هڪ دوست، هڪ روشن خيال اديب
ڊاڪٽر ذوالفقار سيال سان تعلق داريءَ جي پيچن ۾ هڪ وڌيڪ اضافو ڪراچيءَ ۾ رهندي ٿيو. جڏهن نوي جي ڏهاڪي ۾ هو سول اسپتال ڪراچيءَ ۾ ايڊيشنل پوليس سرجن هو ۽ مان اردو آرٽس ڪاليج ۾ ليڪچرر مقرر ٿيس. ٻئي جايون هڪٻئي جي ويجهو هئڻ ڪري دعا سلام، صلاح صواب ۽ حال احوال جو قائم رکيل سڳو اسان ٻنهي کي گهلي علي احمد بروهي صاحب جي آفيس تائين وٺي ويو، جتي اسان جون يادگار چوياريون لڳڻ لڳيون. اتي ٿيندڙ ڪچهرين ۾ اسين هڪٻئي جي ايترو ويجهو اچي وياسين. جو ادبي، علمي، توڙي ذاتي معاملن ۾ هڪٻئي جي راءِ جو احترام ٿيڻ لڳو. انهيءَ تسلسل ۾ اڳتي هلي سنگت ڪراچي توڙي ٻين ميڙن ۽ مجلسن ۾ شراڪت داري رهي. ڊاڪٽر صاحب سان ٿيل مسافرين ۾ حادثن، حيرتن ۽ حسرتن جا طويل داستان آهن، جن کي رقم ڪرڻ لاءِ هڪ ڌار مضمون لکڻ جي ضرورت آهي.
ڊاڪٽر ذوالفقار سيال سان گذريل ٽيهن سالن جي سڃاڻ ۽ سنگت کي پسمنظر ۾ رکندي مڻ انتهائي وشوق سان چئي سگهان ٿو ته هو اسان جهڙن بگڙيل معاشرن ۾ ڪيترن ئي حوالن سان هڪ مثالي دوست آهي، هڪ باعزت گهراڻي سان تعلق هجڻ ڪري هو هٿ جو سخي ته آهي ئي پر مرڪن ۽ ٽهڪن سميت هو بيشمار خوبصورتين جي ورڇ ڪندو رهندو آهي. اوهان جڏهن به ساڻس ساٿ ۾ هوندو ته نه رڳو اوهان جي ....... تي تالو هئڻ جو اعلان ڪندو پر گڏوگڏ سٺو کاڌو کارائڻ، آرمده سفر ڪرائڻ، وقت جي پابنديءَ مطابق پروگرام ترتيب ڏيڻ ۽ واپس ماڳ تي پهچائڻ سميت ميزباني ۽ ساٿ جا اهڙا ته سرها گل پيش ڪندو جو ساڻس رهندڙ ساٿ هميشه يادگار ٿيو وڃي. مزاج جي حوالي سان توڻي جو غلط ڳالهه ۽ ڪوڙي قصي ٻڌڻ سان کيس فورن غصو ايندو آهي، پر دوستن جون مندايون ۽ غلطيون ٿڏي تي معاف ڪرڻ جو دل گردو مون جيترو منجهس ڏٺو آهي. اهو گهٽ اديبن ۾ موجود ملندو، ڊاڪٽر ذوالفقار سيال نه رڳو وقت جو پڪو ۽ پابند شخص آهي پر ڌن جي پڪائي ته ان کان وڌيڪ لهي ٿو، هو هڪ دفعو جنهن ڳالهه تي مطمئن ٿي ويو سا جيستائين پوري نه ڪندو تيستائين بس ڪري نه ويهندو، انهيءَ طبيعت جي ڪري هن بيشمار تڪليفون ۽ تعذيرون کڻندي به ڪڏهن پوئتي وک نه وڌائي آهي.
سنڌي ادبي سنگت ۾ رهندي هن جيتري جدوجهد ۽ جاکوڙ ڪئي آهي. ايتري پنهنجي ذاتي ڪمن لاءِ ڪري ها ته شاندار پوسٽنگس ماڻي وٺي ها. بهرحال حقيقت آهي ته ذاتي طور تي نقصان سهندي به هن اجتماعي ڀلي جي لاءِ ايترو ڪجهه ڪيو آهي. جو سنڌي ادبي سنگت جي تاريخ ۾ هميشه هڪ بااعتماد بت شڪن سيڪريٽري جنرل طور ياد ڪيو ويندو. ادبي حلقي ۾ هلندي جيتوڻيڪ سندس سنهيون ڪاريون مڇون اڇاتري سليٽي رنگ ۾ تبديل ٿي ويون آهن، پر سندس چهرو پوءِ به ٻهڪندو رهي ٿو. اسين سندس دوست دعاگو آهيون ته شال اهو چهرو سدائين سرهو ۽ سرخرو رهي.
انعام شيخ