ذوالفقار جو فن: تاج بلوچ
انهيءَ نئين واٽ تان هلندي، اسان کان اڳ واري ٽهي، نئين عهد جي گهرجن جي پورائي لاءِ بيوس ۽ گل جي ڊڪشن کان ڪي قدر پاسو ڪيو ۽ پنهنجو ناتو، انهيءَ گس سان سلهاڙيو جيڪو فارسي ۽ اردو ڊڪشن جي ويجهو هو، جيڪو گس کانئن اڳ، گدا ۽ سانگي وغيره لتاڙي چڪا هئا، بعد ۾ قاسم، فاضل، بسمل ۽ ٻين به ساڳي واٽ ورتي ۽ سنڌي غزل کي خاص طرح سان، بيوس ۽ گل جي رنگ کان ٻاهر ڪڍي آيا، گيڙو رتي لباس جو رنگ ئي ٻيو ٿي پيو.
انهيءَ رنگ کي حساسيت جي اعتبار کان، پربنائيزڊ ڊڪش جو نالو ڏنو ويو ۽ جهوني پيالي ۽ نئين شراب جي ڳالهه چئي انهيءَ رنگ کي اسان واري ٽهيءَ تائين پهچايو ويو. انهيءَ اربنائيزڊ رنگ جو سرو موڙ پڻ شيخ اياز هو. شيخ اياز جي شاعري خاص طرح سان ڀُؤنر ڀري اُڪاس واري شاعري، گهڻي قدر سانگي، گدا، فاضل بسمل ۽ قاسم وارن جي پربنائيزڊ ڊڪشن کي به پوئتي ڇڏي ويئي جنهن جا اثر، رزق راز، بشير مورياڻي ۽ ٻين ڪيترن ئي عروضي شاعرن قبول ڪيا، ويندي شمشمير الحيدري، تنوير ۽ مون تائين (درد جو صحرا خاص طرح سان) اهو اثر 1970ع تائين قبول ڪيو ويو، بيوس جي شاعراڻي رنگ، معروضي حالتن جي احساس هيٺ 70 کان نئين سنڌي شاعريءَ ۾ پنهنجو ڌاڪو ڄمايو، جيڪو هاڻ پختگيءَ ۾ مڃتا ماڻي چڪو آهي.
انهيءَ کان اڳ جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته غزليه شاعري جنهن جمعيت الشعراء جي طرحي مشاعرن هيٺ، اڌ اکري پڙهندڙن جو خاص ميڙ جوڙيو، انهيءَ سنڌي غزل کي گهڻو پوئتي ڌڪيو ۽ پوءِ جڏهن سنڌي ادبي سنگت 1954ع ۾ ٻيهر فعال ٿي تڏهن سنڌي شاعرن به اک پٽي، انهيءَ اک پٽڻ وارن ۾ گدائي، نياز همايوني، بردو سنڌي، قيوم دراز ۽ تنوير عباسيءَ جا نالا وڏي اهميت جوڳا آهن، جو سنڌي شاعريءَ کي فني ۽ فڪري طور تي بيوس واري گس تي لاٿو.
هڪ اهم ڳالهه ته انهيءَ سموري عمل ۾ ٻه شاعر، نارائڻ شيام ۽ هري دلگير آهن جن بيوس جي ڀَر نه ڇڏي ۽ ان جيان ئي عاليشان، بي مثال ۽ رس ڀريو تخليقي عمل ڏنو، پر شعر ۾ نئين حساسيت ۽ ڌيمي لهجي وارو اتساهڪ شاعر نارائڻ شيام ئي آهي، ان کان پوءِ بردو، تنوير ۽ ٻين جا نالا اچيو وڃن ٿا.
جيڪڏهن ائين چئجي ته هلندڙ دور، بيوس ۽ نارائڻ شيام جو دور آهي ته وڌاءُ نه ٿيندو- اسان جي ذوالفقار سيال به انهيءَ واتا ورڻ ۾ ساهه کنيو آهي، اهو ئي ڪارڻ آهي جو هن جي شاعري، ڊڪشن جي اعتبار کان سولي ۽ سلوڻي آهي، پر اهو سندس ۽ اسان جو گڏيل آهي جو هن جي فن تي بيوس، شيخ اياز، شيخ راز، بشير مورياڻي، تنوير، دلگير، شمشير يا شيام واري گرفت قائم نه ٿي سگهي آهي.
ذوالفقار سيال، پنهنجي شاعريءَ جي شروعات، ٻارن لاءِ شعر لکڻ سان ڪئي ۽ ان سلسلي ۾ سندس 6 مجموعا موجود آهن، جن ٻارن جي ذهني تربيت ۾ وڏو هٿ ونڊايو ۽ اهو شايد ڪو نفسياتي مسئلو آهي، جو هُو ميچوئر هوندي به ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي شعري عمل ۾ تساهل کان ڪم وٺي ٿو. تساهل عارفانه.
هوئن به ڏٺو وڃي ته، ذوالفقار پنهنجي مزاج ۾ لاابالي ۽ Easy going poet آهي ۽ شاعريءَ جي فن ڏانهن مڪمل ڌيان نه ڌري سگهيو آهي، خاص طرح سان سندس هن تازي شعري مجموعي کي نظر مان ڪڍڻ سان معلوم ٿيندو ته گهڻن جاين تي خوفناڪ غلطيون به نظر اچن ٿيون ۽ ٻيو ته لاڙڪاڻي جي لهجي جي ڪري سندس ڊڪشن جا اچار، انهيءَ خطي جي دهقاني ٻوليءَ وارا آهن، جن کي ڪنهن به طور ساهتيه ڊڪشن نٿو چئي سگهجي، پر آهي عام ڳائڻن لاءِ سولا ۽ سڀاويڪ آهن، انهيءَ رمز جي اعتبار کان کيس عوامي شاعر به چئي سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته ماضيءَ جي شيرل باڊاهي، دادن فقير، صوفي بلو ۽ ٻيا ڪيترائي شاعر آهن جن فلمي طرزن تي ڪلام لکيو ۽ اهڙي ڪلام کي گهڻي ڀاڱي مختلف محفلن ۾ ڳايو وڄايو ويو ۽ اهڙي ڪلام، عام ماڻهن جي دل به وندرائي.
نقادن لاءِ چيو ويندو آهي ته اهي ڏاڍا سفاڪ ۽ ظالم ٿيندا آهن، ايتري قدر جو خالق ڪائنات مان به ناهن مڙسندا، جيئن هڪ نقاد، کٽ تي ليٽي ليٽي آسمان ۾ بي ربط ستارن جي هجوم کي ڏسي رڙ ڪئي، اي مالڪ، ڪجهه ته ترتيب ۽ توازن کان ڪم وٺين ها !! سو ممڪن آهي ته ڪي نقاد، ذوالفقار سيال جي هن تازي شعري مجموعي کي به انهيءَ تنقيدي تارازيءَ ۾ تورين، پر آءٌ کين چوندس ته هن ڪتاب ۾ پٿر کڻي وڌيڪ هجن، پر ٿورا موتي اهڙا به آهن، جيڪي پٿرن تي ڳورا آهن:
ڇو ساهي پٽين ٿو، تون جلدي اٿي آ
ڊگهي آهه منزل ۽ ٿوري وٿي آ
عبدالڪريم گدائي جي اهڙي رنگ ۾ سندس اهو شعر اهڙو آهي جيڪو منهنجي خيال ۾، هلندڙ حالتن جي انوسار، ذوالفقار سگهي انقلاب لاءِ ووڙيندڙن جي قطار ۾ بيهڻ ٿو چاهي. هو ساٿين کي ان ڪري ساهي پٽڻ کان روڪي ٿو ۽ جلدي اٿڻ لاءِ چئي ٿو، ڇاڪاڻ ته هو هٿ آيل وقفي يا وٿيءَ کي ماڻي (Avail) منزل تي پهچڻ چاهي ٿو.
ذوالفقار سيال جي شاعريءَ ۾ اهڙا ڪيئي شعر موجود آهن، جن ۾ رمز آهي، ڪنايو آهي ۽ سخن جو معروضي ادراڪ پڻ موجود آهي- باقي اعليٰ ادبي ۽ فڪري رتبو ماڻڻ لاءِ نه رڳو کيس، پر اسان پارن گهڻن کي، اڃا گهڻو ڪجهه درڪار آهي.