شاعري

پنھنجا پاڇا

ھن مجموعي ۾ روُمانوي عنصر گهٽ مِلي ٿو پر زندگيءَ جي تلخ حقيقتن سان وابستگي ۽ طنز ڪلاميءَ جا جهَجها مثال مِلن ٿا. طنز جو فنڪارانہ استعمال ئي کيس اَھميت بخشي ٿو. طنز جو استعمال اڪثر ساھتيہ جي مُختلف وِڌائُن –شاعري، ڪھاڻي، اُپنياس، ناٽڪ نويسيءَ کان سواءِ چِترڪاري، اَداڪاري، نقل بازي (Mimicry) ۾ بہ ملي ٿو. طنز تِکي ۽ چُڀندڙ بہ ٿي سَگهي ٿي ۽ نامعلوم اَلبت اَڻلکي بہ. ڀڳوان ٻاٻاڻي صرف عشق و محبت جا ترانا گنگنائڻ جي بجاءِ زندگيءَ جي تلخ حقيقتن جا عڪس پيش ڪرڻ جي پَھل ڪري ٿو.

Title Cover of book پنھنجا پاڇا

تَھـذيِـب ۽ ثَـقـافَت کان دوُر ٿـي وِيو

تَھـذيِـب ۽ ثَـقـافَت کان دوُر ٿـي وِيو
ناڻو ڪَٺو ڪَرڻ ۾ مَخموُر ٿي وِيو !

پَنھِنجي اَٿَس زَميِنَ، نَہ پَنھِنجي اَٿَس زُبانْ
ھوُ ڇـا تـي ايڏو آھي مَغرور ٿي وِيو!

پَھُچي جِتي بِہ، دَرَ ۽ دَريوُن بَند ٿيِ وَڃَن
اَھِڙو تَہ آ دُنيا ۾ مَشھوُر ٿـيِ وِيـو!

’ساراهہ مان ٿو تُنھِنجي ڪيان، توُن بِہ مُنھِنجي ڪَرِ‘
آھي جَھانَ جو اَڄ دستوُر ٿـي وِيو!

ڪَھِڙي حَوالـي ذِڪرُ ٿِيو، سُـڌِ نَہ سـا اَٿَس
نـالو پَـڙهي اَخبار ۾ مَـسروُرُ ٿي وِيو!

اُڀريو تَہ ھو اَچانڪ چِمڪاٽُ ڪو کڻي
پَھُتو مگر نَہ چوٽَ تي، ڪافوُر ٿي وِيو !

دَڙڪا، دَٻوُن سَڀِن جا چُپچاپ ٿو سَھي
’بندو‘ بہ ڏس تَہ ڪيڏو مَجبوُرُ ٿي وِيو


مخموُر = مدھوش، مست، متوالو
مَسروُرُ= خوش، پرسن، سَرھو