شخصيتون ۽ خاڪا

ڊاڪٽر ذوالفقار سيال: ادب ۽ شخصيت

ھن ڪتاب ۾ نامياري شاعر، نثرنگار ۽ سرگرم ادبي شخصيت ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي شخصيت تي لکيل مضمون ۽ رايا شامل آھن. سنڌي ادب جي تاريخ جا اهم ڪردار اسان وچ ۾ بيٺل ادب جي روشن ستاري ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي فني لياقتن تي قلم کڻن ٿا، ان کان وڌيڪ مڃتا ڊاڪٽر ذوالفقار سيال لاءِ ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي جو هو نه فقط سنڌ ۽ هند جي ادبي حلقي ۾ پنهنجي ناماچاري رکي ٿو پر ڏيهه توڙي پرڏيهه جي اديبن ۽ سڄاڻ ڌرين ۾ ايترو ئي مقبول آهي، جيترو پنهنجي ٻوليءَ ۾، ان جو اعتراف اردو جي نامياري اديب ۽ ڪالم نويس محمود شام به پنهنجي مضمون ۾ ڪيو آهي. جڏهن ته ڪتاب ۾ شامل سنڌي، اردو ۽ انگلش مضمونن ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي گهڻ رخي شخصيت تي مڪمل طور بحث ٿيل آهي.

  • 4.5/5.0
  • 22
  • 1
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ساجد سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ڊاڪٽر ذوالفقار سيال: ادب ۽ شخصيت

سڏ پڙاڏو : نياز همايوني

زندگيءَ جي هر دور ۾ سچ جي ساک قائم رکڻ لاءِ جن ذريعن جي ضرورت محسوس ڪئي وڃي ٿي تن مان هڪ شاعري جي ڏات به آهي، جيڪا سقراط کان وٺي منصور ۽ مخدوم بلاول تائين صدين جا فاصلا سچ جي صدا سان ڳنڍيندي اچي ٿي. اهو سچ هر دفعي زهر جو پيالو پيئي ٿو، هر ڀيري سوريءَ چڙهي ٿو ۽ هر بار گهاڻي ۾ پيڙجي ٿو، تڏهن به سدا حيات آهي. سقراط مرڻ کان اڳ پنهنجي شاگرد کي چوي ٿو:
آقربطون!
مان مڃان ٿو ڌرتيءَ تي
جيون سڀ کي پيارو آهي
جنهن ۾ ــ
سونهن ۽ سچ جا سهسين
لال گلابي رنگ ڀريل آهن
تون سمجهين ٿو
شايد مون کي
پنهنجو جيون پيارو ناهي
اوهان سڀني جي جيوت کان
(جيترو هرڪو چاهي ٿو)
ڏاڍو پيارو آهي پَڳلا!
انهيءَ لاءِ ئي ته مان پلپل
ايڏي پيڙا ڀوڳيان ويٺو
تڙپي، سوچيان لوچيان ويٺو

مان ڄاڻان ۽ ڏسان پيو
اوهان سڀني جي جيون مان
سچ جو رنگ مٽايو وڃي ٿو
۽ ان جي پَاڙ اُکوڙي
ڌرتيءَ تان ان جي وجود کي
گم ڪرڻ جا سانباها پيا ٿين.

مان نٿو چاهيان ته
اوهان ۽ هي سمورا ماڻهو
اَنڌا، مَنڊا ۽ ٽِنڊا بڻجي
ٻين جي آڏو هٿ ڊگهيڙي
(پڪ ڄاڻ ته اِن کان موت ڀلو آهي).

ان ڪري ئي هن جيون ۾
پنهنجي ريٽي ۽ سرخ
رت جو ريج ڏيان ٿو، جيئن
هڪڙو رنگ سلامت رهي

ان ڪري ئي مان مُرڪي
وِهه جو پيالو وات ۾ اُوتي
سارو زهر پيئڻ ٿو چاهيان
سچ جي ساک رکڻ ٿو چاهيان

ڪوڙ جي مُنهن ۾ ڌوڙ وِجهان ٿو
ڪوڙ جي مُنهن ۾..!!
ذوالفقار جي شاعري هر انسان دوست شاعر جي شاعريءَ جيان انهي سڏ جو پڙاڏو آهي جنهن ۾ وِک وِک تي سچ جون صدائون ٻڌڻ ۾ پيو ن اَچن، هيءَ شاعري ظاهر ۾ ته مختصر پئي لڳي پر هن ۾ لفظن کي جيڪي اڪيچار معنائون ڏنيون ويون آهن تن، هن کي جامع حيثيت بخشي ڇڏي آهي:
ماڻهون گهرڙن ۾ ائين لڪيا هن،
شهر قبرن جيان نظر آيو.
هن دور جو هي ڇا ڇا نه ٿي ويو آ
سڀ ڪجهه ته ٿي ويو پر انسان ٿيو نه آ
زهر ڀريو ڪنهن آهه هوا ۾
ماڻهو پنڊ پهڻ ٿيا ڇو؟
ماٺ ڳهي وَئي ماڻهو ڪهڙا
شور ڪرڻ تي دل ٿي چاهي
وقت جي وير ۾ حالتن جي هٿان
روز ويٺا ٺهون، روز ويٺا ڊهون
ڏاهپ جو انعام اَنوکو
پٿرن جو وسڪارو آهي
جيڪو سچ جي ڳالهه ڪري ٿو
تنهن جي ڪنڌ تي ڪات وَهي ٿو
ڪاري را جو پهر آ پويون،
سورج هاڻي ڪَر کڻي ٿو
ڪالهه منهنجي زبان وڍي ٿي وئي
اڄ به منهنجي چپن تي تالو آ.
دل وارن کي هن دنيا ۾ مليو آ ڪجهه اهڙو....
ڪي جسم سڄا پرزا پرزا، ڪنهن ڇاتيءَ سؤ سؤ آ گولي
اَنڌن، ٻوڙن، گونگن آڏو
سونهن جي ڪائي قيمت ناهي
ڪومل ڦول ٽِڙائڻ خاطر،
رت وهائي ويٺا آهيون
رهي فطرت اَڃا ساڳي، رڳو چهرائي مٽجن ٿا
اسان پار اَڃا منزل جي راهن ۾ ئي ڦٽجن ٿا
صدين کان اهو سلسلو هلندو ئي اچي ٿو
هر دور جو سوريءَ تي آ منصور دوستو!
روشنين کي جيڪا وڃي ٿي ڳڙڪائي
ڏيهه ۾ تو وري رات سائي ڪئي
هن واري هي بهارون آيون صليب ٺاهي
جلاد ڀي ته نئين، روپ ۾ اَچي ويو آ
منهنجي خيال ۾ هن مختصر شاعري لاءِ هيتريون گواهيون هن جي جامع حيثيت ثابت ڪرڻ در حق ڪافي سمجهيون وينديون. هتي پيش ڪيل هر شعر جي هر هڪ سِٽ مان ڪيئي معنائون ذهن ۾ اُڀري اچن ٿيون، پڇاڙيءَ ۾ هن مختصر ڪتاب جي نظم ڏجي ٿي، جنهن ۾ اشرف المخلوقات جي عنوان هيٺ عظيم ترين سچ دهرايو ويو آهي:
دنيا جي سارن درندن
انسان کي ايترو
نقصان نه ڏنو آهي
جيڏو هن ڌرتيءَ تي
ماڻهو، ماڻهو کي
ڪنهن نه ڪنهن بهاني ڏنو آهي.