شخصيتون ۽ خاڪا

ڊاڪٽر ذوالفقار سيال: ادب ۽ شخصيت

ھن ڪتاب ۾ نامياري شاعر، نثرنگار ۽ سرگرم ادبي شخصيت ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي شخصيت تي لکيل مضمون ۽ رايا شامل آھن. سنڌي ادب جي تاريخ جا اهم ڪردار اسان وچ ۾ بيٺل ادب جي روشن ستاري ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي فني لياقتن تي قلم کڻن ٿا، ان کان وڌيڪ مڃتا ڊاڪٽر ذوالفقار سيال لاءِ ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي جو هو نه فقط سنڌ ۽ هند جي ادبي حلقي ۾ پنهنجي ناماچاري رکي ٿو پر ڏيهه توڙي پرڏيهه جي اديبن ۽ سڄاڻ ڌرين ۾ ايترو ئي مقبول آهي، جيترو پنهنجي ٻوليءَ ۾، ان جو اعتراف اردو جي نامياري اديب ۽ ڪالم نويس محمود شام به پنهنجي مضمون ۾ ڪيو آهي. جڏهن ته ڪتاب ۾ شامل سنڌي، اردو ۽ انگلش مضمونن ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي گهڻ رخي شخصيت تي مڪمل طور بحث ٿيل آهي.

  • 4.5/5.0
  • 22
  • 1
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ساجد سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ڊاڪٽر ذوالفقار سيال: ادب ۽ شخصيت

ذُلف جيون جي گلدستي ۾: رخسانه لغاري

منهنجي دوست ڊسٽ کي ماڻهن جا زائيچا ۽ ڪنڊليون ڪڍرائڻ جو شوق هوندو آهي، سو ڪجهه ڏينهن پهرين ڪنهن ڳالهه تي چيائين ته ڊاڪٽر خيال جي ڄم جي تاريخ ٻڌاءِ ته ان جو زائچو ٺاهيون چيومانس ته مون کي صحيح ياد ڪانهي پر ڪهڙو مسئلو آهي. هاڻي ئي فون تي معلوم ڪري ٿي وٺان. ذوالفقار کي فون ڪيم چيائين 28 مئي “ڊسٽ” ته خبر ناهي زائيچو ڪڍيو الائي نه؟ پر مون ضرور ڪجهه سوچيو ته ڇو نه ذوالفقار تي سندس سالگرهه جي موقعي تي ڪجهه لکجي.
ان لاءِ وري فون ڪري اجازت ورتي مانس ته پاڻ چيائين ته لکڻ چاهين ته ڀلي لکو. چيومانس ته ذوالفقار ڀلا اهو ٻڌاءِ ته ڇا ڇا نه لکان؟ مڙئي ڪو پيار محبت جو حوالو به ڏيان رڳو.... وڏي معصوميت سان چيائين، هاڻي ته ٻچڙا به جوان ٿي ويا آهن گهر ۾ ويڙهه ڪرائيندئين ڇا؟
مون محسوس ڪيو آهي ته ذوالفقار پنهنجي ٻارن جي معاملي ۾ نهايت حساس آهي. ٻارن جون ننڍيون ننڍيون فرمائشون هجن يا سندس ايجوڪيشن جا معاملا ذوالفقار پر هوندي به هر وقت پنهنجن ٻچن سان گڏ محسوس ٿيندو آهي. جيئن ڪو وجهه ملندو اٿس سڌو لاڙڪاڻي گهڻو ڪري هر ڏينهن پندرنهن ڏينهن، بقول ذوالفقار جي کيس ٿلها ماڻهو پوءِ اهي مايون هجن يا مرد ۽ ڪارا ۽ سانورا به کيس نه وڻندا آهن. سواءِ پنهنجي پٽ جي جيڪو گهر ڀاتين ۾ واحد سانورو آهي. کيس وڌي پيارو به آهي.
ڪن ماڻهن سان عمر جو گهڻو عرصو گڏ هوندي به اوپرائپ محسوس ٿيندي آهي يا رهندي آهي پر تمام گهٽ ماڻهن سان وري ٿوري عرصي جي سڃاڻپ ۽ ويجهڙائپ ايئن محسوس ٿيندي آهي ته سندس سان ڪو ورهين کان پنهنجائپ وارو رشتو آهي، ذوالفقار به انهن ٿورن ماڻهن منجهان لڳو.
ساڻس دوبدو واقفيت سال 1998ع کان آهي، دوبدو ۽ ٽيليفونڪ ڪچهرين کانپوءِ سندس سچي، سٻاجهي ۽ اندر جي کري انسان هجڻ جي ڄاڻ ٿي، جنهن مون کي سندس شخصيت ۽ شاعري تي ڪجهه لکڻ لاءِ اتساهيو. اڄ اهو طئه آهي ته ذوالفقار جي تعريف ڪجي. هونئن به محبتن کي تنصيد جي پهلو ۾ جانچڻ پاڻ سکيو ئي ناهي. ان ڪري ذوالفقار جي حوالي سان صرف سندس خوبين جو ذڪر ڪبو ۽ سندس تعريفي ذڪر جي عيوض مون کي ڇا ڀوڳڻو پوندو. ان کي پوءِ پيا منهن ڏينداسين. هونئن به جيڪڏهن ڪا عورت ڪنهن مرد جي تعريف ڪري ان بابت ڪجهه ڳالهائي يا لکي ته داستان جڙي پوڻ ۾ دير ئي ڪا نه ٿي ٿئي، اهڙي ڪنهن داستان جڙڻ جي پرواهه ڪندي بغير مون لکڻ شروع ڪيو. ڪجهه عرصو پهرين منهنجي دوست جيڪا پاڻ به ادب دوست آهي ڪنهن ڳالهه تي مون کي ذوالفقار ۽ هڪ ٻي ساٿي لاءِ چيائين ته اهي صحيح ناهن. انهن کان محتاط رهجان. مون کيس چيو ته ڇو؟ توکي ڪجهه چيو اٿن يا ڪجهه ڪيو ٿن ڇا؟ چيومانس ڀيڻ توهان جنهن جن سان ڳالهايو، سي سڀ چڱان، باقي اسان جنهن سان ڳالهايون سي آهن خراب، باقي جي ڪا ڳالهه آهي ته کڻي ٻڌاءِ؟ ته وٽس خاموشي هئي. وٽس ڪو به جواز يا دليل ڪونه هوس، ڪو کڻي ٻڌائي. مزي جي ڳالهه ته سندس جي ذوالفقار سان ڳالهه ٻولهه ٿي ئي ڪانه رهي آهي.
هونئن به اسان جي ادبي دنيا جو جيڪو پاڻ ۾ تعلق آهي. ننڍڙيون ننڍڙيون ڳالهيون هونديون آهن. جتان من گهڙت داستان جڙيو پون تعريف جو ملهه مهانگو ٿي ويو آهي، ۽ بي ضرر ماڻهو ان جي پرواهه ڪونه ڪندا آهن.
ڊاڪٽر ذوالفقار جي شاعري جي ٻولي سادي ۽ سولي آهي، ذوالفقار کي ڏانءٌ آهي لفظن جي چونڊ جو ۽ ان جي استعمال جو. هو لفظن جي ميلاپ مان جذبن جي عڪاسي عوامي زبان ۽ انداز ۾ بيان ڪرڻ جو فن خوب ڄاڻي ٿو. ذوالفقار ۾ اجائي فحاشي ۽ اگهاڙپ نظر ڪانه ٿي اچي. سندس ٻولي جو انداز ڏاڍو قربائتو ۽ دل کي وڻندڙ آهي.
اسان ڪجهه دوست ڪچهري ڪري رهيا هئاسين ۽ شاعري گفتگو جو موضوع هو.
مون دوستن کي ذوالفقار جو شعر ٻڌايو
سدا سچ جي ڳالهه ڪئي آ ڪنداسين
ڀلي پير ڦٽجن رلائي ته ڏسجان
اصولن جي خاطر اٿئي ڪنڌ حاضر
زمانا ڪڏهن آزمائي ته ڏسجان
۽ پڇيو ته ڀلا اهو شعر ڪنهن جو آهي؟ ته انهن مان هڪ چيو ته استاد بخاري جو ۽ ٻي چيو ته ابراهيم منشي جو ٿو لڳي. جڏهن ٻڌايو مان ته اهو شعر ذوالفقار سيال جو آهي ته ٻنهي چيو ته پوءِ نقل آهي؟ اتي مون محسوس ڪيو کين شعر ته وڻيو اٿن پر هو ذوالفقار جي قابليت کي مڃتا ڏيڻ کان لنوائي رهيا هئا، ذوالفقار جي شاعري ۾ استاد بخاري ۽ ابراهيم منشي جهڙن عوامي شاعرن جي شاعري جي جهلڪ ضرور نظر اچين ٿي جيئن سندس هي شعر :
ڪنڌن تي سڏي ڪات جت ڪوڙ چئي
جتي رات ڪاري کي پرڀات چئجي
لٽيرن کي رهبر ۽ وحشين کي انسان
ڳوڙهن کي ٽهڪن جي برسات چئي
اهڙي زندگيءَ به ڪائي زندگي آ
اهري زندگي تي لعنت وجهون ٿا
ذوالفقار جي وسيع مطالعي مشاهدي ۽ اندر جي حساسيت ۽ رب پاران مليل ڏات ۽ سندس محنت سندس تخليقن ۾ نروار آهي.
سندس جي شخصيت جي انداز ۽ مزاج ۾ هڪ طرف سادگي، سچائي، نرمي، شائستگي ۽ صوفياڻو رنگ نمايان آهي، ته ٻي پاسي چستي، بي ضرر جاکوڙي، کرو ۽ بي باڪ هجڻ جا عڪس پڻ واضح نظر اچن ٿا.
جيئن پاڻ چوي ٿو.
ويڇن جون ديوارون توڙي اچو ورهايون پيار
نفرت مان ڪجهه ورڻو ناهي پرچو پاڻ ۾ يار يا وري
مون جي سچ به چيو
ڪوڙ ٿي سو ويو
تنهنجي هر ڪوڙ کي
لوڪ سچ آ چيو
ڌرتي ماءٌ سان ويساهه گهاتيون ٿيندي ٿيندي ۽ ان ۾ پروان سان گڏ پنهنجن جي شموليت لالچ، ٽڪن ۽ رتبن جي حاصلات لاءِ وسان نه گهٽائيندڙن جي نشاندهي پڻ ذوالفقار جي شاعري ۾ عيان آهي، جيئن چوي ٿو.
ڪي ڪي ماڻهو سچ ڳالهائي، گوليون کائي کلندا آهن
پر ڪي ماڻهو باغي بڻجي نينهن نڀائي ويندا آهن
پنهنجو جهول ڀرڻ جي خاطر سڀ ڪجهه پنهنجو داءٌ لڳائي
ظرف ضميرن جا واپاري ديس کپائي ويندا آهن
ذوالفقار حسن پرست آهي، سندس خماريل اکين کي حسن جي تلاش به آهي ته پرک به، حسن ڪائنات جي فطري نظارن ۾ به ڏسي ٿو ته وري اجري ۽ پرڪشش شخصيت واري محبوب جي ادائن ۾ به محسوس ڪري ٿو. هو حقيقي ۽ مجازي ٻنهي حوالن سان عشق جو انداز ڄاڻي ٿو. کيس دل کولي تعريف ڪرڻ به اچيس ته منافقن سان نفرت جو بنا حجاب اظهار ڪرڻ جو هنر آهي.
ذوالفقار جي شخصيت ۾ فيصلا سازي جي حوالي سان لچڪ ڏسڻ ۾ ڪانه ٿي اچي، فيصلو سدائين اٽل ڪندو آهي، ڦرڻو گهرڻو بلڪل ناهي، خبر ناهي ته اها سندس خوبي آهي يا وري خامي، بهرحال اها حقيقت ضرور آهي. جيئن پاڻ هڪ ٽيڙو ۾ چيو اٿس.
پنهنجو وجود
آهي گواهي
حق موجود
ذوالفقار پنهنجي شخصيت ۾ دنياوي خطابن پوءِ اهي سردار يا نواب يا وري ڏاهو مهان ۽ اعظم هجن کان گهڻو مٿانهون آهي. ڇو ته هو پنهنجي مٿان اهي خول چاڙهڻ جو عادي نٿو ڏسجي. جيئن آهي تيئن نظر ايندو آهي. سچل زباني “جو ئي اهيان سو ئي آهيان”، ذوالفقار ملنسار آهي، محبت ڏيندڙ آهي. سندس چوڻ آهي ته کيس ايترو پيار ناهي مليو جيترو هو چاهي ٿو. هو محسوس ڪرائيندو آهي ته دوستن لاءِ سندس جهولي پيار ۽ محبت جي مٺاس سان ڀريل ئي آهي. دعا آهي ته ذوالفقار جيترو پيار چاهي ٿو کيس نصيب ٿيئس. مجموعي طور تي ذوالفقار جي شخصيت انسانيت، روحانيت، فطرت، حساسيت، نظريات، چاهت ۽ موسيقيت جي انڊلٺ جو روپ آهي.
ذوالفقار وڏو شاعر آهي ۽ ڀلو انسان آهي ۽ منهنجي لاءِ قابل احترام پڻ، سندس تي لکڻ جي همت ان ڪري ڪيم. جو هو اسان جو دوست آهي. مان عام رواجي سادي مائي جيئن ڄاتم تيئن لکيم. اهو سڀ ڪجهه تمام گهڻو مٿاڇرو ۽ سطحي آهي. ذوالفقار ان کان گهڻو وڌيڪ لهي ٿو پر مون وٽ شايد لفظن جي کوٽ آهي. ذوالفقار جنم ڏينهن مبارڪ.