“باهمت ۽ مستقل مزاج ذوالفقار ‘ذلفي’”: ع.غ.تبسم
مان ساڻس گڏ سفر به ڪري ڏٺو آهي ۽ انسان جي فطر تن جو اصلي سراغ به ڪنهن سفر دوران ئي ملي ٿو ۽ هو مان ڏٺو ته نهايت هڏ ڏوکي ۽ ڏک سُک جو هم رفيق پڻ آهي.
ساڻس گڏ سچل سئاينءَ جي ٻار هي واري سڏ تي خيرپور وڃڻ ٿيو. سخت بخار ۾ هوس ۽ هن انهيءَ بخار ۾ منهنجي سعات ساعت ۾ سار پئي لڌي ۽ اُن کان اڳ اهو اندازو ڪونه هوم ته هو من جو ايترو سچو ۽ کرو آهي. ڇو ته بظاهر کهرو ۽ ڪڏهن تلخين زرده مجموعي جو ڏيک ڏيندڙ ذوالفقار ايتريون محبت جون وٿون به آڇي سگهي ٿو.
سندس شاعريءَ جو پڙاڏو شايد منهنجي شاعريءَ وارن ڏهين کان به اڳ جو آهي. سندس عمر قلم ۽ ڪاڳر جي پورهئي ۽ ۾ گذري آهي ۽ سا به نهايت سڪار تي نموني ڌرتيءَ جي خوبصورت آوازن سندس شاعريءَ کي ڳاتو ۽ ڌرتيءَ واسين کي پئي جهومايو آهي.
سندس لونءَ لونءَ ۾ فنونِ لطيفه جو رس ڀريل آهي. موسيقي ٻڌندو، جهومندو جهومائيندو رهندو آهي ۽ ان کان اڳتي ٽيليويزن جي پروگرامن جي ميزباني پڻ سندس مشق ۾ رهي آهي. کلندڙ، ڳالهائيندڙ ذوالفقار سيال کيس ان حساسيت ۽ نازڪ مزاجيءَ کي ضابطو رکڻو پوندو جو مٿس وڏي ذميوار ي آيل آهي. منهنجيون دعائون آهن ته جُڳ جُڳ جيئي ۽ سُرهائيءَ سان پنهنجي ٻوليءَ جي آبياريءَ جو ڪم بنهه مانائتي طور طريقي سان سرانجام ڏيندو رهي ڇو ته هو ٻوليءَ جي لفظن، سٽن ۽ بقائيت جو باقي همعصرن جيترو ذميوار خادم ۽ مخدوم پڻ آهي. باهمت ۽ مستقل مزاج ذوالفقار “ذلفي” منهنج عزيز دوست آهي. منهنجي تمنا آهي ته هو پنهنجي موجدو ذميواري نڀائيندي پنهنجين امتحانن جو خود اهڃاڻ بڻجي پوي ۽ مونکي وسهه آهي ته هو ان امتحان ۾ عملي طور پار ٿي پڄڻ وارو اڏول ۽ اٽل انسان آهي. سندس جنم ڏڻ کيس مبارڪ هجي، منهنجيون کوڙ ساريون دعائون ڊاڪٽر ذوالفقار ۽ ادبي کيتر جي پورهيت پنهنجي ذلفيءَ لاءِ.