هڪڙُو ماڻهو آ موتيءَ داڻو آ
پيار جو عنوان هن تنهنجون اکيون،
نينهن جو نشان هن تنهنجون اکيون.
ذوالفقار سيال، “ساغر” چوان درد جي دولت کي عام ڪرڻ جو ڏوهه ڪندڙ آهي. ان ڪري ئي فقهاءِ شهر-مٿائنس ڦوڪيا وتندا آهن. پر هي سُر به ورهائي ڄاڻي ته خوشيون به ونڊي ڄاڻي. ناسورن جي وڍ ڪٽ به ڪري ته ڦٽن تي پها به رکي چهنڊڙيون پائيندڙ آهي. پر ٿڌڙا ڪڍي ٺاريندڙ به آهي.
اصل ته وڏيرو آهي ۽ وري ڊاڪٽر به. جن جون دليون ڪَرانڍيون ٿين. جيڪي جذبن ۽ جذبات جي ٻوليءَ کي سمجهڻ ته پري رهيو ان کي ڪڻس ڏيئي لنگهنديون ئي ناهن. پر هيءَ جوان انهن ٻنهي ڪوڙين خصلتن هوندي به ڪُهلندڙ دل رکندڙ آهي ۽ پيو وڙَ ڪري. وڏيرا ۽ ڊاڪٽر آفاقي ڳالهيون ڪونه ڪندا آهن ۽ نه وري ڪهن جي دلڙين ۾ ليئو پائيندا آهن. جيتوڻيڪ نه کوڙو ٿو لڳي نه ويسهه ٿو اچي ته وڏيرو يا ڊاڪٽر ايئن ڪيئن درد وندي دل رکندو هوندو، پر ايئن آهي. هيءٌ جذبن ۾ جذبات جو تاجر آهي.
سندس شعر لاءِ بخوبي اهو چئي سگهجي ٿو ته اونهو ۽ عميق آهي. هيءٌ ڇاڇر ۾ ڇيرون ڪندڙ ڪونهي. سندس اکيون کڏاڪرون پڇندڙ آهن. شعر چوڻ لاءِ نه وقت جو محتاج آهي ۽ نه پين پني جو. جيئن نار جون لوٽيون ڦرنديون اينديون آهن ۽ نيسر ۾ پاڻي اوتينديون رهنديون آهن. تيئن هن جو نار به کڙندو رهندو آهي ۽ شعر اوتيندو رهندو آهي. پاڻيءَ وانگي هميشه نئون، ڪوئي ورجاءٌ ڪونه. جيڪو سندس وسيع مطالعي، ساندهه مشاهدي ۽ پڪي ڏِٺِ جي شاهدي ڏئي ٿو. باقي ذاتي طور ڊاڪٽر ذوالفقار سيال کلڻو ماڻهو آهي. هي محبت وارو ماڻهو آهي. معتبر ماڻهو آهي. ان جي شاهدي مان ڏيان ٿو. پر مان اڃان به چوان ٿو ته ڏاڍو چڱو ماڻهو آهي ۽ مڙس ماڻهو آهي. هن ٻارن لاءِ به لکيو آهي ۽ وڏو جهاد ڪيو آهي.
اختر جانوري
(“چهرا چنڊ گلابن جهڙا”، 2003ع)