کاهوڙي ۽ ڪميٽيڊ دوست: يوسف سنڌي
ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جڏهن سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو سيڪريٽري جنرل چونڊيو هو ته مون سميت گهڻن دوستن جو خيال هو ته ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جو دور به سنگت جي عام دورن جهڙن رهندو، ڪا ايڏي وڏي حاصلات (Achievement) نه ٿيندي، پر جيئن جيئن وقت گذرندو ويو ۽ سندس سنڌي ادبي سنگت سان ڪمٽمينٽ ۽ سندس ڪارڪردگي ڏسي، مون سميت سڀني دوستن جي راءِ تبديل ٿي ويئي ۽ هاڻ ته اهو چوندي نه هٻڪندس ته ڪم جي حوالي سان اڳتي، سنڌي ادبي سنگت ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال پنهنجي سوا ٻن سالن جي ٽينوئر ۾ ڪيترائي اهڙا Achieve goal ڪيا، جيڪي ماضيءَ ۾ ٿي نه سگهيا هئا، سنگت جي سڄي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو باقاعده “سنگت” مخزن جي اشاعت عمل ۾ آئي. سنگت جو اشاعتي شعبو پهريون ڀيرو ذوالفقار سيال جي دور ۾ ئي قائم ٿيو ۽ ان پاران مختلف ليکڪن جا ست ڪتاب پڻ شايع ڪيا ويا. سنگت جي ڪاروباري ڪميٽي ۽ سنڌ ڪائونسل جا اجلاس به وقت تي ٿيا، ٻيئي سال باقاعده ايوارڊ تقريرون ٿيون، سنگت جي ٻه روزه شايان شان گولڊن جوبلي ڪانفرنس ڪوٺائي ويئي. ڪيترن ئي شاعرن ۽ اديبن جون ورسيون ملهايون ويون وغيره. جن جو اڳ ۾ تصور ئي ممڪن نه هو.
ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي دور ۾ ٻي جيڪا حاصلات ٿي، اُن ڏانهن گهڻن دوستن جو ڌيان نه ويو، سنڌي ادبي سنگت جي سڄي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي دور ۾ ٻين ٻولين جي ترقي پسند اديبن سان رابطا ٿيا، جن ۾ اردوءَ کان علاوه (جن سان ته ڪيترائي گڏيل پروگرام به ڪيا ويا) پشتو، سرائيڪي، هندڪو جا اديب به شامل آهن. سنگت جي گولڊن جوبلي ڪانفرنس ۾ ته پشتو عالمي، ڪانفرنس جو چيئرمين سليم راز به موجود هو، جيڪو مشاعري واري نشست جو خاص مهمان به هو تنهن کانسواءِ انجمن ترقي پسند مصنفين جا ٻيا ڪيترائي سرگرم رُڪن به موجود هئا، ائين پهريون ڀيرو باضابطه سنڌي ادبي سنگت ۽ سنڌي ٻولي جي اديبن جي ٻين ٻولين جي اديبن سان تنظيمي ويجهڙائپ ٿي.
سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي حوالي سان جيڪا حاصلات ٿي، اها ٻن قسمن جي هئي.
نمبر پهريون: تنظيمي رابطن جي ۽ نمبر ٻيو: سنگت جي ميڙن ۽ گڏجاڻين ۾ سينئر سنڌي اديبن جي آمد جي، تنظيمي رابطن جي حوالي سان ڊاڪٽر ذوالفقار سيال بهترين تنظيم ڪار رهيو. سندس تنظيمي ڪارڪردگيءَ ۾ شاخن سان رابطا رکڻ، فونن ۽ روبرو وڃي دوستن سان ملڻ، شاخن جي پروگرامن ۾ شرڪت ڪرڻ بيمار اديبن جي سهائتا واسطي ڪوششون وٺڻ (جنهن جا ڪيترائي سٺا نتيجا نڪتا) اهم آهن. ان حوالي سان ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جو سٺو دور باقاعده سرگرم ۽ چرپر ۾ رهيو. ٻيو ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي ئي دور ۾ سالن کان پوءِ پهريون ڀيرو سينيئر سنڌي اديبن سنگت جي پروگرامن ۾ شرڪت شروع ڪئي ۽ دلچسپي وٺڻ شروع ڪئي، انهن پروگرامن جي رڪارڊ ڏسبو ته ڪامريڊ سوڀي کان وٺي فتاح ملڪ تائين اديب شرڪت ڪندا نظر ايندا.
ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي هڪ ٻي خوبي جنهن مون کي سندس وڌيڪ ويجهو آندو، اها خوبي “دوستن تي اعتماد ۽ ڀروسو” ڪرڻ جي آهي. ٿي سگهي ٿو ته ان خوبيءَ کيس نقصان به ڏنو هجي، پر سندس ان خوبيءَ مون کي ته سندس مداح بنائي ڇڏيو، سيڪريٽري جنرل چونڊجڻ کانپوءِ پاڻ جڏهن “سنگت سنڌ” پاران اشاعتي سلسلو شروع ڪرڻ ۽ سنگت مخزن جي اجراءَ جو فيصلو ڪيائين ته مون کي ان جو انچارج مقرر ڪيائين. مون پنهنجي وس آهر هر ممڪن ڪوشش ڪئي ته ان ڪم کي سٺو نموني نڀايان ۽ پاڻ مون تي جيڪو ڀروسو ڪيو اٿس، اهو قائم رکان. پر ان کان وڌيڪ اهم ڳالهه اها آهي ته تيرهن پرچن جي اشاعت دوران مواد جي چونڊ ۽ ٻين مرحلن جي طئي ڪرڻ تائين مون کي نه رڳو فري هينڊ ڏنائين، پر ڪڏهن اهو به پڇيائين ته “هن پرچي ۾ ڇا پيو هلي؟” يا ڪهڙو مواد هلڻ گهرجي ۽ ڪهڙو نه، اهو ساڳيو ڀروسو ڊاڪٽر مشتاق ڦل جو به مونتي قائم رهيو ۽ مون اطمينان ۽ ڪنهن رنڊڪ کانسواءِ سنگت جا تيرهن پرچا شايع ڪيا.
سنڌي ادبي سنگت مون کي تمام گهڻي عزت ۽ محبت ڏيڻ سان گڏ ڪيترائي سٺا دوست به ڏنا آهن جن ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال به آهي، منهنجي خواهش آهي ته آئون سندس شخصيت، ادبي ڪم ۽ سنگت لاءِ ڪيل خدمتن تي هڪ سٺو ڪتاب لکان، پر هينئر نه، جڏهن آئون به سندس جيان “اڳوڻو سيڪريٽري جنرل” ٿيندس يعني ٻن سالن کانپوءِ...!!