شخصيتون ۽ خاڪا

ڊاڪٽر ذوالفقار سيال: ادب ۽ شخصيت

ھن ڪتاب ۾ نامياري شاعر، نثرنگار ۽ سرگرم ادبي شخصيت ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي شخصيت تي لکيل مضمون ۽ رايا شامل آھن. سنڌي ادب جي تاريخ جا اهم ڪردار اسان وچ ۾ بيٺل ادب جي روشن ستاري ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي فني لياقتن تي قلم کڻن ٿا، ان کان وڌيڪ مڃتا ڊاڪٽر ذوالفقار سيال لاءِ ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي جو هو نه فقط سنڌ ۽ هند جي ادبي حلقي ۾ پنهنجي ناماچاري رکي ٿو پر ڏيهه توڙي پرڏيهه جي اديبن ۽ سڄاڻ ڌرين ۾ ايترو ئي مقبول آهي، جيترو پنهنجي ٻوليءَ ۾، ان جو اعتراف اردو جي نامياري اديب ۽ ڪالم نويس محمود شام به پنهنجي مضمون ۾ ڪيو آهي. جڏهن ته ڪتاب ۾ شامل سنڌي، اردو ۽ انگلش مضمونن ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي گهڻ رخي شخصيت تي مڪمل طور بحث ٿيل آهي.

  • 4.5/5.0
  • 22
  • 1
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ساجد سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ڊاڪٽر ذوالفقار سيال: ادب ۽ شخصيت

ذوالفقار سيال، غزل نگر جو حڪمران شاعر

جيئن ئي ذوالفقار پنهنجو شعري مجموعو “چهرا چند گلابن جهڙا” منهنجي حوالي ڪيو ته سڀ ڪم ڇڏي، اُن وقت ئي مختلف پارک جا تاثرات پڙهي، غزل پڙهڻ لڳس ۽ ائين 248 صفحي واري آخري غزل تي وڃي پهتس ۽ پوءِ گيت پڙهندي، نگاهن جو سفر صفحي 360 تي وڃي ختم ٿيو.
مان گيتن کان وڌيڪ ذلف جي غزلن مان متاثر ٿيو آهيان، گيتن ۾ فني لحاظ کان ذلف نوان تجربا به ڪيا آهن، هڪ ئي وقت ٻن صنفن تي ڳالهائڻ ذرا ڏکيو ٿو لڳي.
غزلن واري شاعريءَ جي وڏن قدرن ڪري، ڪي مصرائون ته وري، وري به پڙهڻيون پيون آهن، جن سوچڻ تي سمجهڻ تي ۽ وري، وري هنئين سان هنڊائڻ تي مجبور ڪيو، اهڙي ئي شاعريءَ کي وڏن قدرن واري شاعري (High valued poetry) سڏي سگهبو آهي.
پارکوءَ جي نظر، شاعريءَ ۾ جماليات، اجتماعي مفادن، استحصال خلاف تخليقي جنگ جوٽڻ، زميني لڳ لڳاءُ، معروضي ۽ آفاقي ورجيسون جاچڻ ۽ پرکڻ لڳندي آهي. ذلف جي شاعريءَ ۾ هي سڀئي خوبيون، ڪٿي ٿوريون، ڪٿي گهڻيون موجود آهن. سند س غزل سماجي ڪارج يا سڦلتا سان صوفڻ ٻير وانگر کنڊريل آهن. سماجي ڪارج جي حوالي سان هينئن چوڻ غلط نه ٿيندو ته: (The poets are harbingers of the scientists) يعني: شاعر سائنسدانن جا نقيب يا اڳواڻ ٿيندا آهن اچو ته اِه اڳواڻي ذلف جي غزلن مان ڳولهي لهون.
هٿن سان گهُٽي پاڻ ماري ڇڏيو سين،
اوهان جو تصور، اُڀاري ڇڏيو سين،
ٽٽلُ دل جو شيشو، جتي آهي وکريو،
اکين سان سو رستو اُجاري ڇڏيو سين.
***
لِڦون هٿن ۾، اکين ۾ ڳوڙها، اهي اسان جا نشان آهن،
دليون ڪشاديون ۽ رستا سوڙها، اِهي اسان جا نشان آهن،
صبح سويلو ٻَڌن هِي ٻوڪيون، مٿي تي پٽڪا، روا ۽ پوتيون
نماڻيون ناريون ۽ ٻار- پوڙها، اِهي اسان جا نشان آهن.
سچ، پچ ههڙن غزلن پڙهڻ سان، دل ٿي چوي، ته ذلف جي شاعريءَ مان اجتماعي ۽ معروضي خوبين ڳولهڻ تي وقت وڃائڻ بدران، غزل ئي پڙهي ٻڌائجن ۽ بس.
غزل ۾ ردم يا لئي جي رچاءَ تي، ٽَليون ٿيون وڄن، پير کڄڻ تي ڇير جا ڇمڪا ٿا ٿين، نه رڳو ايترو، پر ذلف جا غزل استعارن، تشبيهن، تمثيلن ۽ علامتن سان به مالا مال آهن:
اکين ۾ کڻي عڪس آيا هئاسون،
مگر شيشا نيڻن جا ٽوڙي ڇڏياسين.
او، ذلف! هي توکي ڇا ٿيو آ، يادن جا ٽُڪرا ٿو ميڙين، بڻي نه پوئي ڪو چهرو ٻيو، جو توکان پاڻ کي ويندو، اکين ۾عڪس کڻي اچڻ، نيڻن جا شيشا ٽوڙڻ ۽ يادن جا ٽڪرا ميڙڻ جهڙا استعارا شاعريءَ ۾ ڪتب آڻن ذلف جو ئي ڪمال آهي. غزلن جي هِنن سِٽن ۾ ڏسو، ڄڻ اکين اڳيان واقعا ٿي رهيا آهن، ڄڻ حقيقي عمل دخل محسوس ٿي رهيو آهي:
سوين ناتا، سوين تعلق اسين ٽوڙي هليا آهيون،
وري ڌرتيءَ جي سيني تي، جهنڊو کوري هليا آهيون.
***
برسات، وسي ٿي گولين جي،
رُتِ آئي رَتُ جي هولين جي،
نيڻن ۾ آبڪلياڻي آ،
مند آئي آهي ڇولين جي
استحصالي قوتن خلاف اسان گهڻو ڪجهه پڙهي چُڪا آهيون، پر غزل لکي تغزل جي ڌُٻڻ مان ڪڍي، غزلن ۾ نواڻ (Novelty) پيدا ڪري، ادب جي دنيا ۾ ذوالفقار ڪهڙي نه دل لُڀائيندڙ نموني استحصال جي نشاندهي پيو ڪري.
وڏي واڪ ماڻهو، هي گونگي شهر جا،
اشارا ڏين ٿا، نئين ڪنهن سفر جا،
سڄو ملڪ ڪرفيو ۽ گولين جي بارش،
گذاريون پيا ذلف لمحا قهر جا.
***
وري ظلم جي انتها ٿي وئي آ،
وري ڪربلا ڪَرَ موڙي اُٿي آ،
وري ڳوٺ جا ڳوٺ ميسارجي ويا،
وري تير نيزي جي بازي لڳي آ.
هن وقت تائين اسان جا پارکو اسان کي ٻڌائيندا پيا اچن، ته محبوب جي زلفن، ادائن، جام ۽ مينا پيش ڪرڻ واري شاعري داخليت پسندي (Subjectivism) جي قدرن ڪري، فقط هڪ فرد جي مفادن کي پورو ٿي ڪري، جنهن مان اجتماعي مفاد ڳولڻ، پاڻيءَ ۾ لٺيون هڻڻ برابر آهي. هِتي اسان جڏهن ذوالفقار جي مجازي يا عشقيه شاعري ٿا پڙهون، ته اجتماعي قدر به اسان کي ٻُوچ تائين ڀريل ماکيءَ جي شيشي وانگر ٿا لڳن:
جڏهن هير تنهنجي شهر ۾ گهُلي ٿي،
ڇُهي توکي خوشبو وکيري وڃي ٿي.
***
آ محسوس ٿيندو، ته آئي هُو آهي،
جو رستن ۾ خوشبوءِ پکيڙي آ ويندي.
زماني جي گردش، گهمايو گهڻن کي،
لهي ٿڪ وڃن ٿا، جي مُرڪي آ ڏيندي.
سنڌ کي امان چئي، جنم ڀوميءَ جو احترام ڪرڻ ۽ مٿانهون مان رکڻ واري واٽ اِجهو ذلف اسان کي هن طرح ڏيکاري ٿو:
سنڌ جي هر ڪنهن گهٽي، هر گام تان صدقو وڃان،
سنڌي ٻوليءَ جي حرف، هر نام تان صدقو وڃان،
چاهُه هن سان آهي ايڏو، ڄڻ ته جيجل ماءُ آ،
ديس جو ناهيان دروهي، نام تان صدقو وڃان.
هيءَ حقيقت رهي آهي، ته ڪنهن به شاعر جي لکيل غزل مان هڪ يا ٻه اهڙيون ته وڏن قدرن واريون مصراعون هونديون آهن، جو خودبخود واهه، واهه نڪري ويندي آهي، هن جا سڀ جا سڀ غزل سونَ ۾ مڙهائڻ جهڙا غزل آهن. هڪ غزل:
جي ساهه گُهٽي ڪو لَتَ رکي ڪيئن اُن کي ٽاريان، ڏس ڏيو،
ڪنهن ساڻ لڙان، يا ماڳ مران، ڪيئن جان کي واريان، ڏس ڏيو،
هر رستي جي چؤواٽي تي، ٿا لاش به خوابن جيان وکرن،
ڪو ايندو، آٿت ڪا ڏيندو، ٿو واٽ نهاريان، ڏس ڏيو.
آخر ويچار آهن، ته هندوستان جي اُلهاس نگر ۾ رهندڙ سنڌي شاعري ايم، ڪمل کي غزل جو بادشاه چيو وڃي ٿو، جنهن کي مان وڏو وزير چوندو آهيان، سنڌ جي حوالي سان ذلف به غزل نگر جو حڪمران آهي، جنهن حڪمرانيءَ جو تعلق دلين تي حڪومت هلائڻ کان وٺي، استحصالي قوتن خلاف قلمي لڙائي، سنڌ جي ماڳن ۽ مڪانن ۾ سماجي ڪارج پيدا ڪرڻ ۽ سنڌ جي اجتماعي مفادن لاءِ پاڻ پتوڙڻ اچي وڃي ٿو.


تاجل بيوس