شخصيتون ۽ خاڪا

ڊاڪٽر ذوالفقار سيال: ادب ۽ شخصيت

ھن ڪتاب ۾ نامياري شاعر، نثرنگار ۽ سرگرم ادبي شخصيت ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي شخصيت تي لکيل مضمون ۽ رايا شامل آھن. سنڌي ادب جي تاريخ جا اهم ڪردار اسان وچ ۾ بيٺل ادب جي روشن ستاري ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي فني لياقتن تي قلم کڻن ٿا، ان کان وڌيڪ مڃتا ڊاڪٽر ذوالفقار سيال لاءِ ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي جو هو نه فقط سنڌ ۽ هند جي ادبي حلقي ۾ پنهنجي ناماچاري رکي ٿو پر ڏيهه توڙي پرڏيهه جي اديبن ۽ سڄاڻ ڌرين ۾ ايترو ئي مقبول آهي، جيترو پنهنجي ٻوليءَ ۾، ان جو اعتراف اردو جي نامياري اديب ۽ ڪالم نويس محمود شام به پنهنجي مضمون ۾ ڪيو آهي. جڏهن ته ڪتاب ۾ شامل سنڌي، اردو ۽ انگلش مضمونن ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي گهڻ رخي شخصيت تي مڪمل طور بحث ٿيل آهي.

  • 4.5/5.0
  • 22
  • 1
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ساجد سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ڊاڪٽر ذوالفقار سيال: ادب ۽ شخصيت

ڊاڪٽر سيال جي شخصيت ۽ شاعري: حزب الله آءِ سومرو

سنڌ ۾ وقت بوقت ناميارا ماڻهو پيدا ٿيندا رهيا آهن، ان ۾ ادب ۽ آرٽ سان وابسته شخصيتون به شامل آهن. سنڌ ۾ هر دور ۾ سوين ليکڪ ۽ شاعر پيدا ٿيندا رهيا آهن. جن سنڌي ماڻهوءَ جو مزاج شاعراڻو بڻايو آهي ۽ سنڌ جي عوام جي ڏک درد ۽ حقن جي ڳالهه ڪئي آهي، سنڌ ۾ اهڙن ماڻهن پاڻ مڃائيندڙ ڪردارن ۾ هڪ ڪردار ذوالفقار سيال جو به اڀري آيو آهي، زندگي هونءَ ته هڪ طويل داستان ٿيئي ٿي، پر هتي آئون ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي زندگيءَ جو وچو پيش ڪريان ٿو. ذوالفقار علي ولد محمد خان سيال 28 مئي 1997ع تي فريد آباد ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. ايم بي بي ايس ڪري ڊاڪٽر ٿيو. هن وقت جناح اسپتال ۾ پوليس سرجن آهي. ادب ۾ 1972ع کان آيو. تخلص “ذلف” اٿس، گيت، غزل، بيت، دوها، هائيڪو، آزاد نظم لکيا اٿس. ٻاراڻي شاعريءَ ۾ پاڻ ملهايائين! سندس ٻاراڻي شاعري بابت خادم حسين چانڊئي لکيو آهي ته هن ٻارن لاءِ اڌ درجن کان وڌيڪ ڪتاب لکيا آهن. ٻيو ڪو به اهڙو سنڌي شاعر ڪونهي جنهن ايتري تعداد ۾ ٻارن لاءِ نظم ۽ ڪتاب لکيا هجن. ذوالفقار سيال کي اکر سنڌي ۾ ٻاراڻي شاعريءَ جو سڀ کان وڏو شاعر چئجي ته ان ۾ ڪو وڌاءٌ نه ٿيندو. ذوالفقار سيال جي ٻولي انتهائي سادي ۽ نج آهي. جنهن ڪري هر ٻار سولائيءَ سان سمجهي سگهي ٿو. (مارو جي ملير جا 2003ع ص 257)
سندس ڪتابن ۾ رڻ سڄو رت ڦڙا (1977ع)، مکڙين مالها (1979ع)، ڳاڙها هٿ پيلا چهرا (1981ع)، پنهنجي ديس جا ٻار، (1982ع)، گلڙن جهڙا گيت (1987ع) لفظن جا رانديڪا (1981ع)، اکر اکر سرهاڻ (2002ع)، چهرا چنڊ گلابن جهڙا (2004ع)، بارش کانپوءِ (2007ع)، دعائون (2009ع.
ڊاڪٽر ذوالفقار سيال طبيعتن خوش مزاج آهي هر وقت سندس مک تي مرڪ ترندي رهندي آهي. ڊاڪٽر صاحب نفاست ۽ صفائي پسند آهي. هر ڪم کي سليقي سان ڪرڻ جو قائل آهي. ڊاڪٽر ذوالفقار سيال يارن جو يار آهي. سندس طبيعت ۾ خدا تعاليٰ ڪنجوسائپ نه رکي آهي. ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جمهوري سوچ جو مالڪ آهي. هو ماڻهن جي ذهنن ۽ راندين کي قيد ڪندڙن جي پنجوڙن کي ٽوڙڻ وارن مان آهي.
اخبارن ۾ ڪالم به لکندو رهي ٿو. ادبي صفحو به سنڀالي ٿو. جنهن ذريعي ادب جي ترويج ڪري رهيو آهي. 1996ع ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو مرڪزي خزانچي رهيو. 07-2006ع لاءِ سنڌي ادبي سنگت جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل به چونڊيو ويو. سنگت جي گولڊن جوبلي ملهايائين. سنگت ۾ اصلاحات سان گڏ اديبن جي سهاتا سندس اهم ڪم رهيا، ان کان سواءِ سنگت جو ٻي ماهي رسالو “سنگت” تسلسل شايع ڪرڻ جو روح وڌائين سڀ کان وڏو ڪارنامو اهو رهيس اڳئين لابيءَ سنگت کي ذاتي جاگير بڻايو هو جو ان جو ڪو بئنڪ اڪائونٽ هو نه وري ان جي رجسٽريشن برقرار رهي هئي، سنگت کي مليل پلاٽ به پنهنجي نالي ڪرايو هيائون، ڊاڪٽر صاحب جي انقلابي قدمن ۾ سنگت کي ذاتي جاگير مان ڪڍڻ هو. ان لاءِ هن سنگت جي نالي تي ورتل فنڊن ۾ گهوٻين، سنگت پلاٽ کي ذاتي نالي ڪرائڻ تان پردو هٽايو ۽ سنگت جي رجسٽريشن ڪرائي بئنڪ اڪائونٽ کولايو. اڳ سنگت کي ذاتي فائدن لاءِ ۽ بليڪ ميل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو هو. اها بليڪ ميلنگ هنن سچل ادبي جوبلي پروگرام جي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان ڪرائي وئي ۽ ان جمهوريت روايت کي يوسف سنڌيءَ به برقرار رکيو جو سکر واري 2009ع جي سنڌ ڪائونسل جي اجلاس ۾ تلاوت ڪلام پاڪ ٿي جنهن سان هاڻي مرڪز توڙي شاخن کي تلاوت سان اجلاسن ۽ گڏجاڻين کي شروع ڪرڻ جو جواز ملي ويو آهي.
جڏهن سنڌي ادب تي قبضه گير گروپ منهنجي تنوير يادگار ڪميٽيءَ ۾ خزانڪانفرنس جي بائيڪاٽ ۾ به استعمال ڪئي، ڊاڪٽر صاحب سنگت کي ان بليڪ ميلنگ ۾ استعمال واري رواج کي ختم ڪري ان کانسواءِ اڳين لابي سنڌي ادبي سنگت کان سواءِ باقي ادبي تنظيمن سان سهڪار بجاءِ ٽڪراءٌ پيدا ڪيو هو. سو ڊاڪٽر صاحب اچي ختم ڪرايو ۽ ٻين ادبي تنظيمن خصوصن علم دوست ادبي سنگت ۽ انهن جي اڳواڻن سان تعاون ۽ دوستيءَ وارو رويو اختيار ڪيو. ان لاءِ يوسف سنڌي اڃان اڳتي وڌايو آهي. ان جو واضح مثال آئون آهيان. منهنجو مواد به سنڌي ادبي سنگت جي رسالي “سنگت” ۾ ڇپجي رهيو آهي. جيڪو اڳ شجر ممنوعه هو.
ڊاڪٽر ذوالفقار سيال هڪ جمهوري سوچ جو مالڪ آهي. جڏهن منهنجي لکڻين ۾ اهو مطالبو ٿيندو رهيو هو ته سنڌ جي آباديءَ جي اڪثريت توڙي سنڌي اديبن جي اڪثريت مسلمان آهي ۽ ڪنهن به هندو يا ٻئي ڪنهن غير مسلم اديب پاران مخالف به نه ٿي آهي ته پوءِ جمهوري تقاضا آهي ته سنگت جا اجلاس ۽ گڏجاڻيون تلاوت ڪلام پاڪ سان شروع ٿين ۽ مسلمان جي فوتگيءَ کي ٻه منٽ خاموشيءَ بجاءِ فاتحه خواني ڪرائي وڃي ته منهنجي ان جائز گهر کي مان ڏيندي گولڊن چي ٿيڻ ۽ سچل يادگار ڪميٽيءَ ۾ ميمبر ٿيڻ اعتراض واريو ۽ سچل سان بائيڪاٽ جي اپيل ڪئي (پر افسوس اهڙن سچل دشمن لابيءَ جي حوالي سان سچل چيئر ڪئي وئي آهي) ان لابي رجعت پسنديءَ جو هروڀرو وارو رينگٽ شروع ڪندي سنڌي ادبي سنگت کي استعمال ڪيو ڇو ته ان وقت ان لابيءَ جو سنڌي ادبي سنگت تي 25 ساله قبضو هو. ڊاڪٽر ذوالفقار سيال ان چال کي سمجهيو ته هي همراهه سنڌي ادبي سنگت ذريعي بليڪ ميلنگ جو ڌنڌو ڪري رهيا آهن ته هن پنهنجي ساٿين سميت سچل ادبي ڪانفرنس ۾ شرڪت جو ڀرپور اعلان ڪيو ۽ دنيا ڏٺو بائيڪاٽي ناڪام ٿيا ۽ سچل ادبي ڪانفرنس ڀرپور نموني ٿي ۽ راڳ کان ٻيڻي رهي ۽ هن وقت سنڌي ادب جي ميدان ۾ اها لابي قبضه گير گروپ، سچل دشمن ۽ بائيڪاٽ طور مشهور ٿي چڪي آهي. ان لابيءَ جي غلط روين ۽ حربن سنڌي ادب کي بريءَ طرح متاثر ڪيو آهي. انهن جي روڪٿام ۽ ٽوڙ ۾ اسان سان ڊاڪٽر ذوالفقار سيال ۽ سندس سٿ جو ڀرپور ساٿ رهيو آهي.
ڊاڪٽر ذوالفقار سيال هڪ متحرڪ شخصيت آهي سنڌي ادبي سنگت کي متحرڪ رکيائين. تي اجلاس پروگرام منعقد ڪرڻ ۽ ڊاڪٽر جي مصروفيت جي باوجود پروگرامن ۾ شرڪت هڪ متحرڪ انسان جو ئي ڪم آهي. ڊاڪٽر صاحب نه فقط پاڻ متحرڪ آهي پر ٻين کي به متحرڪ رکڻ جو کيس ڏانءٌ حاصل آهي. جيڪڏهن ايئن نه هجي ها ته مخالف لابي جون شرارتون ۽ منصوبا ڪامياب وڃن ها. ذوالفقار سيال نه فقط ٻاراڻي ادب جي شاعريءَ ۾ پاڻ ملهايو آهي پر پاڻ کي وڏن جي شاعريءَ ۾ پاڻ مڃايوآهي توڙي سنڌي ادب تي قابض لڏو موجود آهي. جيڪو پنهنجن عهدن جو ناجائز استعمال ڪري سٺن ليکڪن ۽ شاعرن کي منظر تان هٽائڻ جا حربا استعمال ڪندا آهن. ڊاڪٽر صاحب جي شاعري ٽماهي مهراڻ ۾ باقاعدگيءَ سان ڇپجندي رهي آهي. ان کان سواءِ سندس شاعريءَ جا ڪتاب ۽ ڳائڻن ذريعي سندس شاعري سنڌي عوام تائين پهچندي رهي آهي. سندس شاعريءَ ۾ رومانيت سان گڏ مزاحمت به آهي. جيڪي ماڻهو ٺلهي رومانيت تي سنڌ جا نمائندا شاعر سڏائيندي ۽ نصاب تي شاعري رکائيندي نٿا ٿڪجن تن کي ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي تقليد ڪرڻ کپي ڇو ته سندن شاعريءَ ۾ ڊاڪٽر صاحب جي شاعريءَ جهڙا رومانيت سان گڏ مزاحمت ۽ عوام جا ڏک درد وارا موضوع ڪونه آهن. اهي آڻڻ گهرجن. ڊاڪٽر صاحب جي شاعريءَ ۾ رومانيت هن طرح جلوه گر آهي.
چاهه پاڳل ڏسو آهي تڙپي پيو
تون نه سمجهي سگهين، مون به ڪجهه نه چيو

اوهان کي اوهان کان کسڻ ٿو مان چاهيان
توسان چاهه اهڙو ڪرڻ ٿو مان چاهيان
پهريون گهوري، اکيون پوري، نيڻن کي ڇلڪائي ٿي
چوٽي گل لهرائي ٿي
تصوير رکان سامهون ان جي
۽ لفظن ۾ پوءِ کيس چِٽيان
ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي شاعريءَ ۾ مزاحمت ۽ قوم جو درد هن طرح سمايل آهي، سندس غزل مان به پيش ڪريان ٿو.
سارا چهرا اڻ پورا هن
هر ڪنهن پنهنجو پاڻ لڪايو
ڪو ڪو ماڻهو ڍونڍ جيئن آ
ڪنهن ڪنهن چهري چنڊ لڪايو
وري ڳوٺ جا ڳوٺ ميسارجي ويا
وري تير نيزي جا بازي لڳي آ
وري ٻار معصوم رستن تي رليا
وري لانڍ لاشن جي ڏاڍي وڏي آ.