شخصيتون ۽ خاڪا

ڊاڪٽر ذوالفقار سيال: ادب ۽ شخصيت

ھن ڪتاب ۾ نامياري شاعر، نثرنگار ۽ سرگرم ادبي شخصيت ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي شخصيت تي لکيل مضمون ۽ رايا شامل آھن. سنڌي ادب جي تاريخ جا اهم ڪردار اسان وچ ۾ بيٺل ادب جي روشن ستاري ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي فني لياقتن تي قلم کڻن ٿا، ان کان وڌيڪ مڃتا ڊاڪٽر ذوالفقار سيال لاءِ ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي جو هو نه فقط سنڌ ۽ هند جي ادبي حلقي ۾ پنهنجي ناماچاري رکي ٿو پر ڏيهه توڙي پرڏيهه جي اديبن ۽ سڄاڻ ڌرين ۾ ايترو ئي مقبول آهي، جيترو پنهنجي ٻوليءَ ۾، ان جو اعتراف اردو جي نامياري اديب ۽ ڪالم نويس محمود شام به پنهنجي مضمون ۾ ڪيو آهي. جڏهن ته ڪتاب ۾ شامل سنڌي، اردو ۽ انگلش مضمونن ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي گهڻ رخي شخصيت تي مڪمل طور بحث ٿيل آهي.

  • 4.5/5.0
  • 22
  • 1
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ساجد سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ڊاڪٽر ذوالفقار سيال: ادب ۽ شخصيت

ڀلو دوست سُٺو دشمن: ڊاڪٽر مشتاق ڦل

سنڌي ادبي سنگت جي 2007ع ۾ ملهايل گولڊن جوبليءَ وانگر 2008ع ۽ 2007 وارا ٻه سال منهنجا جيترا مصروف، ڏکيا ۽ Pocket money جو موت، گهر وارن جا مهڻا ۽ مريضن جي ميارن ۾ سهندي گذريا اتي سنگت جي حوالي سان سڄي سنڌ ۾ کوڙا سارا دوست، ساٿي، مٺرا ماڻهو، پيار ڪندڙ ڪارڪن پڻ مليا ۽ ان حوالي سان جڏهن واندڪائيءَ ۾ ويهي سوچيندو آهيان ته انهن گذريل ٻن سالن کي “Sudden years of life” سمجهندو آهيان جن مونکي هڪ اهڙي ساٿيءَ سان ڪم ڪرڻ جو موقعو ڏنو جنهن ۾ اهي سڀ خاصيتون موجود آهن جيڪي هڪ تنظيم ڪار اڳواڻ، ڪارڪن ۽ ڪنهن وڏي اداري يا تنظيم کي هلائيندڙ ليڊر يا Administrator ۾ هجڻ کپن، سچ پچ ۾ سنگت جي مرڪزي چونڊن ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال سان گڏ حصو وٺڻ تائين به مون کي اها خبر نه هئي ته هُو ڪو ايڏو برجستو، ايڏو دلير، ڪم پنهنجي ڪيل واعدن سان وفا ڪرڻ وارو اهڙو سچو ۽ کرو ماڻهو آهي، جيڪي نه خوشامدي آهي، نه ٻه چاپڙو جيڪي دل ۾ سوئي زبان تي، اٽڪي ٻٽڪي ته هن شخص جي ڊائريءَ ۾ ئي ناهي.
ڊاڪٽر سيال جي محبتن ۽ حُجتن ۾ ذري جو به فرق ناهي هوندو، نه ڪنهن کي ڏک ڏيڻ جو سوچيندو آهي نه ئي ڪنهن کي ڏکيو ڏسڻ چاهيندو آهي، ڪاوڙ ۾ جبل جي چوٽيءَ تي، بيٺل ذوالفقار نهٺائي ۽ پيار سان سٽن ۾ هيٺ لهي اوهانجي ڀر ۾ ئي بيٺو هوندو، نوشهروفيروز ۾ هڪ تقريب ۾ يوسف سنڌيءَ واهه جو ڳالهه ڪئي هئي ته “ذوالفقار جيترو ڀلو دوست آهي، اوترو ئي سُٺو دشمن” مون هن کي چڱيءَ طرح پرکيو آهي ته هُو پيار ڪرڻ به ڄاڻي ته دشمني ڪرڻ به ڄاڻي، هُو رشتا جوڙڻ به ڄاڻي ته ناتا ٽوڙڻ به ڄاڻي، ذاتي حوالي سان هُو بظاهر ڏاڍو سخت به آهي ته دل جو نرم به آهي، جيڪا به ڳالهه هُن جي ذهن ۾ اچي وئي يا کيس ڪا شيءَ وڻي وئي ته ان کي ائين پُڄڻ يا ان کي حاصل ڪرڻ ۾ هُو ڪنهن به حد ائين وڃڻ لاءِ تيار ٿي پوندو آهي.
مهمانوازي ته هُن کان ڪير سکي، کيس مون جڏهن به ڪراچيءَ اچڻ جو اطلاع ڪيو ته “راهن ۾ نيڻ وڇائڻ” واري چوڻيءَ وانگر ڪيترائي ڀيرا فون ڪري پڇندو ته ڪاٿي پهتو آهيان، پاڻ جيڪڏهن پنهنجي ڪنهن ڪم ڪار يا آفيس ورڪ سان وڃڻو هوندو ته سندس بورچي در تي بيٺو انتظار ڪندو،کارائڻ پيارڻ جي معاملي ۾ هي سخي ماڻهو بنا تڪليف جي ڪجهه تيار ڪرائڻ بجاءِ جيڪي تيار آهي ته “کائبو ۽ کارائبو” يا وري پنهنجي گهر ڀاتي جيان Choice پيو پڇندو.
ساڻس گڏ سفر ڪرڻ، راتين جو گڏ رهڻ، واسطيدارن جي نيڪي ۽ شڪوه ٻُڌي ڏاڍو لطف ايندو آهي ڇو ته رک رکاءُ ته اصلي ڄڻ هن همراهه سکيو ئي ناهي، هن ئي مهيني “مارئيءَ جي ميلي” جي سلسلي ۾ مٺيءَ ۾ ٿيندڙ “ادبي ڪانفرنس” ۾ شرڪت لاءِ ڪراچيءَ کان مٺيءَ تائين چار، پنج سؤ ڪلوميٽرن جي ڊگهي ڊرائيو دؤران مون کانئس ذاتي زندگيءَ، گهر ۽ زندگي سندس شادي، ٻارڙن يعني اولاد، فيملي اسٽيٽس سندس تعليم ۽ عشق جي باري ۾ کوڙ سارا سوال ڪيا ته محسوس ٿيو ته بنيادي طور هي ٻهراڙيءَ جي ڪنهن سُٺي ۽ خانداني گهراڻي سان تعلق رکندڙ اهڙو شخص آهي جنهن شاگردي واري زماني ۾ پنهنجي ذاتي خواهش ۽ پسند کي پنهنجي والدين جي خواهش کي ترجيح ڏني، اولاد ۽ گهر وارن سان دوستيءَ ۽ پنهنجائپ وارو هن جي گهريلو زندگيءَ جي ڪاميابيءَ جو اهم سبب آهي، ڳالهين ئي ڳالهين ۾ پاڻ ٻڌايو هئائين ته سندن خاندان ۾ اڄ به ادب ۽ احترام واري وڏڙن کي پيرين پئي ملڻ واري ادا کيس ڏاڍي وڻندي آهي.
مختلف دؤرن ۾ مختلف پارٽين جي MPA`s ۽ MNA`s ۽ مختلف کاتن جي سيڪريٽرين سان سندس تعلقات ڏسي مان حيران ٿي ويندو آهيان ته هي واحد سرڪاري ملازم آهي جيڪو سياسي ماڻهن کان ڊڄڻ بجاءِ هنن سان اهڙي Style ۾ ڳالهائيندو آهي ڄڻ هن جي هڪ دوست کانسواءِ ٻي ڪا حيثيت ئي نه هجي.
سنگت جي گذريل ٻن سالن جي Tenure ۾ هن کي سنڌ جي حقن لاءِ ۽ ٻوليءَ جي بچاءُ لاءِ ڇپيل اخباري Cuttings وارو فائيل سنگت طرفان ڪنهن اهم هنڌ تي پڄرائي ڌمڪائڻ ۽ ڊيڄارڻ واري ڳالهه کان پوءِ نوڪريءَ جي پرواهه نه ڪرڻ سنگت ئي پنهنجي ذاتي کيسي مان خرچ ڪرڻ، سرڪاري کاتن سان نه ملڻ، وقت تي دوستن کي سنڀالي هلڻ، وقت تي اجلاس ڪرائڻ، چونڊ عمل دوران آيل ڏکيائين کي اڪيلي سر منهن ڏيڻ واريون سندس ڳالهيون مونکان گهٽ ۾ گهٽ ڪڏهن به وسري نه ٿيون سگهن، سندس دماغ ۾ ڪيترائي ورهيه پراڻيون ڳالهيون ائين ته Save ۽ up Date ٿينديون رهنديون آهن جو مان سمجهان ٿو ته ڪنهن به ماڻهوءَ جي اها مجال ناهي جوڪو ائين ياد ڪري، هي نه صرف هڪ سٺو ڪمپيئر، سٺو شاعر، سٺو ڪالم نويس ۽ سٺو Administrator آهي ،گڏوگڏ کيس راڳ ۽ راڳڻين جي باقاعده ڄاڻ آهي، هن ڪلاسيڪل راڳ جي سکيا استاد فيروز گل کان حاصل ڪئي ۽ مون کي اها خبر پوڻ کان پوءِ حيرانگي ٿي ته ڊاڪٽر ذوالفقار طبلي وڄائڻ جي سکيا مشهور طبلي نواز استاد نذير خان کان حيدرآباد ۾ باقاعدگيءَ سان حاصل ڪئي، اهڙيون کوڙ ساريون ڳالهيون آهن جيڪي هن وڏي قد گوري رنگ ۽ نشيلين اکين واري وڏي ٽهڪ باز، پُرڪشش شخص جي شخصيت کي اڃا به وڌيڪ نکاري نمايان ڪن ٿيون بهرحال سنگت جي ٻن سالن واري عرصي ۾ “گولڊن جوبلي ڪانفرنس جي انعقاد کان وٺي، ويب پيچ جوڙائڻ، ڪل سنڌ مشاعري، ڪرائڻ کان وٺي ٿر مشاعرو، موهن جو دڙو بچايو سيمينار، ٻولي ڪانفرنس سنگت پبليڪيشن جي باقاعده ڇپائي ۽ دوستن سان دوستيون نڀائڻ ۽ دشمنن سان دشمنيون وارين کرين ڳالهين کي وساري ته ڪڏهن به نٿو سگهجي باقي انهن مان ڪجهه حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪبي رهبي، ان دعا سان ته خدا کيس اڃا به وڏي ڄمار ڏئي ته اهو سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ڪندو رهي.