نقطو نقطو سرهاڻ
جتي هو گذريل زمانن ۾ پنهنجي پاڻ کي ٻار جي روپ ۾ کلندي ڪُڏندي ۽ گهٽين ۾ دوستن سان رانديون رهندي ڏسي سگهي. اهو تخليق جو اهڙو خوبصورت “ايڊوينچر” آهي، جنهن جا سمورا گس پيچرا خوابناڪ آهن. ٻارڙن لاءِ شاعري ڪرڻ، انهيءَ ڪري، ڏکيو هجڻ سان گڏ هڪ دلچسپ عمل پڻ آهي.
آڳاٽن ٻاراڻن ٻولن کان وٺي (جيڪي خود ٻارڙن ۽ ۾مائرن جي گڏيل تخليق آهن) لوڪ شاعريءَ واري دور تائين ٻارڙن لاءِ اسان وٽ گهڻو ڪجهه موجود آهي، پر ان کان پوءِ جي ڪلاسيڪي شاعري، پنهنجين خاص وصفن جي ڪري، انهيءَ عنوان کان خالي آهي. اها صورتحال گهڻو ڪري دنيا جي سڀني ٻولين ۾ رهي آهي. ساڳيءَ ريت، اسان جي روايتي شاعريءَ ۾ به (جيڪا اصلوڪن جذبن جي شاعري پوئين ۽ جديد شاعريءَ جي پهرئين دور جي ميلاپ واري هنڌ تي ٻارن جي شاعريءَ جا شاهڪار وجود ۾ آيا.
انگريزي دور ۾ جڏهن سنڌيءَ کي تعليم جو ذريعو بنايو ويو ته مرزا قليچ بيگ، محمد صديق “مسافر”، ڪاڪي ڀيرو مل، ڄيٺمل پرسرام، ڪشنچند “بيوس” ۽ ٻين جي گيت ۽ نظم درسي ڪتابن لاءِ لکيا، سي اڄ تائين اسان لاءِ مثال بڻيل آهن.
* واه ڙي تارا، گول تارا..
* ڏس هيءَ منهنجي ٻلڙي، جنهن سان اٿم دلڙي.....
* پنڌ ڪندي جي ڌڪو کاڌم، ڪنهن کڻي ٿي ڇاتيءَ لاٿم.....پيار منجهان ٿي ڀاڪر پاتم
* ڏسي دنيا جا عجيب نظارا، سائينءَ جي سگهه سمجهه پيارا.....
* وقت چئي آءُ بادشاهه، پاڻهي پوندا پيش مون.....
* ڇوڪر توکي رنگ سيکاريان.....
* ٻارو اچي مِڙو هڪ ماڳ، ڳايون چئن مندن جو راڳ.....
*سستيءَ مان ڇا هڙ حاصل _قدم وڌائي اڳتي هل....
* جو کير پيئي، سو وِير ٿئي......
اِهي ۽ اهڙا ٻيا نظم موضوع جي چونڊ، ٻوليءَ جي ميٺاج ۽ سادگيءَ اندروني ۽ ترنم ۽ روانيءَ، ٻارڙن جي نفسياتي ۽ ٻين جي اندازي ڪري، تڏهوڪين جهونڙن شاگردن کي اڄ ايڏيءَ مدت کان پوءِ ذهن نشين آهن- ۽ اِها “ذهن نشينيءَ” واري خوبي ئي آهي، جيڪا دراصل ٻاراڻي شاعريءَ جي پرک جو واحد معيار بنجي ٿي.
هيءُ ڳالهه تمام اهم ۽ اسان لاءِ فخر لائق آهي ته جديد ٻاراڻي شاعريءَ جا بانيڪار آهي بزرگ عالم ۽ اڪابر هئا، جن مجموعي طرح سنڌي ادب کي نئون دڳ وٺرايو. پنهنجي ٻالڪپڻي کان تمام گهڻو پري اچي به، هنن نون نسلن جي ذهني تربيت ۽ سجاڳيءَ جو فرض وڏيءَ سمجهه دلچسپيءَ سان ادا ڪيو.
پر هيءَ ڳالهه مايوس ڪندڙ آهي ته جديد ادب جي هلندڙ دور ۾ ايندڙ نسلن جي ذهني پرورش جو سامان اڻهوند جي برابر ڏسجي ٿو. ائين به ڪونهي ته هن ڏس ۾ ڪجهه بنهه نه ٿيو آهي، يا ڪجهه به نه ٿي رهيو آهي، پر اسين پنهنجن بزرگن جي پوکيل ٻوٽي کي اڃا وڌائي وڻ نه ڪري سگهيا آهيون، سا ڳالهه قبول ڪرڻي پوندي. بيشڪ، ڪيترن اشاعتي ادارن ٻاراڻي ادب جا ڪتاب ڇپيا آهن، ڪيترن اديبن ۽ شاعرن ٻارن لاءِ ادب تخليق ڪيو آهي، ڪيترين ٻالڪ تنظيمن ٻاراڻا ڪتابي سلسلا جاري ڪيا آهن، ڪي ٻاراڻا رسالا به ڪڍيا ويا آهن ۽ اخبارون ٻارن جا صفحا به ڏيئي رهيون آهن، پر تڏهن به ٻاراڻي دنيا جي ضرورتن جي پورائي نه ٿي رهي آهي.
جيتري قدر ٻاراڻي شاعريءَ جو تعلق آهي، اسان جن وڏن شاعرن وڏي پيماني تي وڏ- ماڻهپائيءَ جو مظاهرو پئي ڪيو آهي. ڪن شاعرن جي ڪجهه گيتن ۽ نظمن کانسواءِ، ڪر ذڪر لائق ڪم انهن جي کاتي ۾ ڪونهي.
اسڪولن ۾ ٻارن کي لکڻ-پڙهڻ سيکارجي ٿو. پر سندن ذهنن کي نئين زماني جي روشني ڏيڻ، ڪائنات جي سونهن کان واقف ڪرڻ، زندگي جي مقصد جي ڄاڻ ڏيڻ وارا سبق ته شاعر ئي ڏيئي سگهي ٿو.
اهڙيءَ صورتحال ۾، جيڪڏهن ذوالفقار سيال لڳاتار پنجويهن سالن کان ٻارن لاءِ شاعري ڪري رهيو آهي ته اِها ڳالهه هر طرح ساراهه لائق ٿئي ٿي، پر مون مٿي جيڪا پٽاڙ ڪئي آهي، سا ڪو ذوالفقار سيال کي پڏائڻ جي خيال کان نه پر ٻاراڻيءَ دنيا ۾ لڳاتار رهندڙ رهبريءَ جي کوٽ واري حالت ۾، ڪنهن به شاعر جي فرض ادائگيءَ واري احساس کي پڌرو ڪرڻ جي خيال کان. ذوالفقار سيال ٻارن لاءِ شاعريءَ جا ست مجموعا شايع ڪري، انهيءَ احساس جو چٽو ثبوت ڏنو آهي. منهنجيءَ ڄاڻ موجب، ڪنهن ٻئي شاعر جو ٻارن لاءِ شاعريءَ ۾ ايترو ڪم اشاعت هيٺ نه آيو آهي ۽ اهو ڪم سندس ٻي عام شاعريءَ کانسواءِ آهي، جنهن مان سندس ايندڙ نسلن ڏانهن جوابداريءَ وارو مقصد واضح ٿئي ٿو.
ذوالفقار ان صف ۾ بيٺو آهي _ جتي سندس ٻاراڻي ادب ۾ ادا ڪيل خدمتون ڪڏهن وساري نه ٿيون سگهجن، جنهن جو هر نظم ٻارڙن جي لئي ڪنهن رنگ برنگي پوپٽ کان گهٽ نه آهي_ هن اڄ تائين ٻارڙن لئي جيڪا به شاعري ڪئي آهي، سا عالمي معيار جي ئي آهي، سندس ٻاراڻي شاعري به دلپذير ۽ دلچسپ آهي. سندس هن ائين مجموعي “اکر اکر سرهاڻ” جي دعويٰ ته هن پاڻ ڪئي آهي، پر جيڪڏهن اکر-اکر ۽ لفظ-لفظ سان سرهاڻ نه به اچي، يا سٽ-سٽ مان گلاب ۽ موتئي جي خوشبو نه به نڪري، تڏهن به اکر-اکر گل آهي. سو، هي سرهاڻ ۽ سونهن جو گلدستو آهي، جيڪو ٻاراڻي دنيا لاءِ پيار ڀريو تحفو ثابت ٿيندو.
“اکر اکر سرهاڻ” ۾ هڪڙي نئين ڳالهه هيءَ آهي ته ان ۾ نئين زماني جا موضوع به آندا ويا آهن ۽ ٻارن کي جديد ترين سائنسي معلومات ڏني وئي آهي، جهڙوڪ ٽائيپ رائيٽر، بلب، ٽي.وي، ٽيليفون، بلئيڪ هول، انٽرنيٽ، ڪلونگ وغيره.
“اکر اکر سرهاڻ” جو مون اکر اکر پڙهيو آهي، اکر اکر ۾ سمايل سرهاڻ، منهنجيءَ دل ۽ منهنجي دماغ کي طراوت بخشي آهي. موتئي، گلاب ۽ چنبيليءَ جي سڳنڌ منهنجي ساهه کي سُرهو ڪيو آهي، پر مون هي ڪتاب ٻه ڀيرا پڙهيو آهي. پهرين ٻار جي حيثيت سان ۽ پوءِ وڏي جي حيثيت سان. پوئين ڀيري ائين محسوس ڪيم ته ڪٿي ڪٿي شايد خوشبوءَ جون ڇاٽون هلڪيون ٿي ويون آهن، يا شايد منهنجو زڪام وارو نڪ ٻوٽجي ويو آهي- يا وري شايد اهي پيريءَ جا پار آهن جو خوشبو جو رومانس تي مغز مان نڪري ويو آهي، پر تڏهن به سوچيان ٿو، جي ماحول سان اڻ ٺهڪندڙ لفظ آڻبا ته اهو “تلازمي” جي فني اصول جو خلاف ٿيندو ۽ صحيح تاثر به نه ملندو.
ذوالفقار سيال جي باري ۾ هيءَ ڳالهه آءٌ لکي ٿو ڏيان ته “اکر اکر سرهاڻ” سندس ٻاراڻي شاعريءَ آخري ڪتاب نه ٿيندو ۽ انهيءَ ئي دوران هن ٻيا به ڳچ گيت ڪٺا ڪري ورتا هوندا، ڇو ته هو ٻارڙن ڏانهن جوابداريءَ وارو رويو ڪڏهن به ترڪ ڪري نٿو سگهي. اُميد ته “نقاش نقشِ ثاني بهتر ڪشد زاول” جي چواڻيءَ مطابق، سندس ايندڙ ڪتاب وڌيڪ سُرهو ۽ سهڻوهوندو. (جيڪڏهن پسند اچيس ته اُن جو نالو آءُ اڳي ئي تجويز ڪري ڇڏيان: “نقطو نقطو سرهاڻ”)
(“اکر اکر سرهاڻ”، ڪنول پبليڪيشن قمبر لاڙڪاڻو، 2002ع)
شمشير الحيدري