مرتب جو نوٽ
لالچ جي هر منڊيءَ ۾ يارو!
سارا چهرا ڪيش ٿين ٿا.
ڪيڏا ماڻهو پيش پون ٿا،
رنگ برنگي مکڻا چهرا.
جن تي ميڪ اپ جا ڄڻ پهرا!
ڄڻ ڪي جهونا چوڪيدار،
کنگهه جي ٽونڪر ۽ لاچار
موت جي ڊپ کان ننڊ نه ڪن ٿا،
پنهنجي گهر ۾ بار لڳن ٿا،
اهڙا ڪيئي ماڻهو آهن،
جيڪي پاڻ به وڪڻڻ چاهن
داءُ لڳائي، ملهه وڌائي،
پنهنجو پاڻ کي ڪن نيلام
ڪيڏا ماڻهو پيش پون ٿا.
(ذ-س)
منهنجو شهر لاڙڪاڻو پڻ اهڙن ڪردارن جو گڏيل مسڪن رهيو آهي، جتان مون ادب جي گهاٽي ڇانوري مان گهڻو ڪجهه پرکيو، پرايو، پروڙيو ۽ ولوڙيو آهي.پنهنجي شهر جي ئي جيئري جاڳندي ڪردار ڊاڪٽر ذوالفقار سيال کي اڄ به ايئن ئي سرگرم، متحرڪ ۽ ٽهڪن جي پڙاڏن ۾ حسين زندگيءَ جا لطف وٺندي ڏسي رهيو آهيان، جهڙو ٽي ڏهاڪا اڳ مختلف محفلن ۽ پروگرامن ۾ ڏسندو هئس، الائي ته ڇو اسان جا اڪثر اديب اُن وقت به ساڻس ملڻ کان ڪَترائيندا هئا ۽ اڄ به حال ساڳيو آهي ۽ مونکي کل ايندي آهي انهن ادب دوستن تي جيڪي ڊاڪٽر سيال جي اچانڪ سامهون اچڻ تي سائين سائين کي ڪري چنبڙي پوندا آهن ۽ پرپٺ بيڪار ماڻهوءَ جو لقب ڏيڻ ۾ دير ناهن ڪندا ۽ اهڙن ماڻهن لاءِ ئي مون اڪثر بزرگن جي ڪتابن ۾ منافق دوست جي نشاني طور پڙهندو آيو آهيان. بهرحال مون لاءِ سندس ڪردار اُن وقت به سحر انگيز رهيو ته هينئر به آهي ۽ سچ ته رشڪ ٿيندو آهي ته ” جيئڻ ان کي چئبو آهي“، ڇوته هو جيڪو اندران آهي، اهڙو ٻاهران به آهي، جيڪو سندس دل ۾ آهي، اهوئي زبان تي آهي، ٻڌڻي سڀني جي آهي ۽ ڪرڻي پنهنجي دل جي آهي، بلڪل خوبين ۽ خامين سان ڀريل هڪ کليل ڪتاب جيان ۽ اهڙا ماڻهو اسان جي معاشري ۾ گهٽ ئي ملندا. افسوس جن جو زندگيءَ ۾ ته قدر ناهي ٿيندو پر مرڻ پڄاڻان مثالي ڪردار طور ياد ڪندا آهيون:
وقت آ تلوار سائين،
وقت هڪڙي ڌار آ.
وقت آهي جيت ڪنهن جي،
وقت ڪنهن جي هار آ.
(ذ-س)
ان ڳالهه کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي ته ڊاڪٽر ذوالفقار سيال کي سندس زندگيءَ ۾ ئي مڃتا ملي چڪي آهي، يقينن منهنجي ڳالهه سان گهڻا گهڻگهرا سهمت نه به هجن پر سندس ادبي خدمتن جي اعتراف ۾ ڀيٽا طور هي ڪتاب انهن لاءِ آئينو آهي، جنهن ۾سندن عڪس ۽ اولڙا ته نظر ايندا ئي ايندا پر يقينن انهن معتبر شخصيتن جا ليک ڪنهن دستاويز کان گهٽ ناهن، جن جي صحبت ۾ رهندي ڊاڪٽر ذوالفقار سيال گهڻو ڪجهه پرايو هوندو. خاص طور هري دلگير کان ڪامريڊ سوڀي تائين، نياز همايوني کان نورالهديٰ شاهه تائين، محمود شام کان مهدي حسن تائين، ڪهڙو سڄاڻ دوست سندن صحبت ۾ رهڻ جو خواهان نه هوندو. سنڌي ادب جي تاريخ جا اهڙا اهم ڪردار اسان وچ ۾ بيٺل ادب جي روشن ستاري ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي فني لياقتن تي قلم کڻن ٿا، ان کان وڌيڪ مڃتا ڊاڪٽر ذوالفقار سيال لاءِ ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي جو هو نه فقط سنڌ ۽ هند جي ادبي حلقي ۾ پنهنجي ناماچاري رکي ٿو پر ڏيهه توڙي پرڏيهه جي اديبن ۽ سڄاڻ ڌرين ۾ ايترو ئي مقبول آهي، جيترو پنهنجي ٻوليءَ ۾، ان جو اعتراف اردو جي نامياري اديب ۽ ڪالم نويس محمود شام به پنهنجي مضمون ۾ ڪيو آهي. جڏهن ته ڪتاب ۾ شامل سنڌي، اردو ۽ انگلش مضمونن ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي گهڻ رخي شخصيت تي مڪمل طور بحث ٿيل آهي، هن ادبي خدمتن سميت ريڊيو ۽ ٽي وي تي پنجن سالن جي عرصي دوران مختلف يادگار پروگرام پڻ ڪيا ۽ کيس ملڪ جي مختلف ٻولين جي 500 کان وڌيڪ فنڪارن سندس شاعريءَ کي ڳائي مڃتا ماڻي ۽ انهن ۾ اهي به فنڪار هئا، جن پهريون ڀيرو ريڊيو ۽ ٽي وي تي ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جو جو ڪلام ڳائي ابتدا ڪئي، جيڪو اعزاز تمام گهٽ شاعرن جو مقدر بڻجي ٿو ۽ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال سنڌي ٻوليءَ پهريون شاعر آهي، جنهن کي اهو اعزاز مليل آهي، پوءِ ڀلا کيس ڪنهن ايوارڊ يا وڌيڪ سرٽيفڪيٽ جي به ضرورت ڪهڙي هوندي، هو ته پاڻ تي ٿيندڙ هر تنقيد کي به ڀليڪار ڪرڻ جو عادي آهي، ساڻس ڪير ڪيترو سچو آهي، کيس سڀ ڪَل آهي پر کِلي ٽارڻ جو ڏانءُ ۽ ايترو جگر گوشو الائي جي ڪٿان آندو اٿائين، پاڻ ته ڪنهن جي هڪ لفظ تي پنڊ پهڻ ٿي ويندا آهيون.
سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي خدمت لاءِ پاڻ پتوڙڻ واري عزم سان سرشار ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جو قلمي پورهيو هوند لطيف چواڻي” نهائينءَ کان نينهن، سک منهنجا سپرين“ جي مترادف هينئين سان هنڊائڻ جهڙو ان ڪري به ڀاسي ٿو جو سندس وجودي قد بت جيان ادبي قد ڪاٺ تي به رشڪ ڪندڙن جو ڳاڻيٽو ڳڻڻ کان ٻاهر آهي، خاص طور هن ڪتاب ۾ موجود سنڌ، هند سميت پوري ملڪ جي مختلف امر، املهه ۽ گهڻگهرن اديبن، شاعرن، فنڪارن، موسيقارن ۽ فنون لطيفه سان واڳيل اهم شخصيتن جي تاريخي مضمونن ۽ راين ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي شخصيت ۽ فني خدمتن کي اُڀاري وڌيڪ چِٽي طرح سامهون آندو آهي.هونئن ته ڪنهن به شخصيت جي مختلف پهلوئن ۽ رُخن کي پرکڻ لاءِ ساڻس ويجهڙائپ دوران پيدا ٿيندڙ داخلي ڪيفيتن مان اندازو ٿي ويندو آهي، ظاهري طور کرو ۽ سخت گير نظر ايندڙ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال اندروني طور ڀورا ڀورا ٿيل اهڙو شخصي مجسمو آهي جيڪو گليمر جي دنيا ۽ ماڻهن جي انبوهه ۾ رهندي به اڪيلائپ جي تسڪين جو عادي نظر اچي ٿو، ساڻس واڳيل هر ڪردار جي الڳ ڪهاڻي هڪ منفرد انداز سان پيش ڪرڻ جو ڏانءُ پڻ دل لڀائيندڙ رهيو آهي. ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي زندگيءَ جا ڪجهه ڌنڌلا عڪس سندس ئي هڪ نظم مان جهلڪندي محسوس ٿين ٿا، جنهن کي اوهان آڏو پيش ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو:
زندگي ــ ڪنهن جو پگهر ڄڻ ڪو گلاب
زندگي ــ اکين ۾ پوريل ڪوئي خواب
زندگي ــ ڪنهن جو ڄڻ زخمي بدن
زندگي ــ ڄڻ آ خزان، اجڙيل چمن
زندگي ــ آهي وڏو رنج و الم
زندگي ــ ٿوري خُوشي ۽ ڏاڍو غم
زندگي ــ آ، ڌوڙ، جو، طوفان ڪو
زندگي ــ پل پل ڪٺل انسان ڪو
زندگي ــ جي ڪنهن آ ماڻي ۽ چيو
زندگي ــ جي روپ کي ڄاڻي وٺو
زندگي ــ حسناڪين جو تاب آ
زندگي ڄڻ حسرتن جو باب آ
زندگي ــ آهي ڪڙي، ڏاڍي منجهيل
زندگي ــ آ موت کان ڏاڍي ڊنل
زندگي ــ آهي فنا ۽ مختصر
زندگي ــ جو آ مٺو هرڪو پهر
زندگي ــ ڪوجهي به آ، ڏاڍي حسين
زندگي ــ نازڪ، نويلي، مهجبين
زندگي! او زندگي!! او زندگي!!!
موت سان تون راند ڇو کيڏين پيئي.
زندگي ــ صحرا ۾ ڄڻ واريءَ جو گهر
زندگي ــ آ روشنين جو ڪو شهر
زندگي ــ تارن ڀري ڪا رات آ
زندگي ــ ڄڻ پيار جي برسات آ
زندگي ــ چهري جي ڪا لالاڻ آ
زندگي ــ نيڻن جي ڄڻ آلاڻ آ
زندگي ــ ڪنهن ساز جو آواز آ
زندگي ــ ڌڙڪن ۾ ڪوئي ساز آ
زندگي ــ اُڀ تي پکين جي آ اُڏام
زندگي ــ گذريل ويل ڪا آهي شام
زندگي ــ ڪنهن جي اکين جو آ ڪجل
زندگي ــ خوابن ۾ ڄڻ اکيون ٻڏل
زندگي ــ آ خاص ۽ ڪجهه عام آ
زندگي ــ ڄڻ ڪا اجائي حام آ
زندگي ــ ڄڻ اس لهسيل جهندو
زندگي ــ ڪنهن جي هٿن جو سوجهرو
زندگي ــ ڄڻ درد جي ڪا دانهن آ
زندگي ــ ڪنهن ڪنڌ هيٺان ٻانهن آ
زندگي! او زندگي!! او زندگي!!
موت سان تون راند ڇو کيڏين پئي.
زندگي ــ شرمائي، مرڪي آ ڏسڻ
زندگي ــ ڪنهن جي اڳيان ويٺو هجڻ
زندگي ــ ناري جو ڄڻ ن ٽوپيل
زندگي ــ آ چاهه جو والو پيل
زندگي ــ ڪنهن جي ادا جو نانءُ آ
زندگي ــ ڄڻ هيسيل ڪو هنيانءُ آ
زندگي ــ منڇر به آ، ڪينجهر به آ
زندگي، آ ڄڻ لاڙ، ٿر، اُتر به آ
زندگي ــ آ ساڌ ٻيلي جو مندر
زندگي ــ گل، پاڻي ۽ آهي پٿر
زندگي ــ ڄڻ ڪا الهڙ آهي ڪنوار
زندگي ــ ڄڻ آجپائي جي پڪار
زندگي ــ سرحد تي ويٺل ڪو جوان
زندگي ــ ڄڻ پيار جو آهي نشان
زندگي ــ ڄڻ وقت جو جلاد آ
زندگي ــ بي رحم ۽ بي داد آ
زندگي! او زندگي!! او زندگي!!!
موت سان تون راند ڇو کيڏين پئي.
(ذ-س)
توڙي جو ڊاڪٽر ذوالفقار سيال پاڻ رنگين مزاج عاشق، رومانوي شاعر، موسيقيت جو متوالو ۽ يارن جو يار رهيو آهي، اها ٻي ڳالهه آهي ته الائي ته ڇو ساڻس انيڪ ذاتي يا نظرياتي اختلاف رکندڙ اڪثر همعصر دوست سندس رعب ۽ دٻدٻي آڏو بيوس، لاچار ۽ ها ۾ ها ملائيندي سَرِ تسليم خم نظر ايندا آهن، اها ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي خوبي چئجي يا خامي ان تي بحث هڪ الڳ موضوع آهي پر سندس دوستيءَ جو ڀرم ڀريندڙن جي منافقي سوچ تي ضمير جي چهنڊڙيءَ جي احساس ڪجهه ته کين شرمساريءَ سان همڪلام ڪيو هوندو، ڇوته اڪثر اهڙا دوست ڊاڪٽر سيال سامهون تعريفن جا جهنڊا کوڙي يا روايتي طور لکڻين ذريعي ڀيٽا پيش ڪندي لفظن جا درياهه اڪاري ڇڏيندا آهن، پر اندر ڪارو ڪانءُ، ٻاهر ٻولي هنج جيان پچندا ۽ پڄرندا به آهن، توڙي جو سندن ادبي قد ڪاٺ هرهڪ باشعور چڱي طرح واقف آهي. افسوس اسان ڪنهن کي دلي طور مڃتا ڏئي سندس زندگيءَ ۾ ئي ڀيٽا پيش ڪرڻ کي ڪم ظرفي سمجهيو آهي.
ڪنهن به تمهيد کانسواءِ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي شخصيت ۽ ادبي خدمتن جو ڇيد ڪجي ته سندس شايع ٿيل سترنهن ڪتابن کان هن ڪتاب ۾ موجود اهم شخصيتن جي مضمونن ۽ راين مان اهو بخوبي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جو سنڌي ادب خاص طور ٻاراڻي ادب جي واڌ ويجهه ۾ نهايت اهم ڪردار رهيو آهي، سندس گيت ۽ غزل موسيقيت جي رچاءَ سان نهايت منفرد ۽ دل لڀائيندڙ آهن، اهوئي سبب آهي جو سندس شاعريءَ کي ملڪ جي نامور راڳين پنهنجي سرن ۾ ڳائي کيس ڀرپور موٽ ڏني آهي، ان کان وڌيڪ تعجب جي ٻي ڪهڙي ڳالهه هوندي جو کيس ايترن فنڪارن ڳايو آهي جو شايد سنڌ جي ڪنهن شاعر جي ايتري شاعري ڳائي وئي هجي ۽ اسان ۾ ان ڳالهه جو رشڪ پيدا ٿيڻ هڪ فطري عمل آهي، سندس همعصرن مان ڪير نه چاهيندو ته سندس شاعري اردو جا ناميارا راڳي مهدي حسن، مهناز، گلبهار بانو، خليل حيدر، جاويد اختر ۽ ٻين ٻولين جا فنڪار موسيقيت جو روپ ڏئي امرتا بخشين، اها سندس سنڌي ٻولي ۽ ادب سان بي انتها محبت ۽ اُنسيت چئجي جو ڊاڪٽر ذوالفقار سيال گذريل چئن ڏهاڪن کان لڳاتار نه فقط لکندو رهي ٿو پر ادبي سنگت جي هڪ متحرڪ اڳواڻ ۽ ڪارڪن جي حيثيت سان عملي طور اڳ کان اڳرو رهيو آهي. توڙي جو زندگيءَ جو ججهو عرصو مسيحائي پيشي سان واڳيل ۽ مصروف هئڻ باوجود زندگي براءِ ادب جي راهه کي ترجيح ڏني آهي ۽ اهڙي ڪردار کي مڃتا طور ڀيٽا پيش ڪري سرخرو ٿيڻ اجايو نه هوندو. هونئن به هن ڪتاب ۾ شامل مواد ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي زندگيءَ جي مختلف پهلوئن جو اهڙو نچوڙ ۽ دستاويز آهي، جنهن تي پاڻ نازان هجڻ تي حق بجانب آهي توڙي جو هي مواد اڃان اڌورو آهي، ٽڙيل پکڙيل مواد جيڪو هٿ آيو، شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. اڃان به سندس شخصيت ۽ فني خدمتن تي گهڻو ڪجهه شامل ڪري سگهجي ٿو ۽ ان رهيل مواد کي سهيڙڻ ۽ مڪمل ڪرڻ لاءِ ادب دوستن خاص طور شاگردن کي ڊاڪٽر ذوالفقار سيال تي ٿيسز لاءِ هن ڪتاب مان ڀرپور مدد ملي سگهي ٿي. اميد ته ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي ادبي خدمتن عيوض ڀيٽاطور پيش ڪيل هيءَ ننڍڙي ڪاوش ادب دوستن لاءِ بهترين سوکڙي ثابت ٿيندي.
ساجد سنڌي
حيدرآباد
03003513966