شخصيتون ۽ خاڪا

ڊاڪٽر ذوالفقار سيال: ادب ۽ شخصيت

ھن ڪتاب ۾ نامياري شاعر، نثرنگار ۽ سرگرم ادبي شخصيت ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي شخصيت تي لکيل مضمون ۽ رايا شامل آھن. سنڌي ادب جي تاريخ جا اهم ڪردار اسان وچ ۾ بيٺل ادب جي روشن ستاري ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي فني لياقتن تي قلم کڻن ٿا، ان کان وڌيڪ مڃتا ڊاڪٽر ذوالفقار سيال لاءِ ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي جو هو نه فقط سنڌ ۽ هند جي ادبي حلقي ۾ پنهنجي ناماچاري رکي ٿو پر ڏيهه توڙي پرڏيهه جي اديبن ۽ سڄاڻ ڌرين ۾ ايترو ئي مقبول آهي، جيترو پنهنجي ٻوليءَ ۾، ان جو اعتراف اردو جي نامياري اديب ۽ ڪالم نويس محمود شام به پنهنجي مضمون ۾ ڪيو آهي. جڏهن ته ڪتاب ۾ شامل سنڌي، اردو ۽ انگلش مضمونن ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي گهڻ رخي شخصيت تي مڪمل طور بحث ٿيل آهي.

  • 4.5/5.0
  • 22
  • 1
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ساجد سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ڊاڪٽر ذوالفقار سيال: ادب ۽ شخصيت

لفظن جا رانديڪا

دوستو! آئون ذوالفقار سيال جي مانَ ۾ ڪو مرثيو لکي ڪونه آئي آهيان، نه ڪوئي سندس چاهت ۾ ڪو ادبي چٺو يا ڪچو چٺو لکي آئي آهيان. مُنهنجا اڳوڻا دفتر سڀ ڪتا کڻي ويا آهن. مُنهنجو اُهو مطلب هرگز ڪونهي ته اڄڪلهه ميونسپالٽيءَ جا هڙئي ڪتا به اديب ٿي ويا آهن، منهنجي دفترن اُنهن کي ادب سيکاري ڇڏيو آهي.
نه دوستو! ڪتن کي ادب سيکارڻ اعليٰ انسانن جو ڪم آهي... آئون ته ادنيٰ ماڻهو، بلڪه هاڻي ته اڌ ماڻهو وڃي رهي آهيان جو نظر بنهه گهٽجي وئي اٿم ۽ ڪنهن کي نظر هڻڻ جوڳي به نه رهي آهيان. پنهنجي شناختي ڪارڊ تي رڳو پنهنجو کٻو آڱوٺو ڏسي سگهندي آهيان، پوءِ به الاءِ ڇو بي خبر چون ٿا ته هن سماج ۾ عورت کي اهميت ڪانهي. اڙي ڀائي! جتي عورت جو آڱوٺو ئي وزن دار آهي ته پوءِ سڄي ساري عورت ڀانيو ٿا ته ڪيتري نه اهم ۽ ڀرپور هوندي! ڪو وقت هو جو ان آڱوٺي جي زور تي ويزا وٺي سڄي سنڌ ته ڇا هند به گهمي آئي هيس. دوستو! پوءِ به اڄ جي ماحول ۾ هر سنڌي عورت جي شناختي ڪارڊ تي، ڀل هوءَ ڊاڪٽر هجي يا پروفيسر هجي، فوٽوءَ جي جاءِ تي اُهو ضرور لکيل هوندو “پرده نشين” ۽ صحي جي جاءِ تي نشان کٻو آڱوٺو مسمات فلاڻي يا فلاڻي... اُن آڱوٺي جي ذڪر فڪر ۽ اهميت تي پاڻ روشني پوءِ وجهنداسين.
دوستو! ذوالفقار پنهنجو ڪتاب مون کي پنهنجي گهر ۾ نه، بلڪه مهينو کن اڳ سول اسپتال جي دل واري وارڊ ۾ اُن وقت ڏنو، جڏهن مون کي هارٽ جو اٽيڪ ٿيل هو... اُتي اسپتال ۾ مون کي خبر پئي هئي ته ڪي انسان مون پارا اهڙا ٿيندا آهن، جن کي اٽيڪ کلم کلا پوري درد سان پوندا آهن ۽ ڪي انسان اهڙا هوندا آهن، جن کي دورا خاموشيءَ سان پوندا آهن ۽ اُنهن جي دل جي زخمن جا نشان رڳو اي سي جيءَ ۾ ايندا آهن، يعني دل جي دفتر ۾ دل جي زخمي هجڻ جا خاموش نشان ــ اُنهن خاموش نشانن تي ڪو آڱر رکي ته اهو ڊاڪٽر آهي... انهن خاموش نشاننن تي ڌيان ڏيئي ڪو قلم کڻي ته اهو اديب آهي!
ذوالفقار ڊاڪٽر به اهي، ذوالفقار اديب به آهي. اُن ڳالهه جي پوري پڪ اٿم... باقي سو شڪ اٿم ته ذوالفقار الاءِ پرڻيل آهي يا ڪنوارو آهي، جو ڏيڍ تولي جي منڊي پائي نرسن کي رعب ۾ مڪون ڏيکاريندو آهي. دوستو! ڳالهه ٿي ڪيم ته منهنجا ادبي دفتر ته ڪتا کڻي ويا. باقي ذوالفقار ماشاءَ الله جوان آهي، تندرست آهي، سو “لفظن جا رانديڪا” ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي. اُن جي برعڪس آئون ڪاغذ ۽ قلم جي راند هارائي “بان” ڪري بيهي رهي آهيان. بيٺي به اجهو هاڻ آهيان، نه ته مهينو ڏيڍ اڳ ته ديوان مشتاق ۾ ليٽي پئي هوندي هيس ۽ منهنجي چؤطرف ديوان مشتاق جا ڊاڪٽر گوتم ٻڌ وانگر ائين بيٺا هوندا هئا، جيئن ڪنهن زماني ۾ ميٺارام هاسٽل ۾ غلام رباني صاحب جي ڪمري جي ڇت تي فوٽو ۾ مارلن منرو ليٽي پئي هوندي هئي ۽ چئن ئي ڀتين تي مارلن منرو جي پاسي ۾ کان گوتم جا فوٽو ٽنگيا بيٺا هوندا هئا.
دوستو! آئون مارلن منرو نه سهي، مون کي ته اُهو نالو وٺڻ به صحيح ڪونه ٿو اچي، باقي سو دل جي وارڊ جا ننڍا وڏا ڊاڪٽر سچ ته گوتم آهن. اُهي شفا جو در آهن، ڪو منجهن يوسف جي نالي سان آهي، ڪو غلام حسين آهي، ڪو بيکها رام آهي، مطلب ته هڙئي اوتار آهن. خدا کين ڏينهن ڏي.
دوستو! ڳالهه ٿي ڪيم ته ذوالفقار جنهن وقت ۾ مون کي ڪتاب ڏيڻ آيو هو، اُن وقت هڪ نرس منهنجي پاسي کان بيٺي هئي. ذوالفقار اُن نرس کي مُنهنجي پارت ڪئي هئي ۽ چيو هئائين ته “نرس دیکھو یہ مریض اپنا ہے، اُس کا خیال رکھنا، ورنہ۔۔۔” ورنه چئي ذوالفقار هڪ تڳڙي مڪ نرس کي ڏيکاري، جنهن ۾ کيس منڊي به پئي هئي. مڪ ڏسي نرس ٿورو هيسجي وئي... مون مذاق ڪندي نرس کي چيو ته پنهنجي منڊي ٿو ڏيکاري ــ مون حسينه معين جي ڪنهن رومانٽڪ ڪردار جيان پڇيو مانس “توکي ڪيئن لڳي هن جي منڊي؟”
ذوالفقار نرس کي مڪ ڏيکاري سامهون ڪاريڊور ۾ هليو ويو، جتي پري کان ڪا ٻي نرس پئي آئي.
مون سامهون ڏٺو... پريان کان ذوالفقار ڪنهن ٻي نرس کي مڪ ڏيکاري رهيو هو، نرس ٿورو نراس ٿي چيو ته “اُسے بھی انگھوٹے دکھا رہیں ہیں، یہ تو سب ہی کو اپنے انگھوٹے دکھاتے ہیں، لیکن دینگے پتا نہیں کس کو؟” مون چيومانس ته “یہ دینگے اُس کو، جس نے انگھوٹے تو کیا، خُود ذوالفقار کو بھی کبھی نہیں دیکھا ہوگا، یہ ہم لوگوں کی شریفانہ ریت ہے۔”
مطلب ته ذوالفقار کي پنهنجي ڏوري مٺ مڪ ۽ منڊي تي پورو اختيار آهي، سندس رُعب تاب سول جي مريضن تي گهٽ نرسن تي وڌيڪ آهي، سو لڳي ٿو ته هو سول جي انتظاميا به چڱي سنڀاليندو هوندو جو نيٺ ته آر ايم او آهي.
دوستو! آئون جيڪڏهن مڪ کي مٺ پڙهي وڃان مُنڊي کي مُنڊي چئي وڃان پاڇي کي پڇو پڙهي وڃان ته دل ۾ نه ڪجو، جو پروف ۾ اهڙيون غلطيون پڙهي پڙهي هاڻي صحيح پڙهڻ جي هير ئي ڇڏائجي وئي اٿم، شايد اُهو ئي سبب آهي جو چڱو نه پڙهڻ ڪري چڱو لکڻ به ڇڏي ڏنو اٿم. بهرحال! ڳالهه ٿي ڪيم ته ذوالفقار کي پنهنجي مڪ ۽ مُنڊيءَ تي پوور حق آهي، اُهي ٻئي شيون، ٻئي تي وار ڪرڻ لاءِ هڪ اهڙو اسلحو آهن، جنهن کي پوليس تلاشي وٺڻ لاءِ ڊاڪٽرن جون هاسٽلون به خالي ڪرائي نٿي سگهي. اُهي ٻئي اسلحه بنا لائسنس جي پاڻ وٽ نه رڳو رکي سگهجن ٿا، بلڪه ڏيکاري به سگهجن ٿا.
هڪ هڪ ذوالفقار جي، ٻي مڪ اُن ٻار جي جنهن کي سنوارڻڻ ۽ وندرائڻ لاءِ ذوالفقار هي ڪتاب لکيو آهي... اُن ٻار جو ذڪر به آئون اوهان کي ٻڌائيندي هلان. منهنجو هڪڙو ڀائٽيو آهي، عمر اٿس ڪل 6 سال! جڏهن منهنجي عمر 6ــ7 سال هئي ته مون کي ياد آهي ته اسان کي طوطي ۽ مينائن جون ڪهاڻيون وڻنديون هيون، لاشعوري طور طوطي کي ڀائي ۽ مينا کي مائي سمجهندا هئاسين. ذهن جي حالت اُها هوندي هئي، جهڙي اسلام کان پهرين عربن جي حالت هوندي هئي، اسڪول ۾ گهڙياسين ته استاد جو رتبو ذهن تي ائين ڇانيل هوندو هو، جيئن ڪنهن پيغمبر جو رتبو سندس پوئلڳن تي ڇانيل هوندو آهي... اخلاق ادب صبر شڪر چئي ڪاريءَ جا سبق اسان ڪتابن کان ۽ مائٽن کان سکيا... شاهه لطيف کان وٺي علامه قاضيءَ تائين. علامه قاضي کان وٺي ذوالفقار سيال تائين، هنن پنهنجي شاعري، نظم ۽ نثر ۽ شرافت صبر شڪر جا درس ڏنا، زندگي جي حسن کي بچائڻ ۽ برقرار رکڻ جا درس ڏنا.
سوال آهي ته اڄ ڇو اسان وٽ برقراري جي بدران بيقراري آهي؟ ڀاڪرن جي بدران ڀالا آهن. گهر ته ڀاتين سان ڀريل هوندا آهن، پوءِ گهر ڇو سڃا ۽ ويران آهن. جيل اسان جي جوانن سان ۽ اسپتالون مريضن سان ڀريل آهن. اسپتال ۽ مريضن جو ذڪر ڪندي مون کي ڳالهه وري پنهنجي ننڍڙي ڀائٽيي جي ٿي ياد اچي... عمر ڇهه سال اٿس، اڄڪلهه ٻارن ۾ گيسٽرو جي وبا ڦهليل آهي، سو هي ٻار به اُن وبا جي ور چڙهي ويو. ڇوٽڪي گهٽي واري ڊاڪٽر شريف وٽ وٺي وياسين.
ٻار جي ماءُ ڊاڪٽر کي ٻار جي شڪايت ڪندي چيو ته ڊاڪٽر صاحب هي ٻار دوا پيئڻ ۽ گوريون کائڻ کان لهرائي ٿو. ڊاڪٽر ٻار کي ڊيڄارڻ لاءِ دڙڪو ڏنو ته هاڻ جيڪڏهن گوريون ۽ دوا نه پيئندين ته سِرنج هڻندو سانءِ. ٻار لفظ “سرنج” ته سمجهي نه سگهيو، باقي ڊاڪٽر جو مطلب سمجهي ويو ته سِرنج هوندي ڪا ڪلاشنڪوف جهڙي چيز، سو ڊاڪٽر کان پڇڻ لڳو ته ڊاڪٽر تو وٽ ڪلاشنڪوف آهي؟ “ڊاڪٽر چيس نه يار، ڪلاشنڪوف مون وٽ ڪونهي!” ٻار چيس ته “پوءِ تو وٽ مون کي هڻڻ لاءِ ڇاهي؟”
“تو وٽ ڪلاشنڪوف آهي ــ پر تُون مون کي لڪائين ٿو، پر ڊاڪٽر مون وٽ به هيءَ مڪ آهي...!!” هڪ مڪ ذوالفقار جي ــ! هڪ مڪ هن ننڍڙي ٻار جي!
وچ ۾ سڄا ڪين، کٻا آڱوٺا اسان عورتن جا... اُهي سڀئي هٿ ۽ مُڪون جي پاڻ ۾ ڀيڙجي پون ته...!
ذوالفقار جي لفظن جا رانديڪا يقين جُڙي پوندا ۽ دشمن جي ڪلاشنڪوف جهري پوندي.
دوستو! آئون مايوس ته ناهيان، پر مون کي الاءِ ڇو ڏک سان شيخ اياز جي هڪ لکڻي ياد اچي رهي آهي... اياز پهرين غالب جي هڪ شعر کي ڪوٽ ڪيو آهي. “بازیچہ اطفال ہے دنیا میرے آگے!” واقعي دنيا ته ٻارن جي راند آهي، پر هو جو پريان فاشي سپاهي منهنجي ٻار جي سيني تي بندوق تاڻي بيٺو آهي... ڇا اُن کي به آئون رانديڪو سمجهان! مون کي اڄ کان ويهه سال کن پهرين پڙهيل هڪ ڪهاڻي خواجه احمد عباس جي ٿي ياد اچي.
ڪنهن ملڪ ۾ فاشزم جي خلاف وڏن سان گڏ ننڍڙن ٻارڙن به هڪ جلوس ڪڍيو، ٻارڙن جي مائرن سندن ڇاتيءَ تي ننڍڙا بينر هڻي کين جلوس ۾ موڪليو هو. هڪ بيواهه عورت کي صرف هڪ ننڍڙو نينگر هو... ماءُ الاءِ ڇو ٻار کي جلوس ۾ شامل ڪري نه سگهي، بينر به ٺاهي نه سگهي... ڪرسچن ٻار پنهنجي ساٿين کي ڏسي اسڪول جي ڪتابن مان بائيبل ڪڍيو سيني تي رکيو ۽ جلوس ۾ شامل ٿيو.
دشمن جي پهرين گولي نڪتي بائيبل کي وچان جت لکيل هو ته: “هڪ انسان جو رت ٻئي انسان تي وهائڻ حرام آهي.” چيريندي ٻار جي دل جي هُن پار هلي وئي.
دوستو! اوهين به پنهنجي گهرن ۾ وڃو. پهرين پنهنجا ٻار ڳڻيو ۽ پوءِ قرآن شريف تان غلاف لاهي ڏسو! ڪٿي اوهان جا ٻار کٽل ۽ اوهان جي قرآنن جا غلاف رت سان ڀريل ته ڪونهن!
ها ته ڳالهه ٿي شاعر جي رديف قافئي يا ٽئڪنيڪل خوبيءَ جي... يقينن ذوالفقار شاعريءَ جي لحاظ کان پنهنجي پر معيار به اهڙو ئي باڪمال رکيو هوندو، پر هڪ ڳالهه جا مون کي محسوس ٿي، اُها هيءَ ته ذوالفقار اسان سڀني اديبن مان اسان سڀني شاعرن مان آڪاس جي انتهائي بلندي واري مقام تي آهي. جو هن وڏن کي ڇڏي ننڍن ٻارن لاءِ پنهنجون ڌيان ۽ گيان وقف ڪيو آهي. ذوالفقار پنهنجي شخصيت جا ڪامپليڪس، پاسيرا رکي، پنهنجي اندر جي ٻار کي اندر مان ڪڍي ڪڇ ۾ ڪري ويهاريو آهي ۽ پوءِ اُن جو نفسياتي جائزو ورتو آهي. ٻار جي شخصيت جي مڙنئي گهرجن کي هڪ هڪ ڪري ڏٺو ۽ سامهون آندو آهي.
مثلا ً پکي پکڻ کي پيار ڪرڻ ۽ پالڻ ٻار جي جبلي ضرورت آهي، اُن (Motive) جي اڳيان هلي نشونما ائين ٿئي ٿي جو هو وڏو ٿي پنهنجي پريوار ۽ ٻارن کي نه رڳو پيار ٿو ڪري، پر ڀانئين به ٿو ذوالفقار ٻار جي ان (Motive) جو ذڪر منهنجو آهي. پيارو ڪڪڙ ۾، يا طوطو منهنجو طوطو آهي ۾ ڪيو آهي. اُهو ٻار جي ڀرپور چاهت جو اظهار آهي ۽ ٻار جي فطري ضرورتن جو اظهار ڪيو آهي، پر ساڳي وقت اڄ جي هلندڙ هوا سان به روشناس نه رڳو ڪرايو آهي، بلڪه! هوريان هوريان ٻارن کي ڪمپيوٽر واري نظم وسيلي گهڻو ڪجهه سيکاري به ويو آهي. ڪمپيوٽر جو تعارف هڪ ڏکيو موضوع آهي، پر ذوالفقار ٻارن کي سڄي ڪمپيوٽر جو ڪمال هڪ صفحي ۾ ئي سيکاري ڇڏيو آهي. دوستو! هڪ ڳالهه آئون پنهنجي ڌيءَ کي ڪڏهن ڪونه سمجهائي سگهي آهيان. ذوالفقار اها ڳالهه پنهنجي شاعريءَ وسيلي صائمه کي به سمجهائي ڇڏي آهي. اُها آهي سندن نظم “بيدردي” صائمه جو ذهن اڄ جي ماحول جي پيداوار آهي، اڄ جو ماحول، جنهن ۾ هڪ طرف ته “نور خاتون” اهڙن ٻين ٻارن جو قضيو آهي. ٻئي طرف دنيا جي سطحي بناوٽ جا قصا آهن.
هر ٻار کي ٽي چار لفظ انگريزيءَ جا ضرور ايندا آهن. مثلاً هڪ “هيپي برٿ ڊي ٽو يو” “باءِ باءِ” ۽ “گڊ لڪ”! صائمه کي مون ذوالفقار جا لکيل رڳو چار جملا ٻڌايا ۽ سيکاريا آهن.
ستم اُهو آ. منجهن چپن کي سبيو ويو آ، هاڻي دعا به گهري نه سگهبي. اُن کان وڏي ڪهڙي آ بدبختي، بيڊ لڪ!!


(پريس ڪلب حيدرآباد ۾ “لفظن جا رانديڪا” جي مهورت دوران پڙهيل)
(ڪتاب “پيڙا جو پڙلاءُ” تان ورتل)

خيرالنساءَ جعفري