شاعري

پنھنجا پاڇا

ھن مجموعي ۾ روُمانوي عنصر گهٽ مِلي ٿو پر زندگيءَ جي تلخ حقيقتن سان وابستگي ۽ طنز ڪلاميءَ جا جهَجها مثال مِلن ٿا. طنز جو فنڪارانہ استعمال ئي کيس اَھميت بخشي ٿو. طنز جو استعمال اڪثر ساھتيہ جي مُختلف وِڌائُن –شاعري، ڪھاڻي، اُپنياس، ناٽڪ نويسيءَ کان سواءِ چِترڪاري، اَداڪاري، نقل بازي (Mimicry) ۾ بہ ملي ٿو. طنز تِکي ۽ چُڀندڙ بہ ٿي سَگهي ٿي ۽ نامعلوم اَلبت اَڻلکي بہ. ڀڳوان ٻاٻاڻي صرف عشق و محبت جا ترانا گنگنائڻ جي بجاءِ زندگيءَ جي تلخ حقيقتن جا عڪس پيش ڪرڻ جي پَھل ڪري ٿو.

Title Cover of book پنھنجا پاڇا

ڪُجهہ بِنا سوچي سَمجهي چَوَڻَ ٿو لَڳان

ڪُجهہ بِنا سوچي سَمجهي چَوَڻَ ٿو لَڳان
دوستَن کي بِہ ڌَمڪيوُن ڏِيَڻَ ٿو لَڳان

مان تَہ مَجبوُر عادَتَ کان اَھِڙو صَفا
ڪا گهَڙيِ چُپِ رَھي پو وَڄڻ ٿو لَڳان

ڀاءِ پَئِجي خوشامَد وِيَم اَھڙي جو
ڳالھہ سَچّي ٻُڌي ھَٿَ ڇَنڊَڻَ ٿو لڳان

ڌارَ ٿي ڀاءُ کان ناتا ٽوڙي ڇَڏيَم
پر ڏِسي کيس خوش، ڇو جَلَڻَ ٿو لَڳان

شَلَ نَہ موُن وَٽِ اَچي ٻوڏِ يا ڪا وَبا
بَس ڪَٽورو کَڻي جَڳُ پِنَڻَ ٿو لَڳان

ڀَل ھُجي ڪا خوشيِ يا تہ غَمُ ئي صحيح
ڪو سَبَبُ ھَٿِ ڪَري بس پِئڻ ٿو لڳان

ڪَم ڪو ڦاسي اَگر ’بندا‘ ڪَنھِن ۾ڪڏھن
پو اُنھيءَ ئي مُطابِق ھَلَڻَ ٿو لَڳان