شخصيتون ۽ خاڪا

ڊاڪٽر ذوالفقار سيال: ادب ۽ شخصيت

ھن ڪتاب ۾ نامياري شاعر، نثرنگار ۽ سرگرم ادبي شخصيت ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي شخصيت تي لکيل مضمون ۽ رايا شامل آھن. سنڌي ادب جي تاريخ جا اهم ڪردار اسان وچ ۾ بيٺل ادب جي روشن ستاري ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي فني لياقتن تي قلم کڻن ٿا، ان کان وڌيڪ مڃتا ڊاڪٽر ذوالفقار سيال لاءِ ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي جو هو نه فقط سنڌ ۽ هند جي ادبي حلقي ۾ پنهنجي ناماچاري رکي ٿو پر ڏيهه توڙي پرڏيهه جي اديبن ۽ سڄاڻ ڌرين ۾ ايترو ئي مقبول آهي، جيترو پنهنجي ٻوليءَ ۾، ان جو اعتراف اردو جي نامياري اديب ۽ ڪالم نويس محمود شام به پنهنجي مضمون ۾ ڪيو آهي. جڏهن ته ڪتاب ۾ شامل سنڌي، اردو ۽ انگلش مضمونن ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي گهڻ رخي شخصيت تي مڪمل طور بحث ٿيل آهي.

  • 4.5/5.0
  • 22
  • 1
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ساجد سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ڊاڪٽر ذوالفقار سيال: ادب ۽ شخصيت

جيئين هزارين سال منهنجا لال...!!

1998ع جولاءِ جي شروعاتي ڏينهن ۾SNA وارن طرفان آمريڪا ۾ سڏ هيو جنهن ۾ نور الدين سرڪي، ٻيو مان ٽيون جسٽس سجاد علي شاه شامل هياسين، جلسو شروع ٿيو، سرڪي صاحب جي ليڪچر کان ان پروگرام جي شروعات ٿي، جنهن ۾ هن سنڌين کي تلقين ڪئي ته پنهنجو پاڻ ۾ڀائپي ڪن ۽ آمريڪن سان به اهڙي طرح هلن. جو پڇاڙيءَ جو آمريڪن انهن مان بيزار نه ٿين. هال ۾ موجود شامل ماڻهن مان، هڪ رڙ ڪندي چيو، جيڪو آغا جو پٽ هيو. (پڇاڙيءَ جو هن رٽائرڊ ميرپورخاص مان ڪيو) ۽ پٽن کي وصيت ڪري ويو هيو ته پاڪستان ۾ ڪوئي نه رهي، سڀئي ڀائر پڙهيل لکيل ۽ ڄمندي ئي ڄام هيا ۽ بعد ۾ سندن ماءُ، بيواهه جي حيثيت ۾ نبي بخش کوسي سان رهي هئي. آغا جو آواز ٻڌندي ئي مون چيو، اصل مقصد واري ڳالهه تي اچان ٿو.
پاڪستان- هندستان ۾ لڙائي نه ٿيندي ڇو ته 1982ع کان وٺي 1984ع تائين آمريڪا ۾ روس جي ميٽنگ جيڪا ٻن سالن تائين هلي ۽ ان ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو هيو ته روس ۽ آمريڪا پاڻ ۾ ايٽمي جنگ ڪڏهن به نه ڪندا. سبب ته 17 هزار اينٽي بلاسٽڪ ميزائل روس جا آمريڪا جا 17 شهرن تي نشانو ڪيون بيٺا آهن ۽ اهڙي طرح آمريڪا جا 17 هزار بم روس جي 17 شهرن ۾ پوائنٽيڊ آهن. ان وقت جلسي جي وچ مان هڪڙي سنڌي ڍيڪُ ڏنو ته پوءِ اسان کي بيوقوف ڇو ٿو بڻايو وڃي؟ ان وچ ۾ اهو ڊگهو پاڪستان ۾ آمريڪا جو سيڪريٽري، اُڀو ٿي بيٺو جنهن به پڇيو (جنهن مونکي، ويزا ڏنو هيو) ڪاٿي تو پڙهيو هيو؟ مون چيو آمريڪن آهين ته پڙهي ڏس ڪتاب “Dark & Cold” جيڪو هڪڙي آمريڪن ئي لکيو آهي ۽ ان ۾ لکيل آهي ته پهريائين ايٽم بم ڇٽڻ کان پوءِ جيڪو سلسلو شروع ٿيندو ان ۾ ايتري ته مٽي ۽ دز اُٿندي، جو ڏهه هزار سالن تائين سج اڀرندو ئي نه، هر زنده شيءِ مري ويندي، ڇو ته سج جي روشنيءَ کان سواءِ ڪابه شيءِ نه رهندي آهي. ان وچ ۾ هڪڙو پاڪستان ايمبيسيءَ جو ماڻهو، جيڪو مهاجر هيو ۽ اُٿي بيٺو، ان رڙ ڪري چيو ته “همارا ڪيا هوگا؟” مون ڪاوڙ مان رڙ ڪندي چيو ته “نه آپ هونگي نه هم هونگي” مسلمان جيئن ئي بُل ڏئي اٿيو هيو، تيئن ئي ويهي رهيو. ان وچ ۾ سيد سجاد علي شاهه منهنجو هٿ پڪڙي، ٿڌو ٿيڻ لاءِ چيو، هي هيو احوال 1998ع ۾ ٿيل سنڌي نيشلسٽ ايسوسيئيشن آف آمريڪا SNA جي ڪانفرنس جو، تنهن کان پوءِ مونکي آمريڪن اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ اچڻ جي دعوت ڏني وئي، مون چيو ته مان آمريڪا ۾ ڀرتي ٿيڻ يا ملازمت ڪرڻ نه آيو آهيان. هڪڙي پاڪستاني جي جاءِ تي رهيو پيو آهيان جنهن کي ملڻو هجي، اتي ملي سگهجي ٿو.” بهرحال هي ته سڀ ڳالهيون ٿيون انهن جون. اسان سان- هن جو اهو ئي واسطو آهي ته اسان به ذڪر ڪندو هلان، جيڪو وچ ۾ ٽپو ڏئي اُٿيو هيو. اهو بعد ۾ مونکي “هيومن رائيٽس آرگنائيزيشن” جي سربراهه، عورت جي دفتر ۾ مليو هيو. چيائين اها تو ڪٿان ڄاڻ حاصل ڪئي، مون چيو مانس ته “Dark and Cold” ڪتاب، جيڪو پي_ڪي شاهاڻي آمريڪن ايمبيسي مان آڻائي ڏنو هيو، ان ۾ اهو لکيل هيو. دنيا جي هڪ دور جون اهي ڳالهيون هيون جتي فنا ٿيڻ جو جنون آهي.
هاڻي هي سڀ سياسي ڳالهيون هيون. هاڻي اچان ٿو ذوالفقار سيال جي لولين تي. امڙ اسان کي وڏي ڏوليءَ ۾ سمهاري، کٻي هٿ سان ڏوليءَ کي لوڏيندي، دعا ڏيندي هئي.
“جيئين هزارن سال، منهنجا لال.”
ذوالفقار سيال جون لوليون ۽ دعائون پڙهي ۽ ٻڌي، دل چئي ٿي ته وري وري چوان. “جيئن هزارين سال- منهنجا لال” مونکي حيرت آهي ته ذوالفقار سيال، ايترا لولين ۽ ٻاراڻي ٻولين تي ٻڌل ڪتاب ڪيئن ڏنا آهن، منهنجي دعا آهي، پاڻ به سؤ سال جيئي ۽ سنڌ جي ٻارڙن کي به جيئاري.
ذوالفقار سيال، منهنجي پاڙسري ڳوٺ فريد آباد جو رهواسي آهي ۽ وڏي خوشي اٿم ته منهنجي يارن، ڪراچيءَ جي جيل وارن-قيدين جي ورهين تائين خدمت ڪئي آهي، جتي مان پاڻ به چار سال گذاري آيو آهيان، منهنجون ڪيتريون ئي آکاڻيون ڪراچي جيل جي کولين ۾ لکيون ويون آهن، سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري جنرل ٿيڻ به هڪ حاصلات آهي، پهريائين ذوالفقار سيال ۽ هاڻي ڊاڪٽر مشتاق ڦل، ترقي پسند راهه تي سنگت کي هلائيندي، انجمن ترقي پسند مصنفين سان ان جو ناتو ڳنڍيو آهي، جيڪا دراصل سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي شروعات دور ۾ ان جي برپا ٿيڻ جو سبب هئي.
ذوالفقار سيال شروعاتي ڏينهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين مون سان گڏ آهي ۽ هو منهنجو پنهنجو آهي، هي کرو ماڻهو ۽ ڪميٽيڊ ليکڪ آهي، مان سنڌي اديبن کي اها پڻ صلاح ڏيندس ته هو ٻارڙن لاءِ مسلسل لکندا رهن. جو اسان جو ٻار، دنيا جي ٻارن کان جدا ناهي، پڙهندڙ اها پڻ دعا ڪن ته مان به سؤ سال جيئان، جيئن منهنجي امڙ جي دعا هئي ته مان به پنهنجي ڌرتي ۽ ٻوليءَ جي خدمت ڪندو رهان، جيڪا اسان جي ماءُ آهي ۽ اسان جي وجود جي ضمانت آهي. سنڌ ۽ سنڌي ٻولي آهي ته اسان آهيون. هر سنڌيءَ کي هي ڪتاب پڙهڻ گهرجي.


ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي

(“دعائون”، چانڊوڪي پبليڪيشن لاڙڪاڻو)