شخصيتون ۽ خاڪا

ڊاڪٽر ذوالفقار سيال: ادب ۽ شخصيت

ھن ڪتاب ۾ نامياري شاعر، نثرنگار ۽ سرگرم ادبي شخصيت ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي شخصيت تي لکيل مضمون ۽ رايا شامل آھن. سنڌي ادب جي تاريخ جا اهم ڪردار اسان وچ ۾ بيٺل ادب جي روشن ستاري ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي فني لياقتن تي قلم کڻن ٿا، ان کان وڌيڪ مڃتا ڊاڪٽر ذوالفقار سيال لاءِ ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي جو هو نه فقط سنڌ ۽ هند جي ادبي حلقي ۾ پنهنجي ناماچاري رکي ٿو پر ڏيهه توڙي پرڏيهه جي اديبن ۽ سڄاڻ ڌرين ۾ ايترو ئي مقبول آهي، جيترو پنهنجي ٻوليءَ ۾، ان جو اعتراف اردو جي نامياري اديب ۽ ڪالم نويس محمود شام به پنهنجي مضمون ۾ ڪيو آهي. جڏهن ته ڪتاب ۾ شامل سنڌي، اردو ۽ انگلش مضمونن ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي گهڻ رخي شخصيت تي مڪمل طور بحث ٿيل آهي.

  • 4.5/5.0
  • 22
  • 1
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ساجد سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ڊاڪٽر ذوالفقار سيال: ادب ۽ شخصيت

ٻاراڻو ادب ۽ ذوالفقار سيال

سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻاراڻي ادب جي کوٽ ۽ انهيءَ کوٽ ڪاڻ سنڌي ٻار ۽ خاص ڪري شهري سنڌي ٻار جو ٻوليءَ سان ڪٽيل هئڻ ڏاڍو دکدائڪ آهي. شهر ۾ مڙهيل ٻولين کي پڙهڻ لاءِ هٿرادو معمور ڪيل ٻار نه رڳو اسڪول ۾، بُڪ اسٽالن تي رکيل رنگين ڪهاڻين جي رنگين ڪتابن، ڪيسٽ ڪهاڻي، ٽي وي تي ٻاراڻا گيت/پروگرام ۽ ان کانپوءِ سڙڪن، ڳلين ۽ پاڙن ۾ مڙهيل ٻولين جي دائرن ۾ محدود ڪيل، سوال جي اڳيان بيٺل به ان سوال جو جواب به شڪ ۾ پيل آهي ته هاڻي شهري سنڌي ماءُ سنڌي ۾ لولي ڏي به ٿي يا نه؟
پر ڪنهن به ٻوليءَ ۾ لولي نٿي ڏي شايد، هوءَ پاڻ به ته سنڌيءَ ۾ ٻاراڻن سان ڪٽيل آهي.
ان ساڳئي شهري ٻار لاءِ:
“واهه ڙي تارا گول تارا،”
“جو کير پيئي سو وير ٿئي”
“منهنجي امڙ ــ ”
۽ اهڙو ڪيترو ڪجهه اوپرو بڻيل،
ٻولي اوپري بڻيل
ٻوليءَ جو هڳاءُ اوپرو بڻيل
الاءِ هو خواب به پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڏسي به ٿو الائي نه!؟
الاءِ هن جي خيالن جي دنيا ۾ رهندڙ پريون هن سان ڪهڙي ٻوليءَ ۾ ٿيون ڳالهائين؟
الاءِ هو پنهنجي ان ڪامپليڪس تي ڪيئن ٿو قابو پائي ته هو چڱيءَ ريت مڙهيل ڳالهائي سگهڻ جو ڪارنامو بهرحال انجام نٿو ڏئي سگهي.
هڪڙو دٻيل خوف ته گهر جي چار ديواريءَ کان ٻاهر کيس پنهنجي ٻولي ڳالهائڻ گهرجي يا نه؟
هن کي پنهنجي ٻوليءَ جي لفظن جي ڄاڻ هجي به سهي کيس هن جي رنگن جي ڄاڻ ڪانهي، هو بُڪ اسٽالن تي رنگين سنڌي ڪهاڻيون ڳولهڻ جو تصور به نٿو ڪري سگهي. سنڌي ٽي.وي پروڊيوسر وقت بچائڻ لاءِ سنڌي پروگرام ٻارن کي ڳوٺاڻي ڪاسٽيوم ۾ اُهي گيت وات ۾ ڏئي ٿو ڇڏي جيڪي علڻ فقير ۽ عابده پروين ڳايا آهن. معصوم پرڊيوسر کي ڪانهي سڌ ته انهن گيتن/ ڪافين جو خيال ٻوليءَ معنيٰ ڪنهن به ٻار جي ذهن کي ڇهڻ کان مٿاهين آهي، ٻار جيڪو ٻڌڻ ٿو چاهي.
ڪڙ ڪڙ ڪڙ ڪڙ ٻوليون ٻولي
منهنجو آهي پيارو ڪُڪڙ
ڪڪڙو ڪونه-ها-ڪڪڙو ڪون
اَسر ويلي ننڊ ڦٽائي
مٺڙا مٺڙا ٻول ٻڌائي
لوڪ ستل هي ٿو جاڳائي
سهڻا سهڻا پرڙا کولي
ڪڪڙو ڪون ــ ها ــ ڪڪڙو ڪون
(ذوالفقار سيال)
اهي ننڍڙا ننڍڙا ٻاراڻا ٻول هن کي ٻوليءَ سان ڳنڍي رکن ٿا ۽ ٻولي جيڪا هن کي ڌرتيءَ سان ڳنڍي رکي ٿي، ٻاراڻا ٻول جيڪي هن جي خوابن مان ڦٽي نڪرن، هن جو آواز هجن، شاعر جو آواز نه:
ماستر ڦيري
ڍينگو ڍيري
هٿ انهيءَ جو
ڄڻ پنج سيري
Involve رهيا آهن، اوترو اقبال جا نظم هن لاءِ محض ڪورسن جو سبق رهيا آهن، جيڪي استادن مٿان مڙهيا آهن. ان کان وڌيڪ ڪجهه به نه.
مان ذوالفقار سيال جا نظم پڙهان ٿي ته مون کي اهو محسوس ٿئي ٿو ته هو ٻارن کي ڀاڪر ۾ ڀري هلڻ ٿو چاهي- ٻار بنجي خواب ٿو گيتن ۾ ڀري ۽ ائين ڪرڻ ۾ هو سڦل به ويو آهي.
مان سوچيان ٿي.
مان ٻار هجان ــ ننڍڙي پتڪڙي
ائين نون سالن جي
ذوالفقار سيال ايترو ئي هجي ها ٻاراڻا گيت لکندڙ شاعر. مان هن ڀيري اقبال ۽ صوفي غلام مصطفيٰ تبسم جا نظم، پڙهڻ بدران سندس گيت پڙهان.


(لفظن جا رانديڪا، 1979ع )

نورالهدي شاهه