شخصيتون ۽ خاڪا

ڊاڪٽر ذوالفقار سيال: ادب ۽ شخصيت

ھن ڪتاب ۾ نامياري شاعر، نثرنگار ۽ سرگرم ادبي شخصيت ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي شخصيت تي لکيل مضمون ۽ رايا شامل آھن. سنڌي ادب جي تاريخ جا اهم ڪردار اسان وچ ۾ بيٺل ادب جي روشن ستاري ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي فني لياقتن تي قلم کڻن ٿا، ان کان وڌيڪ مڃتا ڊاڪٽر ذوالفقار سيال لاءِ ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي جو هو نه فقط سنڌ ۽ هند جي ادبي حلقي ۾ پنهنجي ناماچاري رکي ٿو پر ڏيهه توڙي پرڏيهه جي اديبن ۽ سڄاڻ ڌرين ۾ ايترو ئي مقبول آهي، جيترو پنهنجي ٻوليءَ ۾، ان جو اعتراف اردو جي نامياري اديب ۽ ڪالم نويس محمود شام به پنهنجي مضمون ۾ ڪيو آهي. جڏهن ته ڪتاب ۾ شامل سنڌي، اردو ۽ انگلش مضمونن ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي گهڻ رخي شخصيت تي مڪمل طور بحث ٿيل آهي.

  • 4.5/5.0
  • 22
  • 1
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ساجد سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ڊاڪٽر ذوالفقار سيال: ادب ۽ شخصيت

شاعريءَ جو معراج: رزاق سهتو

تخليق جي دنيا ۾ شعوري ڪوشش سان، تخليق ڪرڻ جي گنجائش ناهي، تخليقڪار ته ڪنهن آفاقي چريائپ جو اوسيئڙو ڪندو آهي جڏهن اها الهامي ڪري اچي مٿس وارد ٿيندي آهي ته کيس به خبر ناهي هوندي ته ڪهڙي جهان ۾ آهي اهڙي ڪيفيت ۾ سرجيل تخليق ئي اوج تي رسندي آهي، ذوالفقار جي شاعري ٻڌائي ٿي ته هن کي آفاقي چريائپ جا ڪيترائي دورا پيا آهن، شاعر ته مٿيءَ ڪيفيت ۾ شاعري ڪري سگهندو آهي. شعور ۾ ته جراهه ڪاريگر خوبصورت تن بدن جي بيهڪ تي وڳو ئي سبي سگهي ٿو.
شاعر جي هڪ ٻي خوبي اها نظر آئي ته هوعام ليکڪن جيان رڳو پنهنجو پٽڻو ڪونه ٿو پٽي، پر پنهنجي در کي عالمي درد بڻائي ڇڏي ٿو، جيڪو هڪ فنڪار جو ڪمال آهي، اهڙي فن جي طفيل ئي ذوالفقار اسان کي ڪيترائي ڪتاب ڏيڻ ۾ ڪامياب ويو آهي. سندس ججهو ڳاڻاٽو ٻاراڻي ادب جي شاعريءَ جو به آهي.
شاعري اندر جي گهرائي مان ڦٽي نڪتل چشمو آهي جا ڏات جي آڌار تي سر جي ٿي، ماڻهون ان چشمي مان پنهنجي مقصد جي اڃ اجهائن ٿا، شاعري سرجيندڙ جي انگن تان ماس به روڙي ٿي ڇڏي. شاعر هر پل جيئي ٿو نڪي مري ٿو. شاعر پنهنجو اوج هر عام ۽ خاص وٽ تڏهن ماڻيندي آهي جڏهن اها ماڻهن جي گهڻائي ئي جي جذبن، احساسن، ڏک پيڙا ۽ ادراڪ سان سنگم جوڙيندي ۽ عام انسانن سان پير پير ۾ ڏئي هلندي آهي. ذوالفقار جي شاعريءَ ۾ اهڙا پڪا پيرا نظر اچن ٿا.
ذوالفقار سيال جي شاعري جو البم “پيار” جي نالي سان پڻ آيل آهي، جنهن ۾ محمد يوسف، فيروز گل، برڪت علي، شازيه، افشان، علي رضا، صدف اقبال، سحرش ميمڻ، سجاد يوسف ۽ ڪرم عباس خان جي آوازن ۾ شاعري ڳايل آهي. جنهن ۾ محمد يوسف جي آواز ۾ ڪلام “مان مرڪن جو راڳي آهيان” ۽ سرائڪي ڪلام “عشق اسان ڪون ڪافر ڪيتا” جو علي رضا جو آواز ۾ آهي سي ڏاڍا من کي ڇهندڙ آهن. ان کانسواءِ استاد فيروز گل سازن کي ڇيڙيندي سر ۽ آواز جي سنگم سان وڇوڙي جي ڪرب کي زلفيءَ جي لفظن ۾ هيئن ڳايو آهي ته “گهڻا ڏينهن ٿيا تون آيو نه آن.” تنهن کانسواءِ سندس هي شاعري ته “تو بنا هي شام گذري وئي...” جنهن کي آواز جو لباس پارايو آهي. برڪت علي، شام جي پهر ۾ هيءَ شاعري ٻڌجي ٿي ته من ۾ محب کان جدائي جو عڪس چٽو ٿي وڃي ٿو.
ذوالفقار جي شاعري جا انڊلٺي رنگ جڏهن مختلف فنڪارن جي آواز ۾ سرن جي سنگم سان آلاپجن ٿا ته حياتي جا هڙئي پاسا رنگين بڻجي پون ٿا. جيڪا شاعري جي معراج آهي. جا ٻڌندڙن جي دلين کي راحت بخشي ڇڏي ٿي. هونئن به موسيقي روح جي غذا آهي. جڏهن دل جي مٿان غمن جا غبار هجن، اداسي مايوسي جا ڪڪر انسان جي اندروني ڪائنات تي ڇانيل هجن. تڏهن استاد منظور علي جي آلاپ تي اکين نير جاري ٿي ويندا آهن. ماڻهون جو من هلڪو ٿي پوندو آهي. يا استا جمن جي آواز ۾ ڪو شاهه ڀٽائي جو ڪلام ٻڌبو آهي ته اندر جي ڪائنات ئي بدلجي ويندي آهي. اصل ۾ نج سنڌي راڳڻيون دل کي ڇهي وڃن ٿيون ۽ دل ڌرتيءَ تي خوشين جا رابيل ڦٽي پوندا آهن افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اهڙا راڳي سنڌ م وري پيدا ٿي نه سگهيا. سنڌ سالن کان نج سنڌي راڳڻيون ٻڌڻ کان محروم آهن،
اسان جي سماج ۾ محبت معراج ئي وڇوڙو آهي، وڇوڙي جي ڪرب اهو ئي ڄاڻي سگهي ٿو. جيڪو محبوب جي وصال خاطر جت بيٺو ته بيٺو ئي رهيو سندس پيرن ۾ ڊڀ ڄمي ويا، پر اها به حقيقت آهي ته وڇوڙي جي ماهه و سالن ۾ محبوب جي تصور ۾ رهي جيڪي ڏينهن ڪٽجن ٿا. تنهن پرينءَ جي سور ۾ جيڪو لطف آهي هوند دنيا جون ساريون نعمتون تن ساعتن تان قربان ڪري ڇڏجن شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعريءَ ۾ نمرتا ۽ نهٺائي نمايان آهي، پاڻ وڇوڙي جي ڪرب کي به ڏاڍي نفاست سان ٿو بيان ڪري.
ڪنڍي ڪلين وچ ۾، جڏهن هنئي جن،
موٽي مون پرين ڪڍڻ جي ڪا نه ڪئي.
يا
حبيبن هيڪار منجهان مهر سڏ ڪيو،
سو مون سڀ ڄمار، اورڻ اهو ئي ٿيو.
موجوده عهد جي تمام سريلي، سيبتي شاعر تاج بلوچ پڻ وڇوڙي جي ڪرب کي ائين بيان ڪيو آهي، جيئن مکڙي مان گلاب سرجي سڳنڌ پکيڙي ڇڏيندو آهي. هو چوي ٿو چيٽ چانڊوڪيون سرخرو نه ٿينديون.
گل پريون جڏهين روبرو ٿينديون،
تنهنجي چوڙين جون سڏڪندڙ مرڪون،
منهنجي چاهت جي آرزو ٿينديون.
ذوالفقار پڻ وڇوڙي کي ڏاڍ سندر پيرائي ۾ بيان ڪيو آهي. هو چوي ٿو:
را ت جي پوئين پهر ۾، چنڊ پڻ آهي ٿڪل،
پر اسان جي دل هي پاڳل، دل اڃان جاڳي پئي،
هونئن ته سهڻي خواب جيان آهي وساري تو ڇڏيو،
سار تنهنجيءَ ۾ رهي ٿي، دل اسان جي بي چئي.
يا
منهنجي سوچن جا،
سڀ رستا،
تنهنجي يادن جي،
دروازن جي،
هر پاڇي تي،
ختم ٿين ٿا.
يا
اداس لمحن جي جهول ۾ ئي،
اسان جي آسن جا خواب پلجن،
۽ خنجرن جي ئي نوڪ تي ٿا،
اسان جي پيار جا پهر سرجن.
هن شاعر جي شاعريءَ ۾ هڪ تشبيهه ڏاڍي وڻندڙ لڳي جنهن ۾ پيار کي فجر جي ننڊ سان ڀيٽيو ويو آهي. هو چوي ٿو،
پيار فجر جي ننڊ جيان آ
مصري ماکي، کنڊ جيان آ.
مان شاعري ۾ تشريح جو قائل ناهيان. تنهنڪري مون تشريح کان پاسو ڪيو آهي.
ذوالفقار جي شاعري جو جائزو وٺندي مون کي ائين لڳو ته هو فطرت جي حسن ۽ سونهن جو متوالو شاعر آهي، هو نه رڳو قدرتي بي جان منظرن جو مشتاق آهي پر متحرڪ حسن جو پوڄاري آهي. تنهنڪري هو فطرت جي سارين حسناڪين کي عورت يا محبوبه جي روپ ۾ نه رڳو پسي ٿو پر شاعريءَ جي ذريعي پسرائي ٿو.
اڄ جڏهن فڪري حوالي سان هر طرف وائڙائپ جو دور آهي. پاڻ قحت الرجال دور ۾ جي رهيا آهيون. ڪنهن کي ڪوبه فڪري دڳ نظر ڪونه ٿو اچي. اهڙي دور ۾ ذوالفقار پنهنجي ذهني پختگيءَ سان آدرش پسڻ جو دڳ ڏسي ٿو. توڻي جو سندس شاعريءَ ۾ فني اوڻايون آهن پر فڪري طور تي مالا مال آهي، هن دور ۾ جتي هر شئي وڪامي رهي آهي _ ۽ شاعر ظالم حڪمرانن کان ايوارڊ جي ماڻڻ لاءِ ضمير ۽ انا کي بازاري وکر جيان وڪڻيو ڇڏين اتي ذوالفقار جهڙن شاعرن جو اڃا به ضمير سلامت آهي. سندن اکيون اڃان به آدرشن جا خواب اُڻن ٿيون. توهان سندس ڪتاب “بارش کانپوءِ” پڙهي منهنجي ڏنل راءِ سان ضرور سهمت ٿيندا. بس ايترو ضرور چوندس ته ڪيترائي ويجها ذوالفقار جون اکيون ڏسڻ کان پوءِ مون کان سرٻاٽن ۾ پڇندا آهن ته وڏو ڪو پياڪ آهي. مان مرڪي پوندو آهيان، ڇو ته هو ان شيءَ جي بلڪل ويجهو ئي ناهي. تڏهن دل کي اطمينان ٿيندو اٿم ته جيئن ماڻهون ذوالفقار جون اکيون ڏسي ڌوڪو کائن ٿا ائين ماڻهن جون زبانون به لاشن تان پئسا وٺڻ واري ڳالهه کي ڌوڪي ۾ دهرائي رهيون آهن. مان ته کيس هن فارسي شعر ۾ آيل صلاح ئي ڏيندس ته دوست،
“هر ڦلدار درخت کي پٿرن جو نشان بنجڻو پوندو آهي، اي صائب جيڪڏهن تون اصل دل آهين ته پوءِ ان لاءِ هر پل آماده هجين.”
ڪنهن شاعر تي لکڻ ڏاڍو ڏکيو وهنوار آهي، جنهن جي مٿان ڏات جو وڻ هر وقت ڇانو ڪيون بيٺو رهي ۽ شاعري هٿ ٻڌيون حاضر هجي ۽ هٿ قلم کي چورڻ جي اوسيئڙي ۾ هجن، لفظ قطار ڪيون بيٺا هجن، هو ننڍن ننڍن سٽن ۾ اهڙو پراثر ۽ جذبن کي چُڀندڙ خيال پيش ڪري وڃڻ ۾ ڪامياب ويندو آهي جو اها سٽ ذهن ۾ ويهجي ويندي آهي. شاعريءَ کي مٿان وري ڪو سريلو ساز ۽ آواز ملي وڃي ته “سون تي سهاڳو” پوءِ شاعري، سيني به سيني، پهچندي، ماڳان مشهور ٿي موٽ ۾ شاعر کي وڏو مان ڏيندي آهي. اهڙو ئي ڀاڳوند شاعر آهي. ذوالفقار سيال- جنهن کي مٿيون سڀ شيون قسمت سان پلئي پيون آهن. هو جديد لکندڙن ۾ سڃاتو وڃي ٿو. پڙهيو لکيو ۽ هڪ سچو، کرو، ڪوڙ کان نفرت، منافق ماڻهن سان اصل ڪانه لڳيس، جيڏو زبان جو کهرو، اوڏو ساٿ نڀائڻ ۾ سچو آهي. هو ٻن سالن لاءِ سنڌي ادبي سنگت مرڪز جو خزانچي ٿيو ۽ اڪثريت جي ووٽ سان چونڊ کٽي آيو، تنهن تي سندس مخالف حيران هئا، پر بدقسمتيءَ سان ٻين عهديدارن جي سهڪار نه هجڻ ڪري هو اڪيلي سر سنگت جو ڪاروبار هلائيندو رهيو. ذوالفقار سيال کي نه رڳو سنڌ ۾ مانائتي موٽ ملي آهي، پر سنڌ کان ٻاهر پڻ. هن تائين سندس شاعري رسائي ڪري چڪي آهي. سندس شاعريءَ جي هڪ جهلڪ جنهن ۾ جدائيءَ جي ڪيفيت خوبصورت لفظن جي چونڊ، تشبيهن جي استعمال سان فني اڻت ڪري، شاعري کي خوبصورتي بخشي ڇڏي آهي.