شخصيتون ۽ خاڪا

ڊاڪٽر ذوالفقار سيال: ادب ۽ شخصيت

ھن ڪتاب ۾ نامياري شاعر، نثرنگار ۽ سرگرم ادبي شخصيت ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي شخصيت تي لکيل مضمون ۽ رايا شامل آھن. سنڌي ادب جي تاريخ جا اهم ڪردار اسان وچ ۾ بيٺل ادب جي روشن ستاري ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي فني لياقتن تي قلم کڻن ٿا، ان کان وڌيڪ مڃتا ڊاڪٽر ذوالفقار سيال لاءِ ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي جو هو نه فقط سنڌ ۽ هند جي ادبي حلقي ۾ پنهنجي ناماچاري رکي ٿو پر ڏيهه توڙي پرڏيهه جي اديبن ۽ سڄاڻ ڌرين ۾ ايترو ئي مقبول آهي، جيترو پنهنجي ٻوليءَ ۾، ان جو اعتراف اردو جي نامياري اديب ۽ ڪالم نويس محمود شام به پنهنجي مضمون ۾ ڪيو آهي. جڏهن ته ڪتاب ۾ شامل سنڌي، اردو ۽ انگلش مضمونن ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي گهڻ رخي شخصيت تي مڪمل طور بحث ٿيل آهي.

  • 4.5/5.0
  • 22
  • 1
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ساجد سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ڊاڪٽر ذوالفقار سيال: ادب ۽ شخصيت

قداور، سهڻو، سريلو “ٻارن جو پيارو شاعر”: سرمد چانڊيو

ٻاروتڻ واري ڄمار ۾ هڪ پاڪيزه ڄمار آهي، ٻار جو هر عمل گلاب ۽ رابيل جي گلن جهڙو خوشگوار، هر دل عزيز هوندو آهي. دنيا ۾ سڄي زندگي ٻاروتڻ ۾ گذارڻ وارا شاعر ۽ مصور آهن، جن جي سڄي ڄمار لفظن ۽ رنگن سان راند روند ڪندي گذرندي آهي. اهو ضروري ناهي ته اوهين منهنجي راءِ سان سهمت هجو! شاعر ۽ مصور جي محبت پاڪيزا هوندي آهي. اها محبت وطن ۽ ڌرتيءَ سان هجي، مهاڪاتي منظرن سان هجي يا پنهنجي محبوب ۽ محبوبسان هجي، خير هيءَ منهنجي ذاتي راءِ آهي.
اڄ هتي آءُ، اهڙي ئي هڪ شاعر دوست جي ڪوتا ڪتاب“دعائن” جو ذڪر ڪندس، اهو پيارو دوست آهي ڊاڪٽر ذوالفقار سيال صاحب، جنهن هڪ وڏي گهراڻي م رهندي به پنهنجي پاڪيزه ٻاروتڻ سان لامتناهي محبت ڪئي آهي. 1984ع کان وٺي سنڌي ادبي سنگت جي حوالي سان گڏ رهيا آهيون. علم ادب جي دنيا ۾ به ساٿي آهيون. هو به هڪ رِيس جي ڳالهه اها آهي، ته ٻاراڻي ادب ۾ آءٌ، ڊاڪٽر ذوالفقار سيال کان گهڻو تڻو پوئتي آهيان. آءٌ پنهنجي راءِ ۾ هيءَ وضاحت شامل ڪندي فخر ٿو محسوس ڪريان ته ڊاڪٽر ذوالفقار (ذلف سيال) سنڌ جي سرزمين تي ٻيو ڪشن چند بيوس آهي. ڊاڪٽر صاحب جو ڪتاب “دعائون” ٻاراڻي ادب جو شاهڪار آهي. هونئن ته اسين شاعر ۽ مصور سڀ ٻار آهيون. ڪاسٽ يا منظر ذهن ۾ آيو، ته پوءِ دنيا جهان جا ڪم ڇڏي پنهنجي راند رچائيندي آهيون. ڪير ڇا ٿو چوي؟ ڇا ٿ سمجهي؟ انهن سڀني راين کان لاپرواهه ٿي، پنهنجي راند ۾ ريجهي ويندا آهيون، اهو ئي سبب آهي جو دنيا جا سڀئي حساس ماڻهو اسان سان محبت ڪندا آهن. هن ڪتاب جي 35 صفحي وارو نظم “ٻوليون” هڪ شاهڪار نظم آهي:
ٽاريءَ تي ويٺي آجهرڪي،
۽ ڪري ٿي، چُون چُون چُون،
گل تي ڀؤنرو ڦيرا پائي،
۽ ڪري ٿو، ڀُون ڀُون ڀُون.
تِڏِڙي ڪائي شور مچائي،
۽ ڪري ٿي، ٽُون ٽُون ٽُون.
ٻارن هارن آهي وڄايو،
جو ته ڪري ٿو، پُون پُون پُون.
ننڍڙيءَ آهي ضد ڪيو ڪو،
وڏڙن چيو، هُون هُون هُون.
ٻاراڻي آوازن جي عالم ۾ هن قافين وارا آواز شاهڪار آوازن جو درجو رکن ٿا. هي سمورا قافيا موسيقيءَ جي سُرن تي آڌاريل آهن. انهن سُرن کي ٻول ڏيئي، هڪ موسيقار وارو ڪم ڪيو آهي. ڊاڪٽر ذوالفقار سيال، سُرن ۽ ٽهڪن کي قلم بند ڪرڻ، ڪيڏو ڏکيو ڪم آهي؟ ان تي ڳالهائڻ لاءِ ڪهن وڏي موسيقار جي ضرورت آهي.
سنڌ جي مهان موسيقار شاهه سائين جن هن سُرَ کي ڇيڙ جو سُر ڪوٺيو آهي، جيڪو هڪ ننڍڙي نينگريءَ جو آواز سُرُ آهي. ڪلاسيڪل راڳ ويراڳ ۾ ڇيڙ جي سُرَ جا ٽي روپ آهن. ڏيم ڇيڙ، پوري ڇيڙ ۽ کيڙاڳ ڇيڙ. انهن ٽن سُرن کي بنيادن بنائي ڇيڙ گرام جو بنياد رکيو. سنڌي راڳ ويراڳ ۾ چنچل ۾ من چل سُرن جو پنهنجو پنهنجو مقام ۽ گرام آهي.
هن ڪتاب جي صفحي نمبر-17 تي جيڪو نظم آهي، اهو هڪ پوتر رشتي جو نظم آهي. طبقاتي سماج ۾ رَتُ جي رشتن جي جيڪا لتاڙ ٿئي ٿي، هي نظم لتاڙ ۽ هٻڇ جي منهن تي ابتي چماٽ آهي:
منهنجي ننڍڙي ادي!
منهنجي پياري ادي!
روپ تنهنجو حسين،
ٻول تنهنجا مِٺا!
تون جي ڳالهائين ٿي،
لفظ ڏاڍا سٺا!
دل کي موهي ويا،
پيار پوئي ويا!
آءُ ڳالهاءِ تون،
مهڪ وکراءِ تون!
منهنجي ننڍڙي ادبي!
منهنجي پياري ادي!
شال آباد رهه!
۽ سدا شاد رهه!
ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي ٻاراڻي ڪوتا لب، لهجي ۽ اتساهه جو انوکو نمونو آهي، جنهن ۾ ٻالڪپڻو، پوترتا ۽ ڏاهپ گڏ گڏ هلندي نظر اچن ٿا، ٻالڪپڻو پنهنجي ڪوملتا سان مرڪندي ۽ مهڪندي نظر اچي ٿو، پوترتا ۽ پاڪيزگي گلن جي مهڪ کان وڌيڪ ڀاسجي ٿي ۽ ڏاهپ ۾ حساس پڻو، جوت، جذبو شامل آهن.
ڪتاب جي صفحي نمبر-40 تي سنڌ جي “شهيد راڻي محترمه ڀيڻ بينظير” جيڪو آهي اهو ٻاراڻي اوستا جي نونهالپڻي کان ٿورو مٿڀرو ۽ سمجهو اوستا وارن ٻارن لا؟ءِ هڪ تاريخي نظم آهي.
آهي بهادر،
ڌرتيءَ نياڻي!
منهني سنڌ جي،
سورهيه نياڻي!
هر ڪنهن هر هنڌ،
هوءَ پُڳي آ،
ڪنهن کان به هوءَ،
ڪين ڊڳي آ!
همت هشمت،
ساڻ هلي آ.
ساري دنيا
کان ته ڀلي آ،
آهي ٿڌڙي،
ڄڻ ڪا هير.
سنڌ جي سڃاڻپ،
آهي تقدير!
جيئي جيئي بينظير!
جيئي جيئي بينظير!
ڊاڪٽر صاحب تاريخ، وندر ۽ ورونهن جو هڪ بيباڪ شاعر آهي. برصغير جي پوري فلاساي تي دسترس رکندي، هن اهي نظم تخليق ڪيا اهن، جن جو انڪار نه ٿو ڪري سگهجي، پاڪستان جي چئني صوبن لاءِ وٽس احترام ۽ اتساهه آهي. هن ڪتاب جو آخر نظم بين الاقوامي فلسفي تي آڌاريل اهي، جنهن ۾ جمهوريت جي جوت به آهي ته پريت جو پيغام به آهي.