شخصيتون ۽ خاڪا

ڊاڪٽر ذوالفقار سيال: ادب ۽ شخصيت

ھن ڪتاب ۾ نامياري شاعر، نثرنگار ۽ سرگرم ادبي شخصيت ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي شخصيت تي لکيل مضمون ۽ رايا شامل آھن. سنڌي ادب جي تاريخ جا اهم ڪردار اسان وچ ۾ بيٺل ادب جي روشن ستاري ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي فني لياقتن تي قلم کڻن ٿا، ان کان وڌيڪ مڃتا ڊاڪٽر ذوالفقار سيال لاءِ ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي جو هو نه فقط سنڌ ۽ هند جي ادبي حلقي ۾ پنهنجي ناماچاري رکي ٿو پر ڏيهه توڙي پرڏيهه جي اديبن ۽ سڄاڻ ڌرين ۾ ايترو ئي مقبول آهي، جيترو پنهنجي ٻوليءَ ۾، ان جو اعتراف اردو جي نامياري اديب ۽ ڪالم نويس محمود شام به پنهنجي مضمون ۾ ڪيو آهي. جڏهن ته ڪتاب ۾ شامل سنڌي، اردو ۽ انگلش مضمونن ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي گهڻ رخي شخصيت تي مڪمل طور بحث ٿيل آهي.

  • 4.5/5.0
  • 22
  • 1
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ساجد سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ڊاڪٽر ذوالفقار سيال: ادب ۽ شخصيت

ڊاڪٽر ذوالفقار هڪ آدرشي انسان

دنيا ۾ هزارن سالن کان انسان پيدا ٿيندا رهيا آهن، انهن مان خاندان ٺهيا، نسل ٺهيا، ذاتيون ۽ قبيلا ٺهيا. هڪٻئي سان رت جا رشتا ٺهيا ۽ دوست به ٺهيا، دوستن جا ٻه قسم ٿين ٿا ۽ بهتر قسم اهو آهي، جنهن ۾ دوستن جي سچائي هجي ۽ سندن ڪردار مثبت هجي. اهڙو ماڻهو دنيا ۾ مانُ به ماڻي ٿو ۽ نيڪ نيتي جو کيس ڦل به ملي ٿو.
ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جو ڪردار به انهن بهترين دوستن ۾ ڪري سگهجي ٿو، جيڪو هڪ باڪردار شخصيت جو مالڪ آهي ۽ جنهن لاءِ اهو سمجهي سگهجي ٿو ته هُو هڪ سچ ۽ حق واري ڳالهه ۽ سوچ رکي سگهي ٿو. الله تعاليٰ هن ۾ ڪيئي خاصيتون رکيون آهن. پڙهيل لکيل شاعر، اديب زميندار، پر جڏهن دوستن سان ويهندو ته اُهي ئي هن جا ٽهڪ، ڀوڳ ۽ ڪچهريون هونديون، اهو ئي سبب آهي جو ڊاڪٽر ذوالفقار اسان جو فيملي فرينڊ آهي.
ادا قمر شهباز جي ڏاڍو ويجهو هو، هو به هڪ مزاحمتي ۽ انقلابي شاعر هو. هن جي شاعريءَ ۾ سنڌ جا سُور ۽ آمرن جون ڏاڍايون جهلڪنديون آهن ۽ اهڙن انقلابي ماڻهن وانگر هڪ دفعي هن مٿان ڪجهه تهمتون هڻي گرفتار ڪري کيس CIA سينٽر ۾ واڙيو ويو. هن جو باءِ پاس ٿيل هو. منهنجي ڀيڻ ارشاد قمر سخت احتجاج ڪيو. CIA وارن هن کي (ادا قمر) کي سينٽر جيل موڪلڻ جو حڪم ڪيو. اسان لاءِ اُهي ڏينهن هڪ عذاب شر هئا، جيل جو سوچي سڀني جو ساهه پيو سُڪي. آخر هن کي جيل آندو ويو. اتفاق سان اُن جيل جي اسپتال جو ڊاڪٽر سيال صاحب هو، ڪجهه ته کيس خبر هئي هن ادا قمر جو چيڪ اپ ڪري کيس جيل اسپتال ۾ رهڻ جو آرڊر ڪڍيو، اها اسان لاءِ خُوش قسمتي هئي. ادي ارشاد کي جڏهن اها خبر پئي ته هوءَ ايتري پرسڪون ٿي، ائين جو ٻه دفعا ڏينهن سمهي رهي. ڊاڪٽر ذوالفقار هڪ بهترين انسان سان گڏ هڪ بهترين اديب به آهي، جنهن ڪهاڻين، شخصيات ۽ ٻاراڻي ادب سان گڏ ادب جي ڪيترين ئي صنفن تي روشني وڌي آهي. هُو هڪ اعليٰ شاعر به آهي. ڊاڪٽر سيال هڪ جاکوڙيندڙ شخص آهي، جيڪو پنهنجي سرڪاري نوڪري، زمينداري، سوشل تعلق، دوستن ۽ لکڻين کي ايترو وقت ٿو ڏئي، جنهن لاءِ ڪيترين زندگين جي ضرورت ٿي پوي، يعني هُو هر ڳالهه کي ايترو ٽائيم ڏئي ٿو جو هن جي هر ڪم ۾ ڪا گهٽتائي نظر نٿي اچي. سندن شايع ٿيندڙ ڪتاب “آئينا ۽ عڪس”، “ڳاڙها هٿ ــ پيلا چهرا”، “ماڻهو اُجرا رستا ميرا”، “چهرا چنڊ گلابن جهڙا” بهترين لکيل آهن. ڪتابن جا عنوان پڙهي سمجهي سگهجي ٿو ته هن کي اندر ڪيتريون ڀوڳنائون هونديون، جنهن سبب هن جي ڪنهن به لکيل ڪتاب کي اڌ ۾ نٿو ڇڏيو وڃي. ڊاڪٽر سيال کي زندگي ۽ ماڻهن جو وڏو تجربو هوندو.س رڪاري نوڪرين ۾ اڪثر مختلف شهرن ۾ بدليون ٿين ٿيون ۽ مختلف ماڻهن جي رسم و رواج جي خبر پوي ٿي. ڊاڪٽري پيشي هئڻ سبب بيمار، غريب ۽ بي پهچ ماڻهو ۽ اُنهن جي نفسيات جي ڄاڻ اديب کي حاصل ٿئي ٿي. يقينن ڊاڪٽر سيال جي زندگي ۾ اهڙا ماڻهو ۽ حالات آيا هوندا، جن تي هن قدم کنيو هوندو.
ڊاڪٽر ذوالفقار مستقبل جي معمارن، يعني ٻارن جي ادب تي جيڪو قلم کنيو آهي، اهو بي مثال آهي، جيستائين منهنجو اندازو آهي ته ايترو ٻاراڻو ادب هند ۽ سنڌ ۾ ڊاڪٽر سيال کانسواءِ ڪنهن به نه لکيو آهي، جن ۾ “ننڍڙا فرشتا ــ پياريون پريون”، “اکر اکر سرهاڻ”، “دعائون لفظن جا رانديڪا”، “گل ۽ مکڙيون” وغيره شامل آهن. هڪ اديب ۽ شاعر جي دل ۾ پنهنجي وطن پنهنجي ماڻهن سان محبت هوندي آهي. هُو هنن جي تڪليف ڏک، ناانصافين ۽ ناڪامين تي ڏکائجي ويندو آهي ۽ قلم ۾ لکڻ ذريعي هنن ۾ اُتساهه آڻڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندو آهي. شاهه سائين فرمائي ٿو:
ستا اُٿي جاڳ
۽ جڏهن سنڌ سُورن ۾ وڪوڙجي وڃي ٿي ته اياز رڙ ٿو ڪري:
جاڳ ڀٽائي گهوٽ توکي سنڌڙي ٿي سڏڙا ڪري
سو هر شاعر ۽ اديب ۾ شاهه ۽ اياز ويٺل آهن. ٻاراڻو ادب لکڻ ڪو مذاق ناهي. اڄوڪو دور جنهن ۾ ٻار سنڌي لفظ نٿو سمجهي، پر جڏهن هن کي اهو لفظ انگريزيءَ ۾ ٻُڌائجي ٿو ته پوءِ هو سمجهي سگهي ٿو. ڊاڪٽر صاحب جي اندر ۾ ٻارن ۽ پنهنجي ٻوليءَ سان محبت ۽ اُنهن ۾ سوچ ۽ لوچ جو جذبو پيدا ڪرڻ لاءِ ٻارن جو هاڻي ادب مهيا ڪيو آهي، جيڪو ٻارن ۾ پنهنجي ٻوليءَ لاءِ احساس پيدا ڪري سگهي ٿو.
ڊاڪٽر ذوالفقار پنهنجي خداداد صلاحيتن سبب ادب جي هر صنف ۾ ڏانءُ ۽ بهتر طريقو اختيار ڪيو آهي. بنيادي طرح هو صابرين شخص آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو زندگي جي هڪ ڏينهن، يعني چويهين ڪلاڪن کي هن اهڙي طريقي سان ورهايو آهي، جنهن ۾ سوچ به آهي. لکڻ به آهي دوستن ۽ فيملي کي ٽائيم به ڏيڻو آهي. سندس ڪهاڻين کي ڏسجي يا شاعريءَ کي يا شخصيات تي سندس هر لکڻي پنهنجي جاءِ تي اهم آهي. ٻاراڻي ادب ڊاڪٽر تي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن. الله تعاليٰ کيس صحت واري وڏي زندگي عطا ڪري ۽ سنڌ توڙي هند سندس لکڻين ۽ صحبت ۾ مستفيد ٿيندا رهن.

ڊاڪٽر ممتاز ڀٽو