جوڳيءَ تي جڙاءُ: استاد لغاري
ڊاڪٽر ذوالفقار سيال صاحب سان منهنجون ملاقاتيون ۽ قرب ڪچهريون، اسلام آباد ۾ ٿيون. جڏهن عالمي ادبي ڪانفرنس ۾، پنج ڏينهن ۽ پنج راتيون، هڪڙي ئي هوٽل ۾ گڏ گذارياسين. هڪڙي ئي هوائي جهاز ۾، هڪڙي ئي گڏيل سيٽ تي ويهي، گڏ سفر ڪيوسين. مون کي ايئن محسوس ٿيو، ڄڻ ته آئون هڪ جيئري جاڳندي تاريخ سان گڏ آهيان. مون ڊاڪٽر ذوالفقار سيال صاحب جي شخصيت ۽ فن تي لکڻ جي لاءِ، اُن اَڇتي سٽ جي ڳولا ڪئي، جنهن کي اڃان تائين ڪنهن به عظيم اديب جي قلم نه ڇهيو آهي، پر مون کي اهڙي ڪنهن به سٽ صحي ساٿ نه ڏنو. “اي ڊاڪٽر ذوالفقار سيال صاحب! تون امر آهين، عظيم آهين ۽ قديم آهين. تنهنجيون تحريرون، تخليقون ۽ شاعريءَ جا شاندار شاهڪار شهپارا، ڪنهن به معمولي ماڻهوءَ جي مڃتا جا محتاج ناهن. تنهنجا ويري واٽن تي واريءَ وسائيندا رهن ٿا، پر تون هردم هر ڪنهن جي لاءِ پيار جون پنکڙيون پکيڙيندو رهين ٿو.
جوڳِيءَ تي جَڙاءُ، نِسُورو ئِي نِينهَن جو،
پَتنگَ جِيئَن پَيدا ٿِيو، سامِي سِجَ وَڙاءُ،
آيو ڪاڪَ تَڙاءُ، ڪُنوارِيَنِ ڪَڪورِيو.
(شاهه)