شخصيتون ۽ خاڪا

ڊاڪٽر ذوالفقار سيال: ادب ۽ شخصيت

ھن ڪتاب ۾ نامياري شاعر، نثرنگار ۽ سرگرم ادبي شخصيت ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي شخصيت تي لکيل مضمون ۽ رايا شامل آھن. سنڌي ادب جي تاريخ جا اهم ڪردار اسان وچ ۾ بيٺل ادب جي روشن ستاري ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي فني لياقتن تي قلم کڻن ٿا، ان کان وڌيڪ مڃتا ڊاڪٽر ذوالفقار سيال لاءِ ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي جو هو نه فقط سنڌ ۽ هند جي ادبي حلقي ۾ پنهنجي ناماچاري رکي ٿو پر ڏيهه توڙي پرڏيهه جي اديبن ۽ سڄاڻ ڌرين ۾ ايترو ئي مقبول آهي، جيترو پنهنجي ٻوليءَ ۾، ان جو اعتراف اردو جي نامياري اديب ۽ ڪالم نويس محمود شام به پنهنجي مضمون ۾ ڪيو آهي. جڏهن ته ڪتاب ۾ شامل سنڌي، اردو ۽ انگلش مضمونن ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي گهڻ رخي شخصيت تي مڪمل طور بحث ٿيل آهي.

  • 4.5/5.0
  • 22
  • 1
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ساجد سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ڊاڪٽر ذوالفقار سيال: ادب ۽ شخصيت

درد نه لهي دار وئين: زلُف زور ڏنوم

اسان جو پيارو دوست ڊاڪٽر ذوالفقار سيال به بنيادي طور تي هڪ شاعر آهي هن جي اندر ۾ شاعر، هڪ باشعور ۽ سجاڳ شخص به ويٺل آهي، موهن جي دڙي جي هزارن ورهين پراڻي ڌرتيءَ سان تعلق اٿس، جن وٽ تهذيب هئي، فن هو، سنڌو درياهه جي ڪپر تي اڀرندڙ سج جي روشنيءَ ۾ زندگيءَ کي ترقي وٺرائڻ جي عملي جدوجهد هئي. اهو لاڙڪاڻو گدا حسين گدا، ڪشن چند بيوس، هوندراج ڏکايل ۽ نياز علي نياز جو به ماڳ رهيو آهي. ان ڪري ذوالفقار ۾ اها سموري سڳنڌ ۽ خساڪي اوتيل آهي. سندس شاعري جي پهرئين مجموعي، ان جي مهورت سندس لياقت ميڊيڪل ڪاليج ۾ پڙهائي، اتان جي سرگرمين، ايل ايم سي جي لطيف مخزن، روزاني عبرت، سنڌ نيوز ۽ ٻين اخبارن ۾ لکيل ڪالمن واري دور جو اکين ڏٺو شاهد آهيان. منهنجي ساڻس دوستي، سهڻي رسالي جي آفيس ۾ محترم طارق اشرف جي ڪري ٿي ۽ پوءِ اها دوستي اڃا به قائم آهي. ڪو وقت هو، جو هو حيدرآباد ۽ ڄامشوري جي ادبي سرگرمين جو روح روان هو، هاڻ عملي زندگي جي ڊوڙ ۾ اڳتي آهي.
هي ڪتاب “آئينا ۽ عڪس” هن جي ادبي، سياسي، يادگيرين ۽ شخصيتن تي لکيل خاڪن/ڪالمن جو مجموعو آهي، آئون سمجهان ٿو ته اڃا به سندس هزار کان به مٿي ڪالم مختلف اخبارن ۾ موجود آهن. وري به شابس آهي جو انهن هزارين ڪالمن مان ڪجهه ڪالمن کي سهيڙي هن ڪتابي صورت ۾ آندو ويو آهي. لکڻو ته مونکي فقط چند اکر هئا، پر ڊاڪٽر ذوالفقار سيال سان زندگيءَ جو هڪ اهم وقت گڏ گذريو آهي، جڏهن اسان جي اندر ۾ رولاڪ روح جوان هوندو هو. ان وقت هڪ نسل هو. هنن وٽ خواب هئا، جدوجهد هئي، پر عملي زندگيءَ جي ڪا راز ۾ خواب، ڪنهن ڌنڌ ۾ گم ٿي وڃن ٿا، اڄ اهي ٻه اکر لکندي، اهو سمورو ماضي جو دور اچي آڏو بيٺو، سچ پچ ته دل چوندي آهي، ڪڏهن ڪڏهن هڪ پل لاءِ ئي کڻي موٽي اچن عمر گزشته جا اُهي ويل ڏينهن! جيڪي ماضيءَ جي دقيق خزائن ۾ پن پن ٿي وکري ويا.... پر يادن کي ڏکڻ ۽ اُتر جون هوائون، وقت جي وٿي، ميساري نه سگهي آهي.
شال سنڌي پڙهندڙن کي سنڌ جي هن باشعور ليکڪ جو هي لاڀ قبول پوي. اسان جون دعائون هن سان گڏ آهن.

مدد علي سنڌي

(آئينا ۽ عڪس 2015ع)