شخصيتون ۽ خاڪا

ڊاڪٽر ذوالفقار سيال: ادب ۽ شخصيت

ھن ڪتاب ۾ نامياري شاعر، نثرنگار ۽ سرگرم ادبي شخصيت ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي شخصيت تي لکيل مضمون ۽ رايا شامل آھن. سنڌي ادب جي تاريخ جا اهم ڪردار اسان وچ ۾ بيٺل ادب جي روشن ستاري ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي فني لياقتن تي قلم کڻن ٿا، ان کان وڌيڪ مڃتا ڊاڪٽر ذوالفقار سيال لاءِ ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي جو هو نه فقط سنڌ ۽ هند جي ادبي حلقي ۾ پنهنجي ناماچاري رکي ٿو پر ڏيهه توڙي پرڏيهه جي اديبن ۽ سڄاڻ ڌرين ۾ ايترو ئي مقبول آهي، جيترو پنهنجي ٻوليءَ ۾، ان جو اعتراف اردو جي نامياري اديب ۽ ڪالم نويس محمود شام به پنهنجي مضمون ۾ ڪيو آهي. جڏهن ته ڪتاب ۾ شامل سنڌي، اردو ۽ انگلش مضمونن ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي گهڻ رخي شخصيت تي مڪمل طور بحث ٿيل آهي.

  • 4.5/5.0
  • 22
  • 1
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ساجد سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ڊاڪٽر ذوالفقار سيال: ادب ۽ شخصيت

“ماڻهو اُجرا رستا ميرا” جو اڀياس: ناياب سرڪش سنڌي

تاجل بيوس جون سِٽون آهن ته:
سنڌ منهنجي امان، سونهن تنهنجيءَ مٿان،
ڇا لکي لکان، ڇا لکي ڇا لکان،
هڪ قلم، هڪڙو مان، ڪيئن پورو پوان.
ڌرتيءَ ماءُ لاءِ اهڙيون لکيل سٽون پاڻ به هر وقت جهونگاريندي رهندي آهيان ۽ پوءِ جڏهن جيجل ڌرتي جي سونهن کي ساراهڻ وارا نهايت شاندار ۽ قداور مانائتا انسان وري ڪنهن ليکڪ لاءِ ٻه اکر لکندا آهن ته انهن ليکڪن جو قد وڌي ويندو آهي ۽ وڌڻ به گهرجي!
آئون اڄ اهڙي شخصيت تي لکي رهي آهيان، جنهن تي ڪيترين ئي معتبر شخصيتن لکيو آهي جن ۾ محترم سائين تاجل بيوس، محترم ج. ع منگهاڻي، اردو شاعره بشريٰ ناز، محترم آفاق صديقي ۽ ڪيترن ئي محترم دوستن جا مضمون جن ۾ محترم تاج بلوچ، سائين ڪوثر ٻرڙو، ڊاڪٽر مشتاق ڦل، يوسف سنڌي، اسحاق انصاري، فهميده چنا وغيره شامل آهن.
هاڻي جڏهن ته اهڙين معتبر شخصيتن جا مضمون مئگزين ۾ لڳل آهن ته مان ڇا ٿي لکي سگهان، بهرحال مون ڏٺو آهي، جيئن مون محسوس ڪيو آهي، جيئن ۽ جيڪو مون پڙهيو پڙهندڙن آڏو پيش!
قداور شخصيت جو مالڪ، چهري تي بي پناهه مرڪون رکندڙ ۽ اڻوندڙ ڳالهه تي کوڙ ڪاوڙيون رکندڙ، سڏ سان سڏ ڏيندڙ، پوءِ کڻي ڪٿي به هجي! پر رات جو 11 وڳي کان صبح جو ڇهين وڳي تائين کڻي ڌرتي هيٺ مٿي ٿئي، ننڊ مان نه جاڳي! اهو آهي سائين ڊاڪٽر ذوالفقار سيال صاحب، جيڪو جهڙو اندر آهي تهڙو ٻاهران آهي، بنا ڪنهن رک رکاءَ جي سنسار ۾ مرڪندي سڀ سان نينهن نڀائيندو رهي. ڊاڪٽر ذوالفقار سيال کي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ جو موقعو 2011ع ۾ مليو. باقي نه ته نالو 2006ع واري سنڌي ادبي سنگت ۾ هڪ ووٽ تان سائين سرڪش سنڌي کي ڪيئن هارائي، پاڻ کٽي سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي عهدي تي سيڪريٽري جنرل ٿيو هيو، اها کيس خبر آهي!
ان ٽائيم ۾ مون هڪ غزل ٻڌو هيو، جيڪو عاشق نظاماڻي ۽ ڪنول ابڙو جي آواز ۾ هيو:
جنم جنم کان چاهَه ۾ تنهنجي، مون جي عڪس چٽيا آهن،
ذلف، زمانو ڪاريهر آ، ماڻهو ٺاهي ڊاهي ويٺو،
پنهنجي دل ۾ درد لڪائي ڪيڏا زخم سٺا آهن.
مونکي اها بلڪل ڄاڻ نه هئي ته، اها شاعري ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي آهي!
ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جڏهن لاڙڪاڻي ۾ ايم ايس ٿي آيو ته ڪنهن دوست سائين سرڪش کي خط لکيو هيو، ان خط ۾ اظهار ڪجهه گهڻو ڏکائيندڙ هيو! وري هڪ ڀيري آئون سول اسپتال لاڙڪاڻو جي آڏو گذريس ته، مين گيٽ تي سائن بورڊ لڳل ڏٺم، جيڪو ڊاڪٽر ذوالفقار جي پاران هيو ۽ ان تي ڪجهه اهڙو مواد لکيل هيو، جيڪو هن وقت مونکي ياد نه پيو اچي، بهرحال پوءِ مون ڊاڪٽر ذوالفقار سيال تي اخبار ۾ ڪالم لکي ڇوهه ڇنڊيا هئا، هونئن به ائين ٿيندو آهي ته، هر ماڻهو پنهنجي فيصلي يا ڳالهه کي جائز سمجهندو آهي. پوءِ اهو فيصلو يا ڳالهه غلط ئي ڇو نه هجي!
2011ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ ميگا فيسٽيول لڳو، جنهن جي آخري ٽئين ڏينهن تي وڏو مشاعرو پڻ منعقد ڪيو ويو هيو. جنهن جو آرگنائيزر ڊاڪٽر ذوالفقار سيال صاحب هيو ۽ اهو مشاعرو لاڙڪاڻو آرٽ ڪائونسل ۾ ڪرايو ويو هيو، پاڻ به ابا سائين سرڪش سنڌي جي اجازت سان شريڪ ٿي هُيس! پنهنجو ڊاڪٽر صاحب سان ملڻ پهريون ڀيرو هيو.
سائين سرڪش جي وڇوڙي کان پوءِ ڊاڪٽر صاحب مونسان دعا گهرڻ آيو. مون ٻن پنهنجي ڪتاب جي مهاڳ جي باري ۾ ٻڌايو ۽ اهي پيپر به کيس پڙهايا جيڪي سائين سرڪش منهنجي ڪتاب “مون ۾ آهين تون” جي مهاڳ لاءِ لکرايا هئا، پڙهي ٽهڪ ڏنائين ۽ چيائين ته: بلڪل سائين سچ لکيو آهي! پوءِ چيائين، “ناياب! آئون اوهان کي ڪتاب ڏيندس، اتي هڪ پيپر ضرور لکجو ۽ پوءِ پنهنجا ٻه ڪتاب ڏنائين! چهرا چنڊ گلابن جهڙا ۽ بارش کانپوءِ!” مون پڙهيا ته سَهِي، پر سائين سرڪش ۽ پنهنجي قومي محبوب بشير خان قريشي جي وڇوڙي سبب تمام گهڻي ڊسٽرپ هئڻ ڪري لکي نه سگهيس!
ڊاڪٽر صاحب سان اويل، سويل رابطي ۾ رهندي آهيان.