساٿي

چال اِن سان جي وَڻ ۽ ٻوُٽا ڪَٽيا
گهاٽو جهَنگلُ بِہ بَڻِبو بَرُ ساٿي

ماءُ کان ڀانئي ٿو ڌاريُن کي مَٿي
کيس اَھڙو مِليل آ وَرُ ساٿي

دوُر دِل کان بہ ھوندي گڏُ ٿا رَھن
آھِہ وِچَ ۾ ڦاٿَلُ ڪو وَرُ ساٿي

ساريِ ڌَرتي وِجهي ٿي ڌوڏي، جڏھن
ڏي اَدا سان ٿي نَڪَ کي وَرُ ساٿي

موٽي آيا، وِيا ھا ٻاھِر جي
ھاڻِ تون ڀي تہ تڪڙو وَرُ ساٿي

عيَب پَنھِنجا ڍَڪَڻَ لءِ ڇو تون اِئين
ڳالھہ ۾ ڪو وِجهيِن ٿو وَرُ ساٿي

ٻارَ پَنھِنجا تَہ پالي ئي وَٺندو
ڪو بِہ آھي جي ھُنروَرُ ساٿي

وِرتَ سورھن صِدِقَ سان ھن بِہ رَکيا
پو بِہ گهُربَلُ مِليُس ڇا وَرُ ساٿي ؟

جانِ قُربانُ مُلڪ تي ٿئي ’بندا‘
آھِہ اِنَ کان وڏو ڪو وَرُ ساٿي؟


وَرُ= (وردانُ، پاراتو)
وَرُ= (پيچُ)
وَرُ= (چڪر)
وَرُ= (موڙو)
وَرُ = (واپس وَرڻ)
وَرُ = (ڦيرو)
وَرُ = (گهوٽ)
وَرُ = (اُتم، اعليٰ، عمدو، چڱو)