سونهن ۽ سڀيتا جو شاعر ڊاڪٽر ذوالفقار سيال: اسد ٻگهيو
ذوالفقار سيال جي رومانوي شاعري بي قرار روحن کي قرار مهيا ڪري ٿي. هو شاعري جي ذريعي ديس کي دکي انسانن کي خوشحال بنائڻ جا گر سيکاري ٿو. هو ڏاڍ ۽ ظلم خلاف آواز اٿارڻ لاءِ ستل قوم کي جاڳائي ٿو. هنجي گيتن مان ڌرتي جي خوشبو اچي ٿي. سندس هر گيت پڙهڻ کانپوءِ دل ۾ عجيب سرور محسوس ٿئي ٿو. ڏٺو وڃي ته شاعر ۽ اديب ئي معاشري جا بهترين نقاد هجن ٿا. جيڪي پنهنجي قلم ذريعي معاشري ۾ٿيندڙ ظلمتن جي وارتائن کي بيان ڪن ٿا. اسان جو ذلف به اهڙن ئي شاعرن ۽ اديبن جي سٿ ۾ نمايان نظر اچي ٿو. هو پنهنجي منجي سمورين سچائين سان معاشري ۾ جيڪو وهي واپرائي پيو. ان جي اپٽار ڪندو رهيو آهي ۽ انشاءَ الله اڳتي به ڪندو رهندو. ان لکڻ ۾ ڪو وڌاءٌ به ناهي ته هو واقعي به سنڌ ڌرتي جو سچو عاشق آهي. سندس گيتن مان ڌرتي جا رنگ نمايان بکن ٿا، جيئن ته ڊاڪٽر ذوالفقار سيال به هن ئي معاشري جو ئي فرد آهي. هن به معاشري جي مثبت ۽ منفي قدرن مان پيدا ٿيندڙ انساني روين جو اثر قبوليو آهي. ان ڪري سندس گيت ٽوهه ڪسارا به آهن ته ماکي لارون به سندس شاعري جي ڪتابن ۾ حسن ۽ عشق جا معاملا، معاشي محرومين، سياسي زوال پذيري جي ڀڃ ڊاهه ۽ ٻين انيڪ معاملن جي اپٽار ٿيل آهي. ڊاڪٽر ذوالفقار سيال پنهنجي اندر جي سمورين سچائين جو اظهار پنهنجي سرزمين جي حوالي سان ڪيو آهي. جنهن ڌرتي جو هزارين سالن کان تهذيبي، ثقافتي، علمي ۽ ادبي حوالو آهي. ڊاڪٽر ذوالفقار سيال به خوبصورت چهرن جي اوت ۽ مٺين ڳالهين ۽ خوبصورت لفظن جا عڪس چٽي سڀني منظرن کي زبان ڏني آهي. سندس شاعري انساني رشتن ۽ ناتن جو پريم رس ۽ لازوال محبتن جو ادراڪ پڻ آهي.
ڊاڪٽر ذوالفقار سيال سنڌ جو اهڙو عوامي شاعر آهي. جنهن عوامي شاعري ۾ ڪنهن به شاعر جي تقليد ناهي ڪئي. هن جي سموري شاعري هن جي پنهنجي نجي تخليق آهي. سندس شاعري جو ماحول نئون ۽ انوکو آهي. شاعري ۾ هن جيڪي به اصطلاح ڪم آندا آهن يا جيڪو لهجو ۽ ٻولي استعمال ڪئي آهي. اهي سڀئي شيون هن جون پنهنجون آهن، اها ئي سندس عوامي شاعري ۾ سندس انفراديت ۽ سڃاڻپ آهي. ڊاڪٽر ذوالفقار سيال پنهنجي وڻندڙ شخصيت جيان شاعري به سهڻي ۽ وڻندڙ سرجي آهي. جنهن ۾ ڌيما سر ۽ مٺيون ڳالهيون به آهن ته نرمي به ۽ بيهڪ به، سندس شاعري ڊڪشن جي اعتبار کان به سولي ۽ سلوڻي آهي. ڊاڪٽر ذوالفقار سيال گيتن جو دلربا شاعر آهي. هن جي گيتن جي شاعري جا موضوع پيار ۽ محبت آهن، پيار جا سڀئي درد دک، پيڙا، وڇوڙا، ڀوڳنائون، رسڻ، پرچڻ اوسيئڙا ۽ الڪا هن جي شاعري جا عنوان آهن، اهو ئي سبب آهي جو ذوالفقار سيال جي شاعري ۾ خارجيت بجاءِ داخليت جو عنصر نمايان نظر اچي ٿو. هن وٽ جذبن جي بي ساختگي آهي. هو ڄاڻي واڻي لفظن ۽ اڻانگين تشبيهن جو ڳولائو ناهي. ڊاڪٽر سيال انيڪ درد سيني ۾ لڪائي به چپن تي مرڪن جا پوپٽ سجائي رکڻ جا گر ڄاڻي ٿو. هن سان جڏهن به ملبو ته هو سدائين مرڪندي ۽ مهڪندي ئي ملندو آهي، مطلب ته سندس چهري تي سدائين مرڪون نظر اينديون. هن جا شاعراڻا احساس. نگاهن جي چمڪ چهري تي مرڪون ۽ مزاج جي خاموشي سندس عشق جي وڏي ۾ وڏي گواهي آهن. ڊاڪٽر ذوالفقار سيال هڪ انتهائي حساس، نفيس ۽ درد ڀري دل رکندڙ شاعر آهي، هر انياءَ هر ڏاڍ ظلم ۽ غير منطقي عمل تي هو ڏکارو ٿي پوندو آهي. هو سچو سادو ۽ درگذر ڪرڻ واري طبيعت جو مالڪ آهي. ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جا هي ڀاڳ چئبا جو سنڌ ته ڇا پر عالمي ليول جي فنڪارن به سندس گيتن کي ڳايو آهي. مشهور فنڪار مهدي حسن، استاد محمد يوسف، گلبهار بانو، زرينا بلوچ، مهناز، منظور سخيراڻي، خليل حيدر، رحيم شاهه، سجاد يوسف، عالمگير، سرمد سنڌي، شبانه ڪوثر ۽ ٻين فنڪارن پڻ سندس شاعري کي ڳايو آهي. جڏهن ته موسيقي جي مشهور موسيقار استاد فيروز گل، ظفر علي خان، خان غلام علي، پروفيسر نجمي رضوي، استاد نياز احمد، عرفان سمون ۽ ٻين موسيقي ترتيب ڏني آهي. اهو چوندي ڪو وڌاءٌ نه ٿيندو ته هو شاعري جي افق تي چمڪندڙ هڪ روشن ستارو آهي. واضح ڪندو هلجي ته ڊاڪٽر ذوالفقار سيال نه رڳو رومانوي ۽ انقلابي شاعر سرجي آهي. پر هن ٻاراڻي شاعري به وڏي مقدار ۾ سرجي آهي. جنهن کي ٻارن پاران وڏي شوق ۽ ذوق سان پڙهيو ويو آهي. سندس شاعري جا لفظ سادا ۽ سهڻا هجن ٿا. سندس شاعري ۾ رواني به آهي. پڙهڻ ۾ ڪنهن به قسم جو مونجهارو محسوس نه ٿو ٿئي.
سنڌي ادبي سنگت ڪيترن ئي سالن تائين نالي ماتر رهي ادبي سنگت تي هڪ مخصوص ٽولي جو قبضو رهيو. هر سيڪريٽري ايندو ۽ ويندو رهيو پر ڪنهن به ڪا مثبت ڪارڪردگي نه ڏيکاري پر ڊاڪٽر ذوالفقار سيال ان مخصوص ٽولي جي هڪ هٽي ختم ڪئي ۽ هو ادبي سنگت جو سيڪريٽري جنرل رهيو. ان ادبي سنگت کي اوج ڏياريو. ڪيترائي ناليواري ليکڪ جيڪي ادبي سنگت کان پاسيرا ٿي ويا هئا. انهن کي ٻيهر سرگرم ڪيو. هن جي سيڪريٽري جنرل رهڻ واري عرصي دوران ادبي سنگت جي ويب سائيٽ تيار ڪئي وئي. سنگت جي مرڪزي آفيس قائم ڪرڻ لاءِ ڀرپور نموني ڪم ٿيو. سنڌي ادبي سنگت بهترين اديبن ۽ ليکڪن کي ايوارڊ ڏنا. مختلف موضوعن تي پروگرام ڪرايا ويا. بيمار ليکڪن جي مالي سهائتا ٿي پر ايڏي مثبت ڪارڪردگي ڏيکارڻ باوجود اديبن جو هڪ مخصوص ٽولو خاموش ٿي نه ويٺو سڄو عرصو ذوالفقار سيال خلاف واويلا ۽ هاءِ گهوڙا ٿيندي رهي پر هن پنهنجو عرصو شاندار نموني سان پورو ڪيو ۽ هن وقت به سندس ئي گروپ جو ساٿي دوست يوسف سنڌي سنگت جي بهتري لاءِ جاکوڙي رهيو آهي. ان ۾ ڪو وڌاءٌ ناهي ته ڊاڪٽر ذوالفقار سيال هڪ اتساهه جو ادارو آهي. هو هڪ بڙ جي گهاٽي ڇانو جي مترادف آهي.
جيڪو پاڻ اس ۾ سڙي ٻين کي ٿڌي ڇانو فراهم ڪندو آهي. ذوالفقار سيال گيت ۽ غزل کي اهڙي انداز ۾ لکيو آهي. جو فيصلو ڪرڻ ڏکيو ٿي پوي ٿو ته هو غزل جو بهترين شاعر آهي يا گيت جو. سچ ته ڊاڪٽر ذوالفقار سيال ۾ ڪيتريون ئي خوبيون آهن. سندس ڪهڙين خوبين جو ويهي هتي ذڪر ڪجي. هو سنگت ۾ انتهائي سچو، کرو ۽ محبتي ماڻهو آهي. اسان جي دعا آهي ته هي سونهن ۽ سڀيتا جو شاعر جڳ جڳ جيئي ۽ موجون ماڻي. 28 مئي تي هن بهترين انسان ۽ محبتي ماڻهوءَ جو جنم ڏڻ آهي. اسان کيس هن خوشي جي موقعي تي هي دعا ارپيون ٿا:
“ڇتا شال جيئو جيئو ۽ جاڙون ڪيو،
ٻانڀڻ ريءَ ٻروچ جي ٻيلي ناهي ٻيو،
ڇنڻ تان نه پيو، هي سنگ نه ڇنڻ جهڙو.”