عورتن ۽ مردن ۾ مقبول شاعر: عرفان عباسي
ڇو آهي، ڇالاءِ آهي. اِهو مون اڃان وڌيڪ ويجهو ٿيندي ڏٺو. جڏهن مون ساڻس سفر ڪيو، چوندا آهن ته يار کي پرکڻو هجي ته ساڻس سفر ڪيو يا ساڻس ڏيتي ليتي ڪرايو! هل!! عجيب ۽ غريب قسم جو ماڻهو ڏيتي ليتيءَ جو به پنهنجو مٽ پاڻ پر جن ذوالفقار سان سفر نه ڪيو هجي ته کين گذارش آهي ته اهي هڪ دفعو سنڌ جي هن يگاني شخص سان به سفر ڪري ڏسن. تازو اسلام آباد ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال ۽ مون يڪا سارا پنج يا ڇهه ڏينهن هوائي سفر کان ويندي زميني سفر تائين گڏ گذاريا. ٻڌندو هوس ته اصول پرست به آهي. وقت جو پابند به آهي، پر هتي ته هن حد ڪري ڇڏي. منهنجي زندگيءَ جي هن يادگار سفر ۾ مان سندس ساٿ جا لمحا نٿو وساري سگهان، ايئرپورٽ ڪراچيءَ کان ويندي ڪوهه مريءَ جي عثمانيه هوٽل تائين. ڇا ته سندس هڪل ۽ دڙڪو هوندو آهي، ڪاش! آءٌ سندس جي گهر ۾ جنم وٺان هان، جيڪڏهن آءُ سندس پٽ جي جاءِ تي هجان ها ته گهڻو ڪجهه سکان ها. آخرڪار سفر ۾ ٿيو ايئن جو هن جي اصول پرستي ۽ ايمانداري ڏسي مونکي هن مان جان ڇڏائي ڀڄڻو پيو. آءٌ وڏي واڪي چوان ٿو ته سنڌ جي وڏن اديبن ۾ بي ايمان، انا پرست، ڌوڪيبازن جو هڪ وڏو انگ موجود آهي. اهڙن ميرن ماڻهن جي وچ ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار سچ پڇو ته غير معمولي قسم جو هڪ ڳڻائتو انسان آهي،خبر ناهي ته هو ٺيهل ڪهڙي مٽيءَ جو آهي، هي ماڻهو پنهنجن ڪهڙن انگن اکرن تي جيئي پيو. اختلافي ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي جيڪو به ويجهو رهيو آهي. کيس کي گهڻو پرکي سگهي ٿو. اللاعلان چوان ٿو.
ذوالفقار سيال جو هيڏو سارو مونسان گڏ ڪيل سفر مون کي انڊيا ويل اديبن جا دوکا، مڪاريون ۽ فريب به ياد ڏياري رهيو هو ۽ بار بار سندس چيل لفظ اڃان تائين نٿا وسرن ته، “اڙي!! ماڻهو سڃاڻ، پرک ڪر!!” ۽ مان ڊاڪٽر سيال جي سدائين چيل سچ کان هميشه لنوائيندو رهيس. آءٌ سندس ئي سٽن سان دل ئي دل ۾ ساڻس مخاطب ٿيندو هيس.
جيڪڏهن ايماندار نه هجان ها. اصول پرست نه هجي ها ته يقينن اديبن جو هڪ وڏو ٽولو ساڻس سان گڏ هجي ها. جنهن ويل ايئرپورٽ تي اسلام آباد وڃي رهيا هئاسين. هڪ سرڪاري سيمينار ۾ ته مونسان گڏ منهنجي ساٿين جي نالي آڱر کڻندي چيائين ته هي توسان سچا ناهن، اتي ڪانه ڪا فلم ضرور ٿيندي ۽ ٿيو به ايئن. کيس کي ڪا به خبر ناهي ته هت ڪيئن جيئڻو پوندو آهي ۽ هت ايئن...........
اسلام آباد جي هاليڊي ان هوٽل م صبح جو سيمينار ۾ وڃڻ لاءِ مونکان اُهي لمحا ڪڏهن به نه وسرندا جو پاڻ صبح جو سويلي سڀني کان پهريان تيار ٿي، پوءِ مونکي ڀلي گهوڙي وانگر تيار ڪندو هو. اُهو سندس روز جو معمول هو. توڙي جو رات جو 3 وڳي تائين گڏ هوندو هو پر صبح جو ساڳي پوري وقت تي تيار ٿي اچي منهنجي روم جو دروازو وڄائي مون کي اٿاري ۽ تيار ڪري سيمينار تي وٺي ويندو هو. هن جون رڙيون ۽ OK چوڻ وارو مخصوص جملي جي ادائيگي اڃان تائين منهنجي ڪنن ۾ گونجي ٿي. اڃان حيران ۽ پريشان ته مان تڏهن ٿيس. جڏهن ڪوهه مريءَ ۾ ٿيل ڪيل گڏيل خرچ دوران مون کي پنهنجا سڀ پيسا واپس ڪندي چيائين ته “حساب حساب ٿيندو. پٽ اِهي سڀ ٻيا هوندئي جيڪا ٺڳي ويا ٿئي. آءٌ انهن مان ناهيان..!!
ذوالفقار سيال جو هيڏو سارو مون سان گڏ ڪيل سفر مون کي انڊيا ويل اديبن جا دوکا، مڪاريون ۽ فريب به ياد ڏياري رهيو هو ۽ بار بار سندس چيل لفظ اڃان تائين نٿا وسرن ته، “اڙي!! ماڻهو سڃاڻ، پرک ڪر!!” ۽ مان ڊاڪٽر سيال جي سدائين چيل سچ کان هميشه لنوائيندو رهيس. آءٌ سندس ئي سٽن سان دل ئي دل ۾ ساڻس مخاطب ٿيندو هيس...
“وقت ڪنهن ويريءَ جيان، لمحا لتاڙي آ ويو،
تون به بس خاموش ٿيئن. مون به ڪجهه ناهي چيو،
تون سان جو پل مون گذاريو او پرين پارت هجئي”
تڪراري ادبي سنگت جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل ٿيڻ ڪا معمولي ڳالهه ته ناهي جو خرچ به گيدي مان ڪجي. تقريبون به پنهنجي گهر جي خرچ مان ڪرائجن ته ويب سائيٽ به پنهنجي خرچ مان ٺهرائجي. اِهو ئي سبب آهي جو سندس سچ ۽ کري هُجڻ جي ڪري توڙي جو ادبي سنگت جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل به آهي، پر ڪڏهن کيس ڪنهن ظالمي ڪانفرنس جي دعوت نه ملندي آ ته ڪڏهن ٿيل تعزيتي ميڙاڪن، ريفرنسن ۾ پڻ کيس کي ٺڪرايو ويندو آ.
ڪاش!! ذوالفقار تون سمجهي سگهين ها ۽ ٻچاپڙو هجين ها ته ڪيڏي نه عزت ملئي ها!! ها پر تو سڀ سمجهندي به پنهنجي اصول ۽ انا تي قائم رهندي ڪڏهن اڪيلي سر جوهيءَ ته ڪڏهن ٿر ادبي ميڙاڪن ۾ ڪنهن جي ڪاڻ نه ڪڍندي به پهچندو رهين ٿو. هن وقت تائين مون کي هڪڙي ڳالهه سمجهه ۾ نه ايندي آهي. تو پنهنجا ٿورڙا ئي ٿورڙا پر سٺا دوست ڪيئن ٺاهيا آهن!؟ اچو ته کانئس اهو فارمولا وٺون، پر آءٌ سمجهان ٿو ته هنن سڀ ڪجهه وڃائڻ کان پوءِ به لا حاصل دنيا جي هن لاپرواهه شخص سان جيڪڏهن ڪو سندس ڊيوٽيءَ دوران جناح اسپتال جي آفيس ۾ نه مليو هجي ته ملي ڏسيس. اتي به هن وٽ لاوارث سنڌين جا ۽ غريبن جا ميڙ هوندا آهن، پوءِ هو پنهنجي حال آهر جيڪا خدمت ڪري سگهندو آهي. اها مون پنهنجي اکين سان ڏٺي آهي. “عرفان! ظالمن جي ظلم کي ڏسي خاموش ٿي ويهندين ۽ ماٺ ٿي ويهندين ته پوءِ تون به انهن ظالمن مان آهين.” سندس سچا ۽ کرا لفظ منجهن ڪنن مان ۽ دل جي سيني جي اندران آر پار ٿي نڪري ويندا آهن. سندس اصول پرستي، ٽهڪن ۽ وقت جي پابنديءَ به کيس ڏاڍي ڏيکاءَ لاءِ سزا ڏني هوندي پر مان اهو به سمجهان ٿو ته ذوالفقار کي ان جي سچائيءَ جو سلو هڪ نه هڪ ڏينهن ضرور ملندو. مون کي ٻي ڳالهه به سمجهه ۾ نه ايندي آهي، ذوالفقار کي مردن سان گڏ عورتن ۾ مقبوليت ڇو هوندي آهي، يا ته ڏسڻ جو سهڻو آهي يا ته دل جو امير آهي يا ته ملڻو جلڻو شخص آهي پر اها ڳجهارت ضرور آهي ڇو جو مون پنهنجي اکين سان ڏٺو آهي ته هن اڌ صدي گذاريندڙ ۽ پيريءَ ۾ پير رکندڙ شخص کي نازنين ۽ حسينائون ڏاڍو مان ڏينديون آهن. اهو به عجيب ۽ غريب قسم جو فارمولا آهي. گذريل سالگرهه تي ستار ڀٽيءَ طرفان Arrangement ۾ سنڌ رويوءَ طرفان نڪرندڙ “ذوالفقار سيال ڪارنر” ڄڻ ڪالهوڪو ڏينهن آهي. وقت پنهنجي رفتار سان گذرندو پيو وڃي، اچو ته پاڻ سڀ گڏجي هن جي ايمانداريءَ سان هن جي ڪم کي ڏسي ڪري هن کي داد ڏيون. بس هن پنجاهين سالگرهه تي توکي جنم ڏينهن مبارڪ هجي، خدا ڪري تون هزارين جنم بهارن سان گذارين. آخر ۾ اداري سنڌ رويوءَ طرفان ”عورتون اور مردون ۾ يڪسان مقبول، ڊاڪٽر سيال کي جنم ڏينهن سندس هنن سٽن سان مبارڪ هجي.
پيار جو عنوان هن تنهنجون اکيون،
نينهن جو نشان هنِ تنهنجون اکيون.
هن هيستائين سنگت جي شاخن جي ايترن ته پروگرامن ۾ شرڪت ڪئي آهي جو ان جو رڪارڊ رکڻ به مشڪل ٿي ٿو پوي. ايئن هو ذاتي طور تي ڪيترين ئي شاخن جي ڪارڪردگي، سرگرمين کان به واقف ٿيندو ٿو رهي.
بزرگ پروگرام جي صدارت ڪئي ۽ واپسيءَ مهل چيائين ، “مون کي اندازو ڪونه هو ته سنگت ٻولي جي حوالي سان ايڏي سٺي ڪانفرنس به سڏائي سگهي ٿي.”
ذوالفقار سيال ڏانهن اهو به ڪريڊٽ وڃي ٿو ته هن سنگت کي ادبي ۽ سماجي “اڪيلائپ” ۽ هڪ مخصوص دائري مان ڪڍي سنڌ ۽ ملڪ جي ٻين ادبي ۽ سماجي تنظيمن ۽ سول سوسائٽين سان سلهاڙيو آهي. نتيجي ۾ اڄ امر جليل کان وڃي نور الدين سرڪيءَ تائين ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ کان وڃي سراج. غلام نبي مغل ۽ ٻيا سينيئر ۽ بزرگ اديب سنگت جي سڏ کي مان ڏيڻ لڳا آهن.
ذاتي طور تي ذوالفقار سيال، هر ممڪن طور تي دوستن جي عزت، احترام ۽ لحاظ ڪرڻ وارو ماڻهو آهي. گذريل سال ميرپوربٺوري ۾ اسان جي هڪ بزرگ دوست ۽ سينيئر قومي ڪارڪن جناب قاسم پٿر پنهنجي لائبريريءَ جو افتتاح ڪرايو. سندس خواهش هئي ته ان لائبريريءَ جو افتتاح جناب نور الدين سرڪي سان گڏ سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر ذوالفقار سيال به ڪري مون اهو عرض ڊاڪٽر ذوالفقار سيال کي ڪيو. ان ڏينهن کيس ڪو ضروري ڪم هو، پر منهنجي گذارش تي پنهنجا ٻيا سڀ ڪم پاسيرا ڪري نه رڳو پاڻ بٺوري آيو، پر جناب نور الدين سرڪيءَ ۽ جناب روچي رام کي به پاڻ سان گڏ کڻي آيو. ڇاڪاڻ ته سائين نورالدين سرڪي گاڏي نه هئڻ سبب اچي نه پئي سگهيو. ذوالفقار سيال جي ان عمل سان قاسم پٿر بيحد خوش ٿيو. هن بار بار منهنجا ٿورا مڃيا. مون کيس چيو ته “اهو ڪريڊٽ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال ڏانهن وڃي ٿو. مون ڏانهن نه!”
ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جڏهن سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري جنرل چونڊيو ويو ته ڪنهن کي به اهو اندازو نه هو ته ڪو سنگت جو ڪردار ايترو فعال رهندو. ذوالفقار سيال اهي سڀ واعدا پورا ڪيا آهن. جيڪي هن پنهنجي چونڊ مهم دوران ڪيا هئا. نه ته اڳ ۾ سنگت جي چونڊيل عهديدارن جي ڪارڪردگي اها پئي رهي آهي ته هو چونڊجڻ کان اڳ انهن جي واعده ۽ دعوائن جي ٽريفڪ نان اسٽاپ هلندي هئي، پر چونڊجي اچڻ کان پوءِ هو اهو چئي ڪم نه ڪندا هئا ته “سنگت وٽ ايترا وسيلا ئي ڪونهن ڀائو! ڇا ڪجي!؟”
پر ڊاڪٽر ذوالفقار سيال ايئن نه ڪيو. جيتوڻيڪ کيس چارج ۾ مليا ئي چار رجسٽر، ڪو به پئسو ڏوڪڙ نه مليو. پوءِ به هن ڪم ڪري ڏيکاريو.
ذوالفقار سيال تي اجائي تنقيد ڪندڙ دوست، جيڪڏهن سنڌ جي لاءِ سندس ڪيل ڪم. ڪارڪردگيءَ جي آرسيءَ ۾ پنهنجو چهرو ڏسن پوءِ جي سندن ضمير اجازت ڏئي ته ڀلي ٻه پيا لڙن...
هونئن به ڀلا ڪانوَ جو ڪم ئي ڪهڙو؟
ذاتي طور تي ڊاڪٽر ذوالفقار سيال واعدي جو پڪو ۽ وقت جو پابند شخص آهي. هن هيستائين سنگت جي شاخن جي ايترن ته پروگرامن ۾ شرڪت ڪئي آهي جو ان جو رڪارڊ رکڻ به مشڪل ٿي ٿو پوي. ايئن هو ذاتي طور تي ڪيترين ئي شاخن جي ڪارڪردگي، سرگرمين کان به واقف ٿيندو ٿو رهي.
ماضيءَ ۾ مونکي ساڻس ڪن معاملن تي رنجش ۽ ڪي غلط فهميون هيون. پوءِ جڏهن هڪ ٻئي جي ويجهو آياسين ته مون کيس سنگت سان ڪميٽي ۽ بي غرض ڏٺو ته اڪثر کيس چوندو آهيان، “ڊاڪٽر صاحب! ڪاش اسين اڳ ملئون ها! ۽ گڏجي ڪم ڪريون ها ته سنگت هينئر وڌيڪ بهتر حالت ۾ هجي ها.” منهنجي انهيءَ ڳالهه تي ڊاڪٽر صاحب اڪثر مرڪي پوندو آهي.
(ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي سالگرهه جي حوالي سان مضمون ۽ مبارڪبادي پيغام)
(ماهوار سنڌ رويو ــ ذوالفقار سيال نمبر)