شخصيتون ۽ خاڪا

ڊاڪٽر ذوالفقار سيال: ادب ۽ شخصيت

ھن ڪتاب ۾ نامياري شاعر، نثرنگار ۽ سرگرم ادبي شخصيت ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي شخصيت تي لکيل مضمون ۽ رايا شامل آھن. سنڌي ادب جي تاريخ جا اهم ڪردار اسان وچ ۾ بيٺل ادب جي روشن ستاري ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي فني لياقتن تي قلم کڻن ٿا، ان کان وڌيڪ مڃتا ڊاڪٽر ذوالفقار سيال لاءِ ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي جو هو نه فقط سنڌ ۽ هند جي ادبي حلقي ۾ پنهنجي ناماچاري رکي ٿو پر ڏيهه توڙي پرڏيهه جي اديبن ۽ سڄاڻ ڌرين ۾ ايترو ئي مقبول آهي، جيترو پنهنجي ٻوليءَ ۾، ان جو اعتراف اردو جي نامياري اديب ۽ ڪالم نويس محمود شام به پنهنجي مضمون ۾ ڪيو آهي. جڏهن ته ڪتاب ۾ شامل سنڌي، اردو ۽ انگلش مضمونن ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي گهڻ رخي شخصيت تي مڪمل طور بحث ٿيل آهي.

  • 4.5/5.0
  • 23
  • 1
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ساجد سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ڊاڪٽر ذوالفقار سيال: ادب ۽ شخصيت

سورج جهڙا ڪرڻن جهڙا : ادل سومرو

ٻار اسان جو ماضي، اسان جي آئيندي جي اميد. ٻار جي تصور سان معصوم مرڪون، اکين آڏو ڦيو اچن، ڪتاب ڪَڇ ۾ کڻي اسڪول ڏانهن ويندڙ ٻار، هٿ ۾ منجهند جي رُکي سُکي ماني کڻي، ميرن ڪپڙن سان، ڪارخانن ڏانهن ويندڙ ٻار، قدرت جون مڙيئي نعمتون ماڻيندڙ ٻار يا فقط هر شيءِ لاءِ سَڌون ڪندڙ ٻار، اڄ سيٺ سهراب کي سندس پُٽَ ڄمڻ تي سارو ٻاڙو واڌايون ڏيڻ آيو. ڪالهه ميران مستانيءَ، فوٿ پاٿ تي ٻار ڄڻيو هو، اهو ڪنهن جو هو؟! ٻار جيڪو هر سوال کان بي نياز آهيۡ:
مذهب، رنگ، نسل ٻولي ــ ــ
هو فقط ٻار آهي
جنهن سان
هر ڪنهن کي پيار آهي.
جڏهن ٻار، ڦرهيون هٿن ۾ کڻي، اسڪول ڏانهن وڃڻ سکندا، آڏا اُبتا لِيڪا پائي لِکڻ سکندا.
ڪتابن جا پنا ڦاڙي پڙهڻ سکندا. (هو اُن وقت سندن لاءِ لکيل ذوالفقار سيال جو نظم “جيءَ مبارڪ” پڙهي ڪونه سگهندا، پر جڏهن ڪجهه پڙهڻ جي قابل ٿيندا ۽ سيال جو ڪتاب پڙهڻ لاءِ ملين ته پڙهي ڏاڍو خوش ٿيندا.
ٻار ٽن سالن جو هجي يا اٺن سالن جو، دنيا جي فڪرن کان آزاد رهي ٿو. هر شيءِ کان بي نياز ٿي، فقط پنهنجي مستيءَ ۾ مگن رهي ٿو. انهيءَ وقت سندس نالو، ذوالفقار جي لفظن :
خوشيون ۽ مهڪ آهي
شايد ئي نان منهنجو
ٽهڪن جا ڦُولَ، ٽِڙائيندڙ ٻار- پيارن پيارن رانديڪن
سان راندوين ڪندڙ، نرمل ۽ ڪومل، جن لاءِ، ذوالفقار وٽ
چنڊ جو تصور به رانديڪي جهڙو آهي.
چنڊ به تنهنجو آ، رانديڪو
ڪڪرن جهڙو تون ڪومل آن
سيال، ٻاراڻي راندين ۽ ٻاراڻين ٻولن کي پنهنجي نظمن جو موضوع بڻايو آهي جنهن ڪري سندس اُهي نظم ٻارن لاءِ اوپرا ڪين آهن ۽ هو انهن سان جلدي متاثر ٿيندا. “ڦٽ ڦٽ” “ڦرڻي ڦيرايون” يا “اک ٻوٽ” وغيره تمام پيارا نظم آهن.
هڪڙي نينگ آ، اب روٽي
سيرا کيڏن لڪ لڪوٽي.
ذوالفقار وٽ، نوان نوان خيال ۽ ويچار به آهن، جن کي هن عام سلوئي ٻوليءَ ۾ نهايت ڪاميابيءَ سان چٽيو آهي پر ڪٿي ڪٿي هو ٻارن جي ذهني سطح کان مٿي به ڪجهه نظم ٻارن جي حصي ۾ شامل ڪري ويو آهي، سيال وٽ روشن آئيندي جا سپنا آهن، جيڪي ضرورت ساڀيا ٿيندا:
ڪو به نه جاهل، جاهل رهندو
اهڙو آخر ڏينهن به ايندو
ٻار هاڻ ڪجهه وڏو ٿي ويو آهي، هن کي هاڻ راند روند مان ڪجهه وقت ڪڍي، پنهنجي ٻوليءَ جي ڪتابن ڏانهن ڌيان ڏيڻو آهي. هن کي پنهنجي ڌرتيءَ ۽ ٻوليءَ محبت ڪرڻ/ سيکارڻ ضروري آهي.
پياري ٻولي سکو سنڌي
پڙهو سنڌي، لِکو سنڌي
ٻارن جي نظم رچڻلاءِ، سادن ۽ سهڻن لفظن جي چونڊ ڪرڻي پوي ٿي، سيال هن ڳٽڪي ۾ به انهيءَ ڳالهه جو گهڻو خيال رکيو آهي، پنهنجي ڌرتيءَ جا ٻار سيال کي ڪيئن ٿا لڳن، اهي ويچار هُن نهايت ئي خوبصورت لفظن ۾ پيش ڪيا آهن.
پوپٽ جهڙي، پرڙن جهڙا
سورج جهڙا، ڪِرڻن جهڙا
هئڻ ايئن گهرجي ته ، ههڙا ڪتاب اسان جا قومي ادارا ڇپائين، سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ/ بيورو آف ڪريڪيولم وارن کي هنن ڪتابن مان به ڪجهه نظم چونڊي نصاب ۾ شامل ڪرڻ گهرجن.
مجموعي طور تي سيال جا ٻارن لاءِ لکيل مجموعا ٻارن لاءِ ڪارائتيون سوکڙيون آهن، جن ۾ نه فقط ٻارن کي وندر جو سامان مهيا ٿيل آهي پر انهن لاءِ سٺيون نصيحتون موجود آهن، جيڪي ٻار جي ذهني تعمير جي عمل ۾ ڪارائتو ڪردار ادا ڪنديون. مونکي اميد آهي ته سيال جو هي ڪتاب ٻارن تائين سُٺي رسائي حاصل ڪندو.
آخر ۾ ذوالفقار سيال جو سڀني ٻارن لاءِ اهوئي پيغام آهي ته:
هن زندگيءَ ۾ ٻارو ڪا ويلَ هٿان نه ڇڏجو
واندي ويهه کان بهتر آ ڪو ڪتاب پڙهجو.
ٻارو! وچن ڪريو ته اوهين ذوالفقار جي انهن سٽن تي ضرور عمل ڪندا.


(“منهنجي ديس جا ٻار” آگم پبليڪيشن ايجنسي حيدرآباد، 1982ع)