دنيا جي خوبصورت تخليق: الطاف شيخ
وليڪا ۽ سهگل جي ٻار کان وٺي، هڪ پورهيت جي گِگر، ٻار تائين اک جي مشاهدي جي ڪئنواس جي ٻاهرين گول ليڪ هڪ جيتري کُلندي آهي، هڪ جپاني، جرمن يا روسي ٻار ۽ اسان جي ٻار ۾ فرق اهو ملندو ته هنن وٽ سندن ٻار گل جي پنکڙين ۽ ريشم جي پهيءَ کان به وڌيڪ ڪنئرو، نرم ۽ نازڪ آهي پر اسان وٽ اسان جو ٻار پيرن ۾ ٿڏجندڙ کينهڙو آهي- اسان جي اڌرنگي ورتل سماج ۽ سماجي ادارن تي اسان جي معصوم ٻارڙن جي ايترو ته قرض چڙهيل آهي جو شل اسان پنهنجي ٺيڪيداريءَ مان اهو قرض لاهي سگهون. تڏهن ته ٻاراڻي ادب ۾ اسان کان ٻاهرين دنيا-روس، جپان، فرانس ۽ چين وغيره گوءِ کڻي ويا آهن، اها هڪ مڃيل حقيقت آهي ته جنهن به قوم يا ملڪ جي ادب ۽ ثقافت ۾ ٻاراڻي ادب جو تناسب جيترو وڌيڪ هوندو آهي اوترو ئي اُها قوم يا ملڪ پنهنجي ادب ۽ ثقافت ۾ مالامال هوندو آهي.
اسان ڏٺو آهي ته اسان وٽ ننڍڙن ٻارڙن جي صحتمند پالنا، سندن تعليم، معاشري ۾ کين ڪا مان ڀري حيثيت ڏيارڻ لاءِ ڪڏهن نه ته ڪو ٺهراءُ پاس ڪيو ويو آهي ۽ نه وري ڪو سيمينار ڪوٺايو ويو آهي. سنڌ ۾ ٻاراڻي دنيا کي خوبصورت بڻائيندڙ شخصيتن ۽ ادارن تي نظر ڪبي ته فقط شاعر ئي ملندا جن ٻاراڻي جيون جي مورتيءَ جي مکڙي تي ويهي چٽ چٽيا آهن. سندن اونداهي دنيا ۾ ادب ۽ شهر جا بلب ۽ بتيون جلايون آهن. جن ۾ ذوالفقار سيال جو نالو به شامل ۽ مٿڀرو آهي.
ذوالفقار سيال پيشي جي لحاظ کان ڊاڪٽر آهي، سندس هن کان اڳ به ٻه ڪتاب ‘مکڙين مالها،’ ‘منهنجي ديس جا ٻار’ ۽ هڪ ترجمو: ’گيت کيڏوڻا’ ٻارڙن لاءِ ڇپيل آهن، جيڪي پڻ شاعري تي آهن. سندس هن مجموعي جا شعر پڙهي پڪ اٿم ته وڏن کي به پنهنجو ننڍ پڻ ياد اچي ويندو.
(“گلن جهڙا گيت”، چانڊوڪي پبليڪيشن لاڙڪاڻو، 1986ع)