شاعري

پنھنجا پاڇا

ھن مجموعي ۾ روُمانوي عنصر گهٽ مِلي ٿو پر زندگيءَ جي تلخ حقيقتن سان وابستگي ۽ طنز ڪلاميءَ جا جهَجها مثال مِلن ٿا. طنز جو فنڪارانہ استعمال ئي کيس اَھميت بخشي ٿو. طنز جو استعمال اڪثر ساھتيہ جي مُختلف وِڌائُن –شاعري، ڪھاڻي، اُپنياس، ناٽڪ نويسيءَ کان سواءِ چِترڪاري، اَداڪاري، نقل بازي (Mimicry) ۾ بہ ملي ٿو. طنز تِکي ۽ چُڀندڙ بہ ٿي سَگهي ٿي ۽ نامعلوم اَلبت اَڻلکي بہ. ڀڳوان ٻاٻاڻي صرف عشق و محبت جا ترانا گنگنائڻ جي بجاءِ زندگيءَ جي تلخ حقيقتن جا عڪس پيش ڪرڻ جي پَھل ڪري ٿو.

Title Cover of book پنھنجا پاڇا

ڪا شِڪايَتَ نَہ آ ڏُکُ ڏِنو تو پِريِن

ڪا شِڪايَتَ نَہ آ ڏُکُ ڏِنو تو پِريِن
مون ھَميشھہ مَڃيو جو چَيو تو پِرين

واٽَ بَدليئہ ڏِسي فائِدو تو پِرين
ٿي جُدا پر گهڻو ھو رُنو تو پِرين

يادِ ڪَرِ پيارَ جا واعدا، جي ڪَري
پاڻُ ڪيڏو نَہ ھو موکِيو تو پِرين

خوب سُپنا دِلاسا ڏِنَئہ ھُئن گهڻا
ڪو بہ تِن مان نَہ پورو ڪيو تو پِريِن

ڄَڻ سُڃاڻَپَ ھُئي ڪونہ ڪا ڀي ڪَڏھن
پيارُ مُنھِنجو اِئين تورِيو تو پِرين

وَصلُ ٿيِندو بہ آخر اَسانجو تہ ڪِئن
ڪونہ ڪوئي ڪَيو آ بِلو تو پِرين

ھِئن کُلي عام ڀاڪُر رَقيِبَن وِجهي
ڇا ٿي ظاھِر ڪَرڻُ چاھِيو تو پِرين

آسري ۾ ’بندي‘ کي رَکي، ڪِئن ڀَلا
دِل ٻِيَن ساڻُ لائڻ پُڳو تو پِرين