مزاحمتي شاعر ڊاڪٽر ذوالفقار سيال: ڪامريد ڪريم بلوچ
او قاتل ڪنهن ڪنهن کي ماريندين،
گڏجي سڀ توکي ماري ايندا سين،
ڪو خواب جياري ايندا سين،
هي سنڌ سنواري ويندا سين
تون ڀاڙيتو۽ ڀاڙيو آهين،
مان توکان ڊڄڻو ناهيان ڙي،
آ چوڌر ٺاٺا گولين جي،
هي رات گذاري ايندا سين.
ضيائي مارشل لا جي ڪاري دؤر ۾ جڏهن ڦاهين ڦٽڪن، ظلم زيادتين، ڏاڍ ۽ جبر جي ڪري پوري ملڪ مٿان ماٺار ڇانيل هئي، تڏهن سنڌ جي ترقي پسند شاعرن پنهنجي قلم کي جنبش ۾ آڻي، ڪيترائي اهڙا گيت ۽ بيت سرجيا هئا، جن گيتن ۽ بيتن عوام کي ستل مَنَ ۾ مانڌاڻ مچائي ڇڏيو هو، انهيءَ وقت ذوالفقار سيال به خاموش نه هو.
پيا ظلم سَهون،
ڪجهه ڪين ڪُڇون،
حڪم ٿيو آ،
ڪوڙو جي لڳي،
ڪين لڇين،
حڪم ٿيو آ،
پيرن ۾
وجهي نوڙ سڄي قوم بيهاريو،
خاموش ٿي سڀ جيءُ
چئون حڪم ٿيو آ،
قانون انڌو اڳ ته هيو،
ٻوڙو به ٿي ويو،
ڇا لاءِ جو نه لفظ پڇون.
حڪم ٿيو آ.
هڪ ٻئي هنڌ ان مارشلائي دور جو نقشو چٽيندي لکي ٿو:
وري ظلم جي انتها ٿي وئي آ،
وري ڪربلا،
ڪَسرَ موڙي اٿي آ،
وري سچ چوڻ تي،
لڳو آهي پهرو،
وري ڪا سسي
سچ واري وڍي آ.
اهڙي ظلم جي ڪاري دور ۾ شاعرن جا غزل ۽ گيت، هٿيارن کان وڌيڪ طاقتور ثابت ٿيا آهن، ڇو ته انهن گيتن ۾ مزاحمت سمايل هوندي آهي، اهڙو مزاحمتي ادب، صاحب اقتدار ۽ ظالم طبقي لاءِ، هر وقت خوفناڪ هوندو آهي ۽ انهن کي سزا جي خوف ۾ مبتلا رکندو آهي، جنهن ڪري ڪيترائي ڀيرا پرمار طبقي جا فرد ڀڄڻ تي پڻ مجبور ٿيندا آهن، ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جا اهڙا ڪيترائي مزاحمتي غزل ۽ گيت آهن جن ۾ مزاحمتي خوشبوءِ سمايل آهي.
گل ورهائڻ واري هٿ ۾، بندوقون لهرايون آهن،
خاموشيءَ وارن چهرن ۾، هاڻ زبانون آيون آهن،
چوڌاري آ گونج سڏن جي، واءُ وکيريا هي پڙاڏا،
انبوهن ۾ ماڻهن ڪٽجي، ريتون سڀ نڀايون آهن.
يا
هي عزم نه ٿيندو، قيد ڪڏهن، زنجيرون ڀل
کڙڪائي ڏِسُ، پَرَ سَچُ وڏي واڪي چئبو، تون سوليءَ تي
لڙڪائي ڏس، ڪنهن ڀتي چوٽيءَ تي بيهي، تو پنهنجو
قَدُ وڏو سمجهين، ڪنهن واچوڙي ۾ ويندين تون، ڀَلِ
زور وڏو ڪو لڳائي ڏِسُ،
کوڙ سارا ترقي پسند شاعر، سوويت يونين جي ٽٽڻ کان پوءِ پاڻ کي ننڌڻڪو ۽ لاوارث سمجهن ٿا، پر اها سندن ڀُل آهي، ڇو ته انسان، اميدن ۽ خواهشن تي ئي جيئي ٿو، ان ڪري اميدن کان آسرو لاهڻ زندگيءَ کان فراريت ۽ مايوسي آهي، شاعر مايا ڪو وسڪي روس جو عظيم انقلابي شاعر هو. جنهن انقلاب کانپوءِ خودڪشي ڪري ڇڏي هئي، ان کانسواءِ “پوشڪن” زولٽن زيلڪ گوئٽي (هر برٽ ريڊ) ۽ بلوچي شاعر، بالاچ خان، مير چاڪر، مير گل خان نصير ۽ ٻيا ڪيترائي اهڙا شاعر هئا جن شخصي ويڳاڻپ ۾ اچي، پاڻ کي مايوسيءَ جو شڪار بڻائي ڇڏيو پر ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي شاعري پڙهڻ کان پوءِ معلوم ٿو ٿئي ته هو زندگي ۽ حالتن کان مايوس ناهي.
“جتي ٻاٽ اوندي سندي رات ايندي، اتان ئي اسان جي شروعات ٿيندي، اُٿيا آهيون ساڙي، سڀئي خواب سهڻا، چوواتن تي گولين جي برسات ٿيندي.”
اسان جي ملڪ جي اها بدقسمتي رهي آهي جو هن ملڪ کي هلائيندڙ ڳجها هَٿَ، اقتداري مسند تي ويهارڻ لاءِ، بار بار چهرا ته بدلائيندا رهندا آهن پر نظام جي بدلائڻ کي هو پنهنجو موت محسوس ڪندا آهن. اهڙي صورتحال جي عڪاسي ڏسو.
قلم قيد آهي۽ سوچن تي پهرو، رهيو دور ساڳيو، مٽيو صرف چهرو، چيو جنهن به سچ آ، سو باغي ٿو سڏجي، آهي ڪات جو ڪنڌ سان، چاهه گهرو، ٿئي ظلم جي انتها آ ۽ مان چُپ، تباهيءَ ۾ خود مون وتو ايئن بهرو،
سونهن ۽ سوڀيا تي لکڻ، شاعرن جي فطرت ۾ سمايل آهي، ڇاڪاڻ جو سمورا شاعر سَچُ ۽ سونهن جا پوڄاري هوندا آهن، ڊاڪٽر ذوالفقار سيال به انهن شاعرن مان هڪ آهي، جيڪي چنڊ جهڙن چهرن ۽ ڌرتيءَ جي حسين منظرن جا ڳولائو هوندا آهن.
‘اکين کي پيالا ۽ هورن کي ٿا شراب لکون، اسان ٿا تنهنجي هر انگ کي گلاب لکو، ڏسون ٿا چنڊ جي چانڊاڻ ۾ تنهنجو جوڀن، اسان ته لهرن کي به ٿا تنهنجو شباب لکون،
پيار جو عنوان هِن، تنهنجون اکيون، نينهن جو نيشان هِن تنهنجون اکيون، محفل سڄي ميڙي ويو هڪ مرڪ سانَ، حُسن جو اعلان هن تنهنجون اکيون.
ڊاڪٽر سيال جي شاعري ۾ حمزا توف جي شاعريءَ جهڙو رنگ به آهي ته محمود درويش جي شاعريءَ جهڙو حُسن ۽ ڪمال به، هِن جي شاعريءَ مان محبت جي سڀني مامرن جي پروڙ پوي ٿي.