شخصيتون ۽ خاڪا

ڊاڪٽر ذوالفقار سيال: ادب ۽ شخصيت

ھن ڪتاب ۾ نامياري شاعر، نثرنگار ۽ سرگرم ادبي شخصيت ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي شخصيت تي لکيل مضمون ۽ رايا شامل آھن. سنڌي ادب جي تاريخ جا اهم ڪردار اسان وچ ۾ بيٺل ادب جي روشن ستاري ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي فني لياقتن تي قلم کڻن ٿا، ان کان وڌيڪ مڃتا ڊاڪٽر ذوالفقار سيال لاءِ ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي جو هو نه فقط سنڌ ۽ هند جي ادبي حلقي ۾ پنهنجي ناماچاري رکي ٿو پر ڏيهه توڙي پرڏيهه جي اديبن ۽ سڄاڻ ڌرين ۾ ايترو ئي مقبول آهي، جيترو پنهنجي ٻوليءَ ۾، ان جو اعتراف اردو جي نامياري اديب ۽ ڪالم نويس محمود شام به پنهنجي مضمون ۾ ڪيو آهي. جڏهن ته ڪتاب ۾ شامل سنڌي، اردو ۽ انگلش مضمونن ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي گهڻ رخي شخصيت تي مڪمل طور بحث ٿيل آهي.

  • 4.5/5.0
  • 22
  • 1
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ساجد سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ڊاڪٽر ذوالفقار سيال: ادب ۽ شخصيت

جذبن جو پورهيو: ڊاڪٽر بدر ڌامراهو

ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي ڪتاب “ماڻهو ابرا، ستارا ميرا” جو تنقيدي جائزو.
“ڇا ڪنهن ماڻهوءَ جي جذبن جي تشريح ڪري سگهجي ٿي؟ هي هڪ اهڙو سوال آهي، جنهن جو جواب هر طرح انڪاري آهي. ڇاڪاڻ ته ڪنهن ماڻهوءَ جي جذبن جي تشريح ڪري نه ٿي سگهجي، پر جي اهي جذبا ڪنهن پڙهيل ڳڙهيل شاعر جا هجن ۽ سي به شعر جي صورت ۾ اوتيل هجن ۽ شاعري وَر وَر ڪري چوي:
جذبن جو هي پورهيو آهي،
پنهنجو هٿ هٿورو ناهي.
ته پوءِ اهڙن اندر جي اوتيل جذبن کي پڙهي پُرجهي سگهڻ جي صورت ۾ تشريح ڪري سگهجي ٿي پر جي اهي جذبا “ماڻهو اجرا، رستا ميرا” جهڙي موضوع هيٺ ڪتابي صورت ۾ هجن ته، انهن جي تشريح ڪري سگهجي ٿي.
ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جو هڪ ڪتاب اڳ گهڻو اڳ، اڄ کان ٽيهارو سال اڳ پڙهيو هوم، اهو هو “ڳاڙها هٿ، پيلا چهرا” وري 2007ع ۾ “بارش کان پوءِ” پڙهيو هومِ، هاڻي جڏهن ٽنهي ڪتابن جو تقابلي جائزو وٺان ٿو ته، انهي راءِ کي هَٿي ملي ٿي ته، ڊاڪٽر ذوالفقار سيال وٽ فني ارتقا آهي، اها ارتقا، “ماڻهو اَجرا، رستا ميرا” ۾ اوج تي پَسجي ٿي،
هن ڪتاب جو مقدمو، ج، ع منگهاڻي لکيو آهي، جهڙيءَ طرح شاعري هڪ فن آهي، اهڙيءَ طرح مقدمي نگاري به هڪ فن آهي فن جي ڀيل ڪجي ته اهڙائي مقدما جڙن ٿا، هي، رواجي ۽ روايتي نوعيت جو مقدمو آهي، اهڙي مقدمي جي ضرورت نه هئي، الائي ڇو اهڙو مقدمو شامل ڪرڻ ضروري سمجهيو ويو آهي،
مقدمو پڙهندي ائين ٿو لڳي جيئن اسان جا نهايت وڏا ڏاها مدبر ڪنهن نئين سيکڙاٽ کي ٻه اکر لکي ڏئي جان ڇڏائيندا آهن مٿس اهڙي جُلهه ڪندا آهن، جيئن وري نه ٻيهر لکي ۽ نه وري ٻيهر سوال کڻي اچي، بهرحال مقدمو نافذ ۽ غير ضروري آهي، منجهس ڳالهيون به غير ضروري بيان ڪيل آهن. لکيو اٿس.
“هر ڪو شاعريءَ جا ڪتاب ڇپائي ان ۾ دوستن کان تعريفون لکائي ڪتاب ڪڇ ۾ کڻي سگهندو، هر ڪنهن جي مٿي ۾ هڻندو وتي”.
“اسان وٽ هر بڇڙي ريت سان گڏ انهيءَ ڪُسري ريت پڻ ڪَر کنيو آهي ته جيترا گهڻا ڪتاب ڇپبا اوترو گهڻو نالو ٿيندو. اهڙيءَ مهل اها سوچ رکڻ به ضروري آهي ته اهو نالو “هاڪ”(سٺي مشهوري) هوندو يا “خاڪ” هوندو!
“ڊاڪٽر سيال صاحب پنهنجي هر ڪتاب جي ڇپجڻ کان اڳ انهيءَ ڪتاب جو مهاڳ لکڻ لاءِ مون کي چوندو رهيو آهي، جنهن لاءِ مون وٽ سواءِ لفظ “مصروفيت” جي ٻيو ڪوبه نه هوندو آهي.”
آئون اهڙن مهاڳن جي سدائين مخالف رهيو آهيان جن ۾ هر لفظ کان پوءِ انهيءَ شاعر جي شاعريءَ جي لانڍ لڳل هوندي آهي. جيئن هتي مون پاڻ به ڪئي آهي.
هن ڪتاب جي نئين ڳالهه گيتن جي گهڻائي آهي، جڏهن ته هاڻي گيت لکڻ جي ريت ميسارجي رهي آهي.”
جڏهن ته ائين ڪونهي، گيت تي تمام گهڻو ڪم ٿي رهيو آهي، منگهاڻي کي اهي الائي ڇو نظر نه ٿا اچن يا شايد انهن جي پاڻ ڪونه اٿس، اڻ ڳڻيا شاعر گيت جي صنف تي طبع آزمائي ڪري رهيا آهن. بهرحال هتي منهنجو مقصد، محترما تي تنقيد ڪرڻ ڪونهي.
آفاق صديقي اردو ۾ ٻه اکر لکيا آهن، نهايت مختصر لکيو اٿس، پر برجستو ۽ شانائتو لکيو اٿس،
متن 300 صفحن تي پکڙيل ۽ ٻين صنفن غزل ۽ گيت تي مشتمل آهي، شروع ۾ تفصيلي فهرست ڏنل آهي، جنهن ڪتاب کي ڏاڍو سهنجو ۽سهڻو بنايو آهي، اسان وٽ اهڙي روايت رهي ڪونهي ڇاڪاڻ ان سان ڪتاب جا صفحا وڌيڪ ويندا آهن ۽ هر ڪو صفحن بچائڻ يعٰني خرچ ۾ توازن رکڻ لاءِ مختصر فهرست آڻيندو آهي، اردوءَ وارا انهيءَ نموني جون ڊگهيو ۽ تفصيلي فهرستون ڏيندا آهن، ڊاڪٽر ذوالفقار سيال هيءَ روايت قائم ڪري ڏاڍو سٺو ڪيو آهي.
ڪتاب جو اڀياس ڪجي ته معلوم ٿئي ٿو ته منجهس انيڪ موضوع آهن.
هونئن به شاعري ڪائنات جيتري وسيع آهي، انسان جون سوچون ۽ ان جو ادراڪ به اوترو ئي وسيع آهي، اها به ڳالهه اڻٽر آهي ته، هڪ شيءَ جي هڪ ماڻهوءَ وٽ وسعت هڪ طرح جي آهي ۽ ٻي ماڻهوءَ وٽ ٻيءَ طرح جي هوندي آهي، اهو به اڻٽر آهي ته، هر شيءِ جا کوڙ سارا مقصد هوندا آهن، شاعريءَ جا به کوڙ سارا مقصد ٿين ٿا، اها جسماني لذت حاصل ڪرڻ لاءِ به لکي وڃي ٿي ته، ذهني عياشي لاءِ به لکي وڃي ٿي، فني مقصدن لاءِ به لکي وڃي ٿي ته فڪري مقصدن لاءِ به ٿئي ٿي، شاعري جيڪڏهن ذهني ۽ جسماني لذت کان پاسيري آهي ته، پوءِ اها ڪيترين ئي خوبين واري ٿئي ٿي.
شاعريءَ جو هڪ مقصد ذاتي نوعيت جو ٿئي ٿو، جنهن ۾ انسان پنهنجو ذاتي مقصد آڏو رکي ٿو، ٻيو قومي ٿئي ٿو. ٻيو مقصد فطري آهي، ان ۾ فطرت طرفان مليل حواسن کي استعمال ڪري، فطري جذبن جو اظهار ڪري ٿو، فطري ڳالهيون انيڪ ٿين، سڄي ساري ڪائنات ان ۾ اچي وڃي ٿي ڪائنات ننڍڙي کان ننڍڙي ۽ لامحدود به آهي، ان جي وسعيت جو دارو مدار سوچڻ واري ماڻهوءَ جي وسيع نظريي تي آهي.
ڪائنات ۽ ڪائنات ۾ موجود شيون هر طرح جون آهن انهن شين جي سونهن ۽ حسن کي محسوس ڪرڻ ۽ انهن جي سونهن کي بيان ڪرڻ کي جماليات چئبو آهي. “جماليات”، هڪ ننڍڙو اصطلاح آهي، هي جيترو ننڍڙو اصطلاح آهي، اوترو ئي وسيع مفهوم رکي ٿو، جماليات جون ٻه شاخون آهن، هڪ جمال ٻي جلال، جمال کي وسيع مفهوم سمجهي سگهجي ٿو، هن ۾ خوبصورتي، حسن، خوش نمائي، رعنائي، زيبائي، سندرتا، سوڀيا، نزاڪت، نفاست، شائستگي، دلڪشي، دل ربائي، ديد بازي، نازو انداز وغيره اچي وڃن ٿا.
جلال ۾ وري وقار، عظمت، قوت، آب تاب، شان و شوڪت، دٻدٻو، اوج، عروج وغيره.
جيئن ته جمال جون خوبيون اڳ ۾ بيان ڪري آيو آهيان، جمال ۾ جيڪي به خوبيون ٿين ٿيون سي، نسواني صفت آهن، جڏهن ته جلال مردانگي واري صفت آهي مون کي ياد اچي ٿو، ڪٿي ڪنهن ڪتاب ۾ پڙهيو هُئم ته حسن جا ٽي قسم ٿين ٿا، هڪ الوهي حسن، ٻيو فطري حسن، ٽيون جمالياتي حسن.
پهرين جو دارو مدار موزو نيت ۽ نسبت تي آهي، ٻئي جو رنگ ۽ روشني سان ٽئين جو ريتن ۽ رسمن سان ٽئي حواسن سان تعلق رکن ٿا، حواسي حسن جسم سان ۽ ذهني حسن روح سان تعلق رکي ٿو، نفسيات دان وري ان کي رد ڪن ٿا ته ، حَسُ لاءِ ڪونه ڪو عضوو هئڻ ضروري آهي، جماليات لاءِ ڪوبه عضوو ڪونهي.
ڪي مفڪر وري جمالياتي حسن کي، الهامي چون ٿا، منهنجي خيال ۾ جڏهن پنهنجي حواس هڪ وقت عمل ڪن ۽ نتيجي ۾ ڪو احساس جڙي يا جنم وٺي ته انهيءَ کي جماليات چئجي.
پنجين حواس استعمال ڪرڻ جي سگهه ڊاڪٽر سيال وٽ تمام گهڻي آهي، هي شعر جماليات ڪيفيتن سان ٽمٽار آهي، سندس غزل ته جماليات ڪيفيتن سان ڀريو پيو آهي، پر گيت ته وري جمالياتي ڪيفيتن سان ڏٽيل آهن، هي مثال ئي کڻي ڏسجن:
ڇڏين ٿي مِٺي وار کولي جڏهن،
هڳائن ۾ ڄڻ شهر ۽ وهنتل.
(ص -32)
وار تنهنجا وڏا ڪارا گهاٽا لکيا،
شهر، ماڻهو ته ڇا، هي زمانا رُليا.
(ص 34)
پشم جهڙا پير کڻين ٿي،
گلڙا چوڌر لهرائن ٿا،
(ص 35)
سارا رنگ هي روپ ۽ رونق هڪ نالي سان ئي آهي،
مون ۾ باقي بچيو ڇا هي، هن جو نالو وسري ويو.
(ص: 66)
شهر سڄي ۾ خوشبو ڦهلي، سرهي هير گهلي آ
نڪري ٿو جي، گهمڻو سهڻو، يار اسان جو آ.
(ص: 72)
نيڻ گلابن جيان ٿا مرڪن،
محب مٺي منٺار تان صدقي.
(ص 80)
ادا جا ۽ نازن جا تو وٽ خزانا
نئين پل، نئين دل، رلائي تو هوندي.
(ص 98)
تنهنجو مرڪي ڏسڻ مون کي ماري ويو
تنهنجو هر هر رسڻ مون کي ماري ويو.
(ص 105)
مرڪي جي نهاريو تو، بيمار گهڻا ٿيندا،
ايندين تون جڏهن مون ڏي، حيران گهڻا ٿيندا.
(ص 119)
کلندي کلندي هوءَ اچي ٿي،
ڇم ڇم جي برسات وسي ٿي،
(ص 123)
هوندا لک هزارين سهڻا،
مون کي پر هو آهي وڻي وئي.
(ص 130)
ڊگها هي وار، اکيون گول چنڊ جيان چهرو
مٺا هي هي ٻول ٻڌي تنهنجا، دل ڏئي ٿا ڇڏيون.
(ص 201)
نيڻ تنهنجا وري چنڊ تارا ٿيا،
مرڪ ۾ زندگي جا اشارا ٿيا.
(ص 204)
ايڏو به ائين ظلم زوراور پيار ۾ ناهي ڪبو
نيڻن سان تو پل پل پيارا مرڪي آهي ڪُٺو.
(ص 214)
هر ڪنهن پاسي تنهنجي خوشبو توسان آ سرهاڻ،
تنهنجي مرڪڻ منجهه ملهارون، مند ملهار جي آهين.
(ص 233)
گيتن مان مثال:
پوپٽ جهڙن رنگن وانگي، پنهنجي پنهنجي معنيٰ ڏين ٿا،
ڪوسا، ڪوجها، ٿڌا، ڪارا، جذبا گلڙن جهڙا پيارا،
هر موسم ۽ مند ۾ آيو.
*
پشم جهڙا پير کڻين ٿي، ايندي ويندي خوب وڻين ٿي،
ڪوبه نه آهي، ساري جڳ ۾، ڪوئي اهڙو، واهه واهه.
ڳلڙن مان ڪي گل ڦٽن ٿا، ۽ مرڪن ۾ لال لڏن ٿا،
هيرا لال جواهر سارا، تنهنجي آڏو نيچ لڳن ٿا،
تنهنجو عڪس چٽڻ ٿو چاهيان.
(ص 258)
توڻي جو ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي شعر وارن جو جمالياتي رنگ گهڻو آهي سڄي ڪتاب تي ڇانيو پيو آهي، پوءِ پڙهڻ سان بيزاريءَ جو احساس نه ٿو ٿئي پر جيئن پوءِ تيئن، ان واڌاري سان گڏوگڏ نواڻ آهي، اهو شاعر جو ڪمال چئجي.
ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي شعر جي ٻي هڪ اهم خوبي “عڪس بندي” آهي، وٽس عڪسي شاعري ايتري ته گهڻي سگهاري آهي جو چئي کڻي بس ڪر، عڪس ڇا آهي؟
عڪس حواسن سان تعلق رکي ٿو، حواسن مان ئي عڪسَ سَرجن ٿا، جڏهن ڪائنات جي سونهن کي پنجن ئي حواسن وسيلي ڏٺو ۽ پرکيو وڃي ته عڪسَ جڙن ٿا، الڳ الڳ حواسن جا به عڪس ٿين ٿا ته گڏيل پنج ئي حواس ملي عڪس جوڙين ٿا، اهڙاعڪس نرم، ڪوسو، ٿڌو، کهرو، لسو، ويجهو، پري، رنگ روپ وغيره، مطلب ته ڪنهن روئداد کي حواسن وسيلي جهٽي شعر جي روپ ۾ بيان ڪرڻ کي عڪسي شاعري چئبو آهي، پر ايترو ضرور آهي ته منجهس تصوراتي عنصر هوندو آهي، جيڪو بيان جي سگهه تي دارو مدار اوترو ئي پر اثر ۽ پر لطف هوندو. اهوئي سبب آهي جو نفسيات دانن ان جي درجي بندي ڪندي کيس ٻن قسمن ۾ ورهايو آهي، هڪ خاموش عڪس ٻيو چڙهندڙ عڪس، سئنڊرس چوي ٿو “شاعر پنجن حواسن کي ڪاميابي سان استعمال ڪري اهڙو انوکو مفهوم پيدا ڪري ٿو، جيڪو ڇهون حواس بڻجي پوي ٿو ۽ پڙهندڙ کي متاثر ڪري ٿو.
فرانسيسي شاعر جوليس جو چوڻ آهي، “عڪس جادوءَ جو ڏيئو آهي، جيڪو شاعر کي اوندهه ۾ روشني ڏئي ٿو. هي هڪ ڊگهو بحث آهي، تنهن ڪري انهيءَ تي اڪتفا ڪري اصل موضوع ڏانهن آڻجي ٿو.
ڊاڪٽر ذوالفقار سيال پنهنجي شعر ۾ ايترا ته عڪس چٽيا آهن جو موجوده دور جي سنڌي شعر جي تاريخ ۾ ان جا ڪي ٿورا مثال ملن ٿا، انهن ٿورن آڱرين تي ڳڻڻ جيترن شاعرن سان هڪ آهي.
خود ڪتاب جو ٽائيٽل، جيڪو ڪتاب جي پهرين غزل ورتل آهي ۽ ٻن عڪس جو عمدو سنگم ۽ مثال آهي. غزل جو بند هن طرح آهي:
گم ٿي ويڙا سڀ جا پيرا،
ماڻهو اُجرا، رستا ميرا.
هن ئي غزل جو هڪ ٻيو بند ڇهاءَ جو عمدو عڪس پيش ڪري ٿو، بند هن طرح آهي:
تو لئه هر دم آتا آهن،
منهنجي ٻانهن جا هي گهيرا.
هن بند ۾ ٻانهن جي گهيري جو عڪس، چوڌاري ڦيري جو عڪس، سوني مٽيءَ جو عڪس، ساڳيءَ طرح ٻئي تي موجود غزل کليل ڊگهن وارن جو عڪس، 36 هين صفحي تي موجود غزل ۾ رئي جو پاند پڪڙي ڳنڍ ڏيڻ جو عڪس، 38 هين صفحي تي پَٽَ ۽ سون جو عڪس 40 هين صفحي تي خماريل اکين جو عڪس، 42 صفحي تي جماليات، مجبوري، بي وسي ۽ لاچاريءَ جو عڪس.
جي ياد تنهنجي مون کي ستائي ته ڇا ڪريان،
هر لڙڪ جهول منهنجو ڀڄائي ته ڇا ڪريان،
46 هين صفحي تي گلن جي ٻور جو عڪس، غرور جو عڪس، پور، گهور، سَرور جو عڪس، هڪ غزل ۾ ايترا سارا عڪس چٽڻ سچ پچ ته ڊاڪٽر ذوالفقار جي مهانتا جي چٽي ثابتي آهن،
هڪ غزل ڄڻ ته فائين آرٽ جو شاهڪار بڻجي پوي ٿو، سچ ته سندس هي ڪتاب فائين آرٽ جي گئلري آهي.
هر هڪ نه ٻئي غزل توڙي گيت ۾ عڪس مٿان عڪس سمائيندو ويو آهي، احساسن، امنگن ۽ جذبن جا ايڏا ته چٽا عڪس چٽيا اٿس جو چئي کڻي بس ڪري ڪجهه مثال هت پيش ڪريان ٿو.
خوشبوءِ جو عڪس:
تنهنجي هٿ ۾ گلاب جي خوشبو،
منهنجي اکين ۾ خواب جي خوشبو،

رستي ٿو ته دنيا به اجڙي وڃي ٿي،
اچي ٿو ته خوشبو ڇڏي ٿو ورهائي.
ڏک جو عڪس:
تو سان دشمن وير آ پاڙيو،
مون کي منهنجن سڄڻن ماريو.
روشنيءَ جو عڪس:
اکين ۾ عڪس تنهنجا، هر جاءِ نظر تون آئين،
هن زندگيءَ ۾ ٻئي جو نالو وٺان ته ڏوهي.

تنهنجا حسني عڪس ٿو اکين ۾ سانڍيان
توکي زمانو مون کان لڪائي ته ڇا ڪريان.