ادبي سنگت جو متحرڪ اڳواڻ: مشتاق ڪلوڙ
ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جيڪي سوال بي باڪي سان اُٿاريا آهن. انهن جو اڄ تائين جواب نه ملي سگهيو آهي. اڄ به اسان جي اڳيان اهي سوال ئي بڻيل آهن. سواءِ ان جي ته اسان وٽ هاڻي ڪوڙ ڳالهائڻ تي انعام ضرور ملڻ تي، پر اسان وٽ تنقيد جي معنيٰ دشمني پاڻڻ آهي، حالانڪه تنقيد کان ڪير به مٿانهون نه هجڻ گهرجي-اسان کي اڳتي وڌڻ لاءِ پاڻ تي ٿيندڙ تنقيد جو جائزو وٺڻو پوندو ۽ سنجيده ٿيڻو پوندو.
ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي جهڙِي آهي اُٿڻي ويهڻي، تهڙي اٿس لکت _ جيڪا پڻ وڻندڙ ۽ اڇوتي، ڪڏهن پيار جي پالوٽ ڏيندڙ گيت، غزل، وايون ته ڪڏهن کرا، ڪڙا ۽ سچ جهڙا ڪالم، ڪنهن دوست جو خاڪو هجي يا تاثر سندس ٻولي، لهجو ۽ انداز بيان بلڪل نئون نرالو ۽ وڻندڙ، ڇهندڙ، کلڻي ۾ سانوڻي جي سنڌو جيان گجگوڙ ۽ شور به نظر ايندو ته مٺڙي شگفته پُر تاثير شائستگي پڻ سندس گيت، غزل، غنايه سان پر لڳندا آهن ۽ ٻارن لاءِ سندس ڪيل شاعري پڻ قابل ديد آهي.
ڊاڪٽر ذوالفقار سيال پنهنجي ڪالم رشوت ٽوڙ يا رشوت خور کاتو، انتهائي سنجيدگي جو مظاهرو ڪندي هڪ سچ لکيو آهي. اسان کي گهرجي ته ان جو نئين سر جائزو وٺون ۽ اهڙا ڪردار واضح ڪريون ۽ اهڙي اداري کي انهن کان پاڪ ڪريون. هن وقت اسان جو عام ماڻهو ته ڇا هر ماڻهو پريشان آهي ته دانهن ڏيون ته ڪنهن کي؟ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال پنهنجي قلم کي اهڙن موضوعن لاءِ کنيو آهي جيڪي اسان جي معاشري ۾ ناسور جي شڪل اختيار ڪري ويل آهن اهي رشوت خوري کان ويندي ڪنهن ادبي هڪ هٽي تائين هر موضوع سان بهتر طريقي سان نڀاهه ڪيو آهي. ڪيئن اسان جا مولوي اسان جي معاشري ۾ خوف ڦهلائي ڪڏهن مسجد لاءِ چندا گڏ ڪنٿا ته روي ڪلام پاڪ جا ڊپ پيدا ڪري پنهنجو ڪاروبار ڪن ٿا جيڪي نه صرف ايمان وڪڻن ٿا. پر اهي سڄي سماج کي بدنام پڻ ڪري رهيا آهن.
ڊاڪٽر ذوالفقار سيال هن سماج ۾ اسان جي چوڌاري جيڪو ڪجهه ٿئي پيو ڏاڍي خوبصورت انداز سان اُن ۾ رنگ ڀريا آهن، ۽ انهن آفيسرن لاءِ به خوب لکيو اٿس جيڪي داٻا ڪن ٿا ۽ وري اهي ڪيئن ٻين جي آڏو آزيون نيازيون ڪن ٿا اين جي اوز (NGO’s) تي به خوب لکيو اٿس.
منجهس سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن لاءِ محبت دل ۾ شاهه دريا وانگر آهي، ڪڏهن سوڀي سان رس رهاڻيون ۽ ڪڏهن گورک هل اسٽيشن جا موج مزا پيو ڪندو آهي ته ڪڏهن سنڌي ادب سان بي انتها پيار جو اظهار ڪندي نون ۽ پراڻن شاعرن تي خاڪا ۽ سندس تحريرون ڪتابي صورت ۾ ڏيئي پيو ڇپرائيندو رهي. ڪڏهن ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان سنڌي ادب جي خدمت پيو ڪري ڪڏهن ڊاڪٽر جي پيشي سان منسلڪ ٿي مريضن جي فلاح ۽ بهبود لاءِ جاکوڙ پيو ڪري. جتي به هوندو آهي سندس نالو نرالو ۽ مٿانهون هوندو آهي سندس ڪم ڪرڻ جو اندازو نرالو آهي جيڪو عام ماڻهوءَ کان بلڪل مختلف آهي. سندس ان نرالي انداز ئي کيس ممتاز ڪيو آهي. ان جي مضمونن ۽ ڪالمن جا عنوان ئي ٻڌائن پيا ته هي ڇا ٿو سوچي، ڇا ٿو چاهي ۽ ان لاءِ هو ڪنهن رک رکاءُ کان ڪم ڪونه ٿو وٺي. پر پنهنجي ڳالهه ڪرڻ ۾ سندس قلم بلڪل به جنش نٿي کائي.
ڊاڪٽر ذوالفقار سيال بلڪل صحيح پيو چوي ته اسان واقعي به ورسيون ملهائيندڙ قوم آهيون، بلڪل اسان ته ان کي باقاعدگيءَ سان ڪاروبار پڻ بڻائي ڇڏيو آهي.
ڊاڪٽر ذوالفقار سيال پي ايڇ ڊي ڪرڻ وارن لاءِ به خوب لکيو آهي، جتي جيڪڏهن ڪير هڪ سٽ چورائي ته اسان ان کي ادبِ چور چئون ٿا. پر جيڪڏهن “سٽون” چورائي ته ان کي محقق جو نالو ڏنو پيو وڃي. انصاف جي عنوان هيٺ ڪالم ڏاڍو خوبصورت لکيل آهي، اهو ته اڄ به اسان جون اخبارون اهڙين خبرن سان ڀريل آهن ته فلاڻي شهر ۾ هوٽل واري چانهه جا پئسه گهريا، سرڪاري وردي پهريل کان ماني جا پئسه گهريا پوءِ ته ان جو خير ڪونهي، ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي هر عنوان تي لکڻ لاءِ ڪتاب لکڻ گهرجن. جيڪي اسان جي معاشري ۾ براين جي نشاندهي ڪئي آهي سي اڄ تائين جيئن جو تيئن آهن.
اسان جي دعا آهي ته هو هميشه لکندو رهي ۽ خوب لکندو رهي، سندس قلم جون تکيون مٺيون ڳالهيون اسان جي ادب جو دامن ڀرينديون آهن ۽ قوم جي گنج ۾ گوهرن جو اضافو ٿيندو رهي.
(“آئينا ۽ عڪس”، چانڊوڪي پبليڪيشن لاڙڪاڻو-ڪراچي)