ڳوٺاڻي سونهن: سرمد چانڊيو
ڊاڪٽر ذوالفقار جي غزل ۾ پيار محبت جو تغزل به آهي ته سماجي ناانصافين تي ڪجهه چوٽون به آهن، غزل جي گائڪي جا انيڪ رنگ وٽس سادي ۽ سٻاجهي انداز ۾ ائين موجود آهن جيئن ڳوٺاڻي زندگي، جتي نه سڀ رنگ ميرا ۽ نه سڀ ماڻهو اڻڄاڻ آهن، جتان اسان کي سچائي جو هڪ گس ٿورن ورن وڪڙن ۽ هڪ ڪنڊائين پيچري جيان ٿو نظر اچي.
ذلف جي غزل ۾ اسان کي صوفياءِ ڪرام وارو درس به ملي ٿو ته جديد غزل جو رنگ به. اها ٻي ڳالهه آهي ته سندس غزل جو روپ ڪجهه سادو آهي! ڪنهن به شاعر جي شاعري کي سادگي جي ڪري رد نه ٿو ڪري سگهجي. شهري سونهن جي ڀيٽ ۾ ڳوٺاڻي سونهن جيان هن يار جو غزل هڪ اهڙي نگينيءَ مثال آهي جيڪا ميري ويس ۾ هڪ اڇوتو بدن سمائي پنهنجي پريتم جو اوسيئڙو ڪندي آهي، پر وٽس سچائي جو جيڪو حسين تحفو آهي، ان کي نظرانداز ڪرڻ سونهن سان ويساهه گهاتي برابر آهي:
مليو به آ نه هو مونسان جدا به ناهي ٿيو،
اڃا ته پيار جو ڪو پل عطا به ناهي ٿيو.
اسان ته پيار خود پاڻ کي ورهايو سين،
انهيءَ سان حسن جو ڪو حق ادا ته ناهي ٿيو.
اسان کي دل به عجب ڪشمڪش ۾ آهي وڌو،
پرائو ڀي نه چئو دلربا به ناهي ٿيو.
وري هُو ذلف ڇو چپ چاپ ويٺو آ،
نه گفتگو ٿو ڪر ۽ خفا به ناهي ٿيو.
هن غزل جي بحر، وزن، موسيقي جو سچائي سان جڏهن جائزو وٺبو ته غزل جا انيڪ فني گڻ سندس غزل ۾ نظر ايندا. غزل جي سري واري پهرين مصرعي ۾ جيڪو لفظ “هُو” جو ڪنايو آهي، اهو صرف ذلف جي محبوبا لاءِ مخصوص ناهي، ان ۾ سڄي دنيا جا محبوب سمايل آهن، نه صرف اهو ڪتاب ڪنائي جي حد تي اچي پورو ٿو ٿئي، پر اهو ڪنايو، پڙهندڙ کي وڌيڪ سوچڻ لاءِ دعوت ٿو ڏئي، ٿوري سوچ ويچار کان بعد پڙهندڙ ان ڪنائي ۾ هڪ استعارو به مدغم ٿيندي ٿو ڏسي، جيئن ضمير ۾ هڪ اسم پنهنجو پاڻ موجود هوندو آهي، جيئن شاهه جي سٽ آهي:
من جو محرم تون، تون ئي تون
يا جيئن شيخ اياز جي غزل جي سري ۾ ساڳيو ڪنايو موجود آهي،
ٿي املتاس تان ڪوڪ ڪويل ڪري
هُو پري آ پري آ پري
ڪنايو، ضمير جي صورت ۾ هوندو آهي ۽ ضمير اسم جي موجودگي اڻٽر هجڻ سان گڏ ڪنائي ۾ استعارن ۾ ائين ئي موجود هوندو آهي، ذلف جو هي غزل نازڪ ۽ نفيس خياليءَ ۾ ائين رچيل آهي جيئن ڪا لوڪ ادب ۾ پيش ڪيل پدمڻي هجي، جيڪا هوا جي جهوٽي تي به ننڊ مان ڇرڪ ڀري جاڳي پوي،
اسان کي دل به عب ڪشمڪش ۾ آهي وڌو
پرائو ڀي نه چئو دلربا به ناهي ٿيو
وزن جي حوالي سان هي غزل مرڪب وزن ۾ رچيل آهي جنهن ۾ فارسي، عربي موسيقي جو هڪ بي مثال ترنم موجود آهي، اهو وزن خاص الخاص غزل جو وزن سمجهيو ويندو آهي.
رنگ ٻيا سڀ هن ڪچا باقي پڪا تون ۽ مان هن جيون جا وڏا ٻه فلسفا تون ۽ مان هن ۾ مڪمل منزل چٽي نظر ٿي اچي، اهو انتخاب هندو توڙي مسلمان کي يا يهودي توڙي عيسائي کي وٺيو نئين منزل تي ٿو پهچائي، هن غزل ۾ عاشق ۽ معشوق جو تصور، اوتار ۽ شش جو تصور عورت ۽ مرد جو تصور هڪ انفرادي انداز ۾ ڏنو ويو آهي، وڏي کان وڏا نقاد ادب جي ان لا متناهي نظريي جا قائل آهن. جنهن ۾ ڪنهن به قسم جو متڀيد نه هجي اهو ئي سبب آهي جو چيو ويندو آهي ته، شاعر سڄي دنيا جو شهري آهي اهو ڪنهن حد بندي جو محتاج ناهي. مٿين غزل جيان ذلف جي هن غزل ۾ ٻه ڪنايا آهن هڪ “تون” ۽ ٻيو “مان” ان “تون ۽ مان” ۾ وري ٻه لاجواب استعارا به موجود آهن. جن ۾ ايتري وسيع نظريي آهي، جو سڄي ڪائنات جا جوڙا انهن ۾ سمائي سگهجن ٿا، جيئن شيخ اياز چيو:
سڀ ڪا مومل سڀ ڪو راڻو
پنهنجي پنهنجي ڪاڪ سڀن کي
اها وسيع نظر ذلف کي انهن شاعرن جي صف ۾ ٿي بيهاري، جنهن لاءِ دنيا جهان جا اديب ۽ شاعر يا ڄمار جاکوڙيندا رهندا آهن. ذوالفقار جي انهي غزل ۾ هڪ عجيب قسم جي رِٿ ڏسڻ ۾ اچي جو غزل جي هر هڪ بند جي مٿين سٽ ۾ ٻه ماترائون وڌيڪ آهن جڏهن ته مفاست غزل جي مطلع سان هم وزن آهي. ائين سرڪش سنڌي جو هي غزل به آهي.
اکڙين ۾ اٿل آهه غزل ڪيئن چوان
آواز ٻڏل آهه غزل ڪيئن چوان
اڳ جنهن جي سهاري سان پئي ساز کي ڇيڙيم
سا ٻانهن ڀڳل آهه غزل ڪيئن چوان.
طويل يارو سفر کي گڏجي ملي جلي ۽ کلي کٽايون اچو ته وحشت ڀريون اونداهيون طويل راتيون به سڀ مٽايون ذوالفقار جو هي غزل دعوت ٿو ڏئي ايڪي ٻڌي، حب الوطني ۽ منزل جي طرف هلڻ جي. ان سان گڏ هي غزل سواءِ رديف جي آهي، پوءِ به ان ۾ غزل جي نغمگي ڪنهن بحر جيان ڇلي رهي آهي.
جيئن غزل عورتن سان گفتگو جي صنف آهي تيئن گيت وري عورت جي پنهنجي پرينءَ سان گفتگو جو نالو آهي. هاڻي ڏسون ته ذوالفقار اهو عورتاڻو ماحول چٽي سگهيو آهي يا نه؟
رم جهم رم جهم ٿيو وسڪارو
جهومي ديس پيو هي سارو
ڇن ڇن ڇن ڇن
ڇن نن ڇن نن،
تون به هاڻ هليو آ ساجن
مٽجي ڄڻ ڪو مير ويو آ
ساهه ٿو ساري سن سن سن
ڇن ڇن ڇن ڇن
ڇن نن ڇن نن!
برکا جي موسم، ڪڪرن جو وسڻ، ديس ۾ آبادي ٿيڻ، ديس ۾ ڌڻين جو جهمريون پائي خوشيون ملهائڻ ۽ ان ناچ جو آواز ڇن ڇن ڇن ڇن، ڇن نن ڇن نن اهو پايل جو آواز، عورتاڻي احساسن جو عڪاسي ڪري ٿو ۽ اهو شاعر جو فني ڪمال آهي، ذلف سنڌي ٻوليءَ جو هڪ نماڻو شاعر آهي جنهن وٽ دکي انسانن جا احساس موجود آهن ۽ هو انهن کي لفظن جي لڙي ۾ پوئي گيت، غزل بڻائي ڄاڻي، استادن جو چوڻ آهي ته ڪوئي به شاعر ڪنهن هڪ شاهڪار سٽ رچڻ سان وڏو شاعر ٿي سگهي ٿو ته پوءِ اسان جو ذلف به بهترين شاعر آهي.
پيار جي موسم آئي بانورا
پيار جي موسم آئي
توکي ساري وات نهاري
نيڻين ننڊ نه آئي
بانورا
پيار جي موسم آئي
اهوئي ماحول عورتاڻو، اوسيئڙا، يادون ۽ پريتم کي پڪارڻ جا ورلاپ، گيت جي ٻولي، ڪيئن هڪ محبوباڻي لولي بڻجي وڃن ٿا، اها ٻولي اهو سٽاءُ ۽ اهڙا ڪيترائي گيت ذوالفقار جي هن ڪتاب جي سونهن ۽ سوڀيا آهن. ڊاڪٽر ذوالفقار جي هن ڪتاب ۾ اوهان کي عروض ۽ ڇند تي رچيل غزل ۽ گيت اميد ته سٺو ڪن رس بخشيندا. جن ۾ موسيقي ۽ لفظي ردم موجود آهي، ان سان گڏ سادا سلوڻا خيال ۽ اعليٰ درجي جو مفهوم به ملندو.