هڪ ڏِنگو شاعر ۽ شخص
هونئن مان جيولس فيوچڪ، فرانز ڪافڪا، ميلان، ڪنڊيرا، سميتانا، شويڪ، يانا ناوريتيلوا ۽ هنگز جي ديس م جڏهن پي ايڇ ڊي ڪندو هيس ته اتي به جنم ڏينهن ڌام ڌوم سان ملهائبو آهي. نه رڳو جنم ڏينهن پر نالي واري ڏينهن يا نيم ڊي به ملهائبو آهي. اصل ۾ هر ڏينهن تي هنن جو ڪو نه ڪو نالو رکيل آهي، جيڪو سندس مذهبي ولين يا پيغمبرن جي نالي سان هوندا آهن. جيئن 24 ڊسمبر ڏاڏي آدم جي نالي تي وري 25 ڊسمبر ڏاڏي حوا (ايوا) جي نالي سان منسوب ته اڄ جو ڏينهن يعني 28 مئي وري وليم جي نالي سان منسوب آهي. هڪ ڳالهه مون جيڪا اتي ڏٺي ته هو بي شڪ پنهنجو جنم ڏينهن يا نيم ڊي وڏي خوشيءَ سان ملهائيندا آهن پر ان ڏينهن تي هو پنهنجي لاءِ به ڪجهه وقت ضرور ڪڍندا آهن. جيڪو هو اڪيلائي ۾ گهاريندا آهن ۽ ان لاءِ اڪيلائيءَ ۾ پنهنجي پوري سال جي زندگيءَ جو تجزيو به ڪندا آهن ته وري نئين سال لاءِ ڪو ريزوليشن به بڻائيندا آهن. اهو ڪم هو نئين سال جي موقعي يعني پهرين جنوريءَ تي به ڪندا آهن. اهي رزوليشن مختلف هوندا آهن.
مثال طور تي ڪو پنهنجو پاڻ سان اهو واعدو ڪندو ته هو اڄ کان وٺي ڪتاب پڙهڻ شروع ڪندو.
يا هو هن سال ڪوشش ڪندو ته يونيورسٽي ۾ داخلا وٺي.
يا مان اڄ کان پوءِ شراب کي هٿ نه لاهيندس وغيره.
پر اسان پنهنجو جنم ڏينهن يا ته بغير ڪنهن اهميت جي گذاري ٿا ڇڏيون يا وري هروڀرو جي گوڙ گمسان ۾ پنهنجو ٽائيم وڃايون ٿا.
اسان کي پنهنجي لاءِ به ٽائيم ڪڍڻ کپي، ان ڏينهن تي ڪا سٺي ميوزڪ ٻڌي سڪون ماڻجي يا وري ڪنهن سان گڏ ڪينڊل لائيٽ تي ڊنر ڪجي.
پر پنهنجي روح ۽ جسم کي ٽِيُون ڪجي، جيئن 5000 ڪلوميٽر هلڻ کانپوءِ گاڏيءَ جي ٽيوننگ ۽ انسپيڪشن ضروري آهي. تيئن اسان به پنهنجي تپاس ڪيون ته روح ۾ ڪٿي زخم لڳو آهي، ڪٿي ڪنهن جي رهنڊ سان رت وهي رهي آهي. يا جسم جي ڪهڙي حصي کي منهنجي توجهه جي ضرورت آهي. ها ۽ ڪونه ڪو رزوليشن يا ڪو واعدو ضرور ڪيون. جيئن اسان جي اڄ جو مهمان ۽ ميزبان ذوالفقار سيال اهو واعدو ڪري ته پنهنجي اڳلي جنم ڏينهن تائين اسان کي ڪو سٺو ڪتاب ضرور ڏيندو.
اڄ مان ذوالفقار سيال جي حوالي سان ذاتي ڳالهيون ڪندس ڇو جو گذريل سال ان ئي موقعي تي مون سندس فن جو جائزو ورتو هو ۽ “بارش کان پوءِ” جو مزو ورتو هو.
سو مون ڳالهه پئي ڪئي ته ڊاڪٽر ذوالفقار سيال سان سڱ سياپو لاڙڪاڻي کان آهي. لاڙڪاڻي شهر جو اڳي هڪ پنهنجو مزاج هوندو هو، ڪڏهن ارڏو ته ڪڏهن ماٺيڻو ته ڪڏهن ادبي ته ڪڏهن سياسي ڪڏهن راندين وارو ته ڪڏهن هر فن مولا وارو. هڪ ٻي ڳالهه ته لاڙڪاڻي جو ماڻهو ضروري نه هو ته ڪنهن سان هُن جي دوستي يا گهرائپ هجي پر هو لاڙڪاڻي جي هر شخص کي پنهنجو ضرور سمجهندو هو. جيئن هتي اياز سومرو صاحب ويٺو آهي، اسان ٻئي لاهوري محلي جا آهيون، اسان جي پاڻ ۾ گهرائپ ناهي رهي، ان جو سبب هڪ ته هن جو سينيئر هجڻ ٻيو هو سياست جو راهي ۽ اسان وري راند ۽ ادب جا ماڻهو. پر هڪٻئي سان اسان جي هڪ خاص وابستگي ضرور رهي آهي. لاڙڪاڻي جي زمين مان ايترا سٺا سهڻا نالا پيد اٿيا آهن. جن پنهنجو وارو وڄايو آهي. مان اڄ موقعي جو فائدو وٺندي مسلم شميم جو هڪ اردو شعر پڙهندس، جهن ۾ هن ذوالفقار ڀٽي، حيدر بخش جتوئي، ايوب کهڙو، جمال ابڙو کان وٺي فقير طبيعت انيس انصاريءَ جو به ذڪر ڪيو آهي:
يه شهر قريئه حيدر، يه ذوالفقار نگر
يه شهر قريئه ايوب، و شهر فضل الله،
وطن انيس کا، مسکن جمال ابڙو کا،
اياز کا نگر، يه ديار سنديلو
صمد کا گوشئه مدفن، مجيد کا گلشن
يه گلستان بخاري يه راشد کا چمن
سو ان زماني ۾ لاڙڪاڻي جا ماڻهو پنهنجو پاڻ ۾ وڏي چاهت رکندا هيا تڏهن ته جمعو فقير به شهيد ذوالفقار جي درٻار ۾ بغير ڪنهن جهل ۽ پل جي ايندو ويندو هو. جڏهن تو صاحب صدر ٿيو هو ته فقير کي گهرائي کيس خيرات به ڏني ۽ دعا ڪرڻ لاءِ به چيو. جمعو فقير حجائتو ۽ مزاحيه ماڻهو هوندو هو ان ڀٽي صاحب کي چيو “ملڪ جو صدر ٿيو آهين اڃان وڌيڪ دعا ڪهڙي گهران، اچ نه ته مون سان گڏ ٿي”، جمعو فقير ڪنهن سان نفرت نه ڪندو هو، سونهن جو پرستار، سهڻ کي چوندو “کلو نه ٿڪجي نه پئو”.
اهڙي ريت فقير صرف هڪ شخص سان نفرت ڪندو هو اهو هو جنرل ضياءَ الحق، ڇو جو هن، فقير جي محبوب کي ڦاهيءَ چاڙهيو هو.
ان وقت لاڙڪاڻي ۾ مشاعري ۽ ادبي تقريبون به جام ٿينديون هيون. ڊاڪٽر ذوالفقار به لاڙڪاڻي جي مشاعرن ۾ شاعري ٻڌائيندو هو. هي اهو شخص هو جيڪو ٻنهي ڪيمپن يا ٻنهي جنريشن جي ادبي گڏجاڻين ۾ ويندو هو. هڪ طرف روح رهاڻ ۽ ادبي سنگت هوندي هئي ته ٻي طرف وري سچل اورينٽل ڪاليج ۾ سچل ادبي يا جميعت الشعراءِ جهڙي ڪا تنظيم هوندي هئي. جتي محسن چنه جي محنتن سان گڏجاڻيون ٿينديون هيون. جن ۾ محمد علي جوهر، محسن چنه، بشير شاد، غلام مصطفيٰ مشتاق، قلندر بخش بدوي ۽ ميمڻ عبدالمجيد سنڌي هوندا هيا ۽ اتي نوجوانن مان ڊاڪٽر ذوالفقار سيال به ڪڏهن ڪڏهن هوندو هو. لاڙڪاڻي جي ڳالهه نڪتي آهي ته هتي اهو به ٻڌائيندو هلان ته ذوالفقار سيال جو نالو رڳو شرافت يا شاعري جي ڪري اتي مشهور ناهي پر ڏنگائپ ۾ سندس نالو ڪنهن کان گهٽ ناهي. ڪجهه سال اڳ ڊاڪٽر هوندي به چڱا واڄٽ وڄايائين پر چوڻ وارا چون ٿا ته اهڙو قدم کڻائڻ ۾ اڳلي ڌر جو وڏو هٿ هو، اصل خبر ته کيس هوندي. هتي مان ذوالفقار جي فن تي به ڳالهيون ورجائيندس جيڪي مون اڳ پنهنجي لکيل مضمون ۾ ڪيون آهن. اسان جي دوست ذوالفقار سيال، جنهن جا ڪتاب اچي چڪا آهن.
جيڪي ٻارڙن جي مرڪن کان وٺي، محبوب جي ڪجرارين اکين ۽ انسان جي پيڙا تائين پکڙيل آهن. سندس شاعري جي موضوع ۾ عشق به آهي ته احتجاج به آهي، پر سندس نئين ڪتاب “بارش کان پوءِ” جي مطالعي مان ايئن لڳو ته سندس موضوع پنهنجي ذات کان وٺي، گهر، گهٽي، شهر، ملڪ کان ٿيندا سڄي جهان تائين پهچن ٿا ۽ اهي ئي هڪ سچي فنڪار جي پرک به آهي. فنڪار پنهنجي ذاتي تجربي ۽ سماجي شعور کي ملائي تخليق ڪري ٿو. جيئن ته هن ڪتاب جون گهڻيون تخليقون ان دور جون آهن. جڏهن ملڪ تي دجال جي حڪومت هئي، هر سوچيندڙ جي ذهن تي شهر جي غنڊن ۽ ٻهراڙين جي ڌاڙيلن کان وٺي هٿوڙا گروپ جو ڏهڪاءُ ڏنو ويو هو ۽ ڪوڙن جي زخمن لاءِ مرهم به مهانگي ٿي پئي هئي. ان ڪري قدرتي طرح هن شاعري ۾ اسان کي اهڙا خيال ملن ٿا، جيئن سندس هڪ شعر آهي ته:
“هٿين خالي، چئو واٽن تي
لانگ بوٽن ۾ ئي چٿجي
اسان گهڻو ئي وڃايو آهي
اکين جا ڳوڙها به پي ويا هون”
آخر ۾ ڊاڪٽر جو هي شعر پڙهندس، جيڪو ڪنهن زماني ۾ مهراڻ ۾ شايع ٿيو هو ۽ منهنجي ڊائريءَ جي ورقن ۾ ڪنهن سڪل گلاب جيان رهجي ويو هو:
ناسي نيڻن وارا ماڻهو، ڳاڙهن ڳلڙن وارا ماڻهو،
جيءُ اسان جو جهوري ويا هن، ڪيڏا پيارا پيارا ماڻهو.
*
سامهون ويهن، نيڻن ۾ پوءِ پيار اسان جو ڇلڪي ٿو،
شام جيان معصوم نماڻا، صبح جيان ٻاجهارا ماڻهو.
*
پيار ۽ سونهن جو نالو تيسين هن دنيا ۾ قائم رهندو،
جيسين هوندا “ذلف” اسان جي سهڻي ساجن پارا ماڻهو.
اسحاق انصاري